bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 9
1 Samuel 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 10 →
1
بنيامين قبيلي ۾ هڪڙو وڏو اثررسوخ وارو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس بن ابيايل بن صرور بن بڪورت بن افيخ هو.
2
کيس هڪڙو جوان ۽ خوبصورت پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو. بني اسرائيل ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ پُرڪشش ماڻهو ڪونہ هو. هو ايترو تہ ڊگھو هو جو ٻيا ماڻهو سندس ڪلهن تائين پهچندا هئا.
3
هڪ ڏينهن سائول جي پيءُ قيس جا ڪجھہ گڏهہ گم ٿي ويا. سو قيس پنهنجي پٽ سائول کي چيو تہ ”اُٿ، هڪڙو نوڪر پاڻ سان وٺي وڃي گڏهہ ڳولِ.“
4
تڏهن اهي افرائيم جي ڪوهستان مان ٿيندا سليسہ جي علائقي مان لنگھيا، پر گڏهہ نہ لڌائون. پوءِ هو سعليم جي علائقي مان لنگھيا، پر اتي بہ گڏهہ نہ ملين. تنهن کان پوءِ هو بنيامين جي علائقي مان لنگھيا، اتي بہ گڏهہ ڪونہ لڌن.
5
جڏهن هو صوف جي علائقي ۾ آيا تڏهن سائول نوڪر کي چيو تہ ”هاڻي اچ تہ موٽي هلون، متان بابو گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي اسان جي ڳڻتيءَ ۾ نہ پوي.“
6
پر نوڪر ورندي ڏنس تہ ”سائين، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي جنهن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي، ڇو تہ هو جيڪي چوندو آهي سو سڀ پورو ٿيندو آهي. سو هاڻي هل تہ وٽس هلون، شايد هو اسان کي ٻڌائي ڇڏي تہ اسين ڪهڙو رستو وٺون.“
7
تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”ڀلا جيڪڏهن اسين وٽس هلون تہ انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ ڇا کڻي هلون؟ اسان جي هڙ مان تہ ماني بہ ختم ٿي ويئي آهي، نہ ئي وري اسان وٽ ڪا اهڙي سوکڙي آهي جا انهيءَ خدا جي ٻانهي کي ڏيون. ڇا اسان وٽ ڪجھہ آهي؟“
8
تڏهن نوڪر سائول کي ورندي ڏني تہ ”سائين، مون وٽ ٽي گرام چانديءَ جو هڪ ننڍو سڪو آهي. اهو کڻي آءٌ انهيءَ خدا جي ٻانهي کي ڏيندس تہ جيئن هو اسان کي ڪو رستو ٻڌائي.“
9
تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو.
12
ڇوڪرين ورندي ڏيئي چيو تہ ”هائو، هو هتي آهي ۽ بلڪل اوهان جي سامهون آهي. اوهين شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ساڻس ملي سگھندا. هو اڄ ئي شهر ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ٽڪر واري قربانگاهہ تي ماڻهن کي قرباني ڪرڻي آهي. انهيءَ کان اڳ جو هو ٽڪر واري قربانگاهہ تي دعوت کائڻ لاءِ نڪري وڃي اوهين جلدي ساڻس وڃي ملو. ماڻهو تيستائين کائڻ شروع نہ ڪندا جيستائين هو نہ پهچي، ڇاڪاڻ تہ هو قربانيءَ تي دعا گھرندو آهي، تنهن کان پوءِ دعوت ۾ آيل مهمان کائيندا آهن. تنهنڪري اوهين هينئر ئي مٿي چڙهي ويندا تہ هو اوهان کي ملي ويندو.“
14
تڏهن هو ٻئي مٿي شهر ڏانهن چڙهي ويا. جيئن ئي هو شهر ۾ داخل ٿيا، تيئن ئي سموئيل کي پنهنجي سامهون ايندو ڏٺائون، جيڪو ٽڪر واري قربانگاهہ ڏانهن وڃي رهيو هو.
