bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 13
1 Samuel 13
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 14 →
1
سائول ٽيهن سالن جي عمر ۾ بادشاهہ مقرر ٿيو ۽ هن ٻائيتاليهن سالن تائين بني اسرائيل تي حڪومت ڪئي.
2
سائول بني اسرائيل مان ٽي هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ چونڊيا، جن مان ٻہ هزار ماڻهو مڪماس ۽ بيتايل جي جابلو علائقي ۾ ساڻس گڏ هئا ۽ هڪ هزار ماڻهو سندس پٽ يونتن سان گڏ بنيامين قبيلي جي علائقي ۾ جِبعت شهر ۾ هئا. باقي ٻين ماڻهن کي هن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
3
يونتن جِبع شهر ۾ فلستين جي پهريدارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏيو ۽ فلستين کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي. تڏهن سائول سڄي ملڪ ۾ اعلانِ جنگ لاءِ نفيلون وڄرائيون تہ جيئن ڀلي سڀيئي عبراني ٻڌي جنگ لاءِ تيار ٿين.
4
سو جڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي اها خبر پيئي تہ سائول فلستين جي پهريدارن کي مارائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فلستين کي بني اسرائيل کان نفرت ٿي ويئي آهي، تڏهن ماڻهو جنگ لاءِ سائول وٽ جِلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.
5
فلستي بہ بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. انهن ۾ ٽيهہ هزار جنگي گاڏيون، ڇهہ هزار گھوڙي سوار ۽ ايترا تہ بيشمار ماڻهو هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جا ذرڙا. انهن بيتآون جي اوڀر طرف مڪماس وٽ اچي پنهنجا خيما کوڙيا.
6
پوءِ جڏهن هنن بني اسرائيل جي لشڪر تي حملو ڪيو تڏهن هو گھٻرائجي غارن، گھاٽن جھنگن، ٽڪرين، ڏرن ۽ کڏن ۾ وڃي لڪا.
7
انهن مان ڪي اردن درياءُ پار ڪري جد ۽ جِلعاد جي علائقي ڏانهن هليا ويا. پر سائول اڃا بہ جِلجال ۾ ئي رهيل هو ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا سي خوف کان ڏڪندا ٿي رهيا.
8
سائول اتي سموئيل جي مقرر ڪيل وقت موجب ستن ڏينهن تائين ترسيو، مگر سموئيل جِلجال ۾ نہ آيو. تڏهن ماڻهو سائول وٽان ٽڙڻ پکڙڻ لڳا.
9
سو سائول ماڻهن کي چيو تہ ”ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ سلامتيءَ واري قربانيءَ جا جانور مون وٽ آڻيو.“ پوءِ هن ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي.
10
جيئن ئي هن ساڙڻ واري قرباني ڪري بس ڪئي تہ اوچتو سموئيل اچي پهتو. سائول سندس استقبال ڪرڻ ۽ ساڻس ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويو.
11
تڏهن سموئيل کيس چيو تہ ”تو هي ڇا ڪيو آهي؟“ سائول وراڻيو تہ ”جڏهن مون ڏٺو تہ فلستي مڪماس ۾ اچي گڏ ٿي رهيا آهن ۽ ماڻهو مون وٽان ٽڙي پکڙي رهيا آهن ۽ توهان بہ مقرر ڪيل وقت اندر ڪين پهتا،
12
تڏهن مون سوچيو تہ هاڻي فلستي هتي جِلجال ۾ اچي مون تي حملو ڪندا ۽ مون اڃا تائين خداوند جي فضل لاءِ کيس منٿ بہ نہ ڪئي آهي. تنهنڪري مون مجبور ٿي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪئي.“
13
سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو بيوقوفيءَ وارو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوريءَ طرح عمل ڪرين ها تہ اڄ خداوند تنهنجي بادشاهي بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي ها.
14
پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو حڪم خداوند تو کي ڏنو هو، تنهن تي تو عمل نہ ڪيو. سو خداوند هڪڙو اهڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، جيڪو سندس دلي خواهش موجب آهي، جنهن کي هن پنهنجيءَ قوم جو اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“
15
پوءِ سموئيل اٿيو ۽ جِلجال مان نڪري بنيامين جي جِبعت شهر ڏانهن ويو. تڏهن سائول پاڻ سان باقي بچيل ماڻهن کي شمار ڪيو تہ اهي اٽڪل ڇهہ سؤ ٿيا.
16
سائول، سندس پٽ يونتن ۽ جيڪي ماڻهو ساڻن گڏ هئا، سي بنيامين جي جِبع شهر ۾ وڃي رهيا، جڏهن تہ فلستي مڪماس ۾ ئي خيما کوڙيو رهيا پيا هئا.
17
تڏهن فلستين جي خيميگاهہ مان ٽي ٽوليون حملي ڪرڻ وارن جون نڪتيون، جن مان هڪڙي ٽوليءَ انهيءَ رستي ڏانهن رخ ڪيو، جيڪو سعال جي علائقي ۾ عفراہ شهر تائين ٿو وڃي.
18
ٻي ٽوليءَ ڦري بيتحورون جو رستو ورتو ۽ ٽين ٽولي انهيءَ سرحد واري رستي سان وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي ماٿري بيابان واري طرف ڏسڻ ۾ پئي آئي.
19
بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ ڪوبہ لوهار هٿ نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ تہ فلستين اها دورانديشي ڪئي هئي تہ ڪوبہ بني اسرائيل لوهار نہ هجي تہ جيئن عبراني ماڻهو پنهنجي لاءِ تلوارون يا ڀالا نہ ٺهرائين.
20
تنهنڪري بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو پنهنجا گھوٻا، ٽيڪم، ڪهاڙا ۽ ڏاٽا فلستين وٽ کڻي وڃي تکا ڪرائيندا هئا.
21
پر هو گھوٻن ۽ ٽيڪمن کي تکي ڪرڻ لاءِ ٻہ چانديءَ جا سڪا ۽ ڪهاڙن، رنبين ۽ ٽيانگھين کي تکي ڪرڻ لاءِ هڪ چانديءَ جو سڪو وٺندا هئا.
22
تنهنڪري جنگ واري ڏينهن سائول ۽ سندس پٽ يونتن کان سواءِ ٻيا جيڪي بہ ماڻهو ساڻن هئا، تن مان ڪنهن کي بہ تلوار يا ڀالو هٿ ۾ ڪين هو.
23
هوڏانهن فلستين پنهنجي سپاهين جي هڪڙي ٽولي مڪماس جي لڪ جي حفاظت لاءِ رواني ڪئي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31