bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 16
1 Samuel 16
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 17 →
1
خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيتلحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“
2
سموئيل وراڻيو تہ ”آءٌ ڪيئن وڃان؟ ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن سائول اها ڳالهہ ٻڌي تہ هو مون کي ماري ڇڏيندو.“ خداوند چيس تہ ”هڪڙي گابي پاڻ سان ڪاهہ ۽ چئج تہ ’آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ آيو آهيان.‘
3
قربانيءَ تي يسيءَ کي بہ دعوت ڏجانءِ. پوءِ آءٌ تو کي ٻڌائيندس تہ تو کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي. جنهن ماڻهوءَ جي نالي آءٌ تو کي چوان تنهن کي تون بادشاهہ ٿيڻ لاءِ منهنجي طرفان مسح ڪجانءِ.“
4
سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هو جڏهن بيتلحم ۾ آيو تہ شهر جا اڳواڻ ڏڪندا سندس استقبال لاءِ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون خير سان تہ آيو آهين؟“
5
هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ خير سان آيو آهيان. آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني پيش ڪرڻ آيو آهيان. سو اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ مون سان گڏ قرباني ڪرڻ هلو.“ اهڙيءَ طرح هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي بہ پاڪ ڪرايو ۽ کين قربانيءَ جي دعوت ڏنائين.
6
جڏهن اهي اتي اچي پهتا تڏهن يسيءَ جي پٽ الياب ڏانهن نهاري سموئيل دل ۾ چيو تہ ”پڪ سان خداوند جو مقرر ڪيل اهو آهي جيڪو خداوند اڳيان بيٺو آهي.“
7
پر خداوند سموئيل کي چيو تہ ”هن جي چهري يا قد جي اوچائيءَ تي نظر نہ ڪر. آءٌ هن کي لائق نہ ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انسان وانگر نہ ڏسندو آهيان. انسان ظاهري صورت کي ٿو ڏسي پر آءٌ خداوند دل تي نظر ٿو ڪريان.“
8
تڏهن يسيءَ پنهنجي ٻئي پٽ ابينداب کي سڏي سموئيل جي اڳيان آندو. پر سموئيل چيو تہ ” خداوند هن کي بہ ڪين چونڊيو آهي.“
9
تڏهن يسيءَ ٽئين پٽ سمہ کي اڳيان آندو. پر سموئيل چيو تہ ”هن کي بہ خداوند ڪين چونڊيو آهي.“
10
اهڙيءَ طرح يسيءَ پنهنجي ستن پٽن کي سموئيل جي اڳيان پيش ڪيو. مگر سموئيل چيس تہ ”هنن مان خداوند ڪنهن کي بہ ڪين چونڊيو آهي.“
11
تڏهن سموئيل يسيءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجا سمورا پٽ اهي ئي آهن ڇا؟“ يسيءَ وراڻيو تہ ”سڀني کان ننڍو اڃا باقي آهي، جيڪو رڍون چارڻ ويو آهي.“ تڏهن سموئيل چيس تہ ”انهيءَ کي گھرائي وٺ، ڇاڪاڻ تہ جيستائين هو هتي نہ ايندو تيستائين اسين ڪجھہ نہ ڪنداسين.“
12
سو يسيءَ هن کي گھرائي ورتو ۽ اندر وٺي آيس. هن جو رنگ ڳاڙهو هو، سندس اکيون خوبصورت هيون ۽ هو سهڻو هو. تڏهن خداوند سموئيل کي چيو تہ ”اُٿ، هن کي بادشاهہ ٿيڻ لاءِ مسح ڪر، ڇو تہ هي اهو ئي آهي.“
13
پوءِ سموئيل سڱ ۾ پيل زيتون جو تيل کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي روبرو مسح ڪيائين. انهيءَ ڏينهن کان وٺي خداوند جو روح دائود تي هميشہ نازل ٿيندو رهيو. پوءِ