15
جڏهن تہ سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل تي ظاهر ڪري ڇڏيو هو تہ
16
”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“
17
سو سموئيل جڏهن سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند کيس چيو تہ ”هي اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن جو مون تو سان ذڪر ڪيو هو. اهو ئي ماڻهو منهنجيءَ قوم تي حڪمراني ڪندو.“
18
تڏهن سائول شهر جي ٻاهرين ئي در تي سموئيل جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ غيبدان جو گھر ڪٿي آهي؟“
19
سموئيل کيس ورندي ڏني تہ ”اهو غيبدان آءٌ ئي آهيان. سو اوهين منهنجي اڳيان ٿي هن ٽڪر واري قربانگاهہ ڏانهن چڙهندا هلو. اوهين اڄ مون سان گڏ ماني کائيندا. باقي تنهنجا گڏهہ جيڪي ٽيون ڏينهن گم ٿي ويا هئا، تن جو تون ڪو خيال نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي لڌا آهن. سڀاڻي صبح جو آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس ۽ جيڪي ٻيو ڪجھہ تنهنجي دل ۾ آهي سو آءٌ تو کي ٻڌائيندس. پر بني اسرائيل جي جيڪا اميد آهي سا ڪنهن ۾ پوري ٿيندي؟ اها تو ۾ ۽ تنهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي ۾ پوري ٿيندي.“
21
پر سائول ورندي ڏنس تہ ”ڇا آءٌ اسرائيل جي سڀ کان ننڍي قبيلي بنيامين جو ناهيان؟ پر منهنجو گھراڻو تہ بنيامين قبيلي جي ٻين سڀني گھراڻن کان بہ ننڍو آهي، پوءِ اوهان مون سان اهڙي ڳالهہ ڪيئن ٿا ڪريو؟“
22
پوءِ سموئيل سائول ۽ سندس نوڪر کي وٺي مهمانن واريءَ جاءِ ۾ آيو. مهمان جيڪي اٽڪل ٽيهہ ڄڻا هئا، تن کان هن انهن کي مٿاهين جاءِ تي ويهاريو.
23
سموئيل بورچيءَ کي چيو تہ ”گوشت جو جيڪو ٽڪرو مون تو کي ڌار ڪري رکڻ لاءِ ڏنو هو سو کڻي اچ.“
24
تڏهن بورچيءَ ران جو عمدو ٽڪرو ۽ جيڪي انهيءَ تي هو سو کڻي، آڻي سائول جي اڳيان رکيو. سموئيل چيو تہ ”ڏس، هي اهو ٽڪرو آهي جيڪو تنهنجي لاءِ رکيو ويو هو. اهو پنهنجي اڳيان رکي کاءُ، ڇاڪاڻ تہ مون اهو هن ئي مقرر ٿيل وقت تي تنهنجي کائڻ لاءِ اڳي ئي بچائي رکيو هو، تہ جيئن تون ٻين مدعو ڪيل ماڻهن سان گڏ ويهي کائين.“ سو انهيءَ ڏينهن سائول سموئيل سان گڏجي ماني کاڌي.
25
جڏهن هو انهيءَ ٽڪر واري قربانگاهہ کان لهي شهر ۾ آيا، تڏهن سموئيل رات جي وقت گھر جي ڇت تي ويهي سائول سان گفتگو ڪيو.
26
صبح جو پرهہ ڦٽڻ مهل هو سجاگ ٿيا. تڏهن سموئيل سائول کي ڇت تي سڏ ڪري چيو تہ ”هلو، تہ آءٌ توهان کي اڳڀرو ڪري اچان.“ پوءِ هو اٿيا ۽ سموئيل سان گڏ ٻاهر نڪري ويا.
27
جڏهن هو لهي شهر کان ٻاهر اچي پهتا، تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”پنهنجي نوڪر کي چئُہ تہ هو اسان کان ٿورو اڳتي هلي.“ تڏهن نوڪر ائين ئي ڪيو. پوءِ سموئيل وڌيڪ چيس تہ ”هاڻي تون ڪجھہ دير هتي بيهہ تہ آءٌ تو کي خدا جو پيغام ٻڌايان.“
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31