bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 31
1 Samuel 31
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
1
هوڏانهن فلستين جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. اتي بني اسرائيل جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجھہ ڀڄي نڪتا.
2
فلستين سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پئي کين سوڙهو ڪيو، نيٺ سائول جي پٽن يونتن، ابينداب ۽ ملڪيشوع کي ماري وڌائون.
3
ويڙهہ سائول کي وڪوڙي ويئي، تيرانداز وڃي کيس پهتا ۽ کيس سخت زخمي ڪري وڌائون.
4
تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، انهيءَ لاءِ تہ متان اڻطهريل اچي مون کي قتل ڪن ۽ مون کي بيعزت ڪن.“ پر هن جي هٿياربردار ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي. تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي تلوار کنئي ۽ انهيءَ تي ئي ڪري پيو.
5
جڏهن سائول جي هٿياربردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي تلوار تي ڪري پيو ۽ ساڻس گڏ مري ويو.
6
اهڙيءَ طرح سائول، سندس ٽي پٽ، سندس هٿياربردار ۽ سندس سڀيئي ماڻهو ساڳئي ئي ڏينهن گڏ مئا.
7
بني اسرائيل جا جيڪي ماڻهو يزرعيل ماٿريءَ جي ٻئي طرف ۽ جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر طرف رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو بہ پنهنجا شهر ڇڏي ڀڄي ويا. پوءِ فلستي اچي انهن تي قبضو ڪري رهڻ لڳا.
8
ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن کي لٽڻ لاءِ آيا، تہ هنن جِلبوعہ جبل تي سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش ڏٺا.
9
تڏهن هنن سائول جي سسي وڍي ڌار ڪئي ۽ سندس بدن تان زرهہ بہ لاٿائونس. پوءِ هنن پنهنجي ملڪ فلستيا ڏانهن قاصدن کي موڪليو، تہ جيئن اهي سندن بتخانن ۾ ۽ ماڻهن کي اها خوشخبري ٻڌائين.
10
هنن اها زرهہ عستارات ديويءَ جي مندر ۾ رکي ۽ سائول جو لاش بيتشان شهر جي ديوار سان سوگھو ٻڌي ڇڏيائون.
11
جڏهن جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي رهاڪن ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڪهڙي حالت ڪئي آهي،
12
تڏهن انهن جا سمورا بهادر ماڻهو اٿيا ۽ راتو رات پنڌ ڪري بيتشان شهر ۾ وڃي پهتا، جتان چوريءَ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش ديوار تان لاٿائون ۽ يبيس شهر ۾ موٽي اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.
13
پوءِ انهن جون هڏيون کڻي يبيس شهر ۾ هڪڙي لئي جي وڻ هيٺ دفن ڪري ڇڏيائون ۽ ستن ڏينهن تائين ڪجھہ بہ نہ کاڌائون.
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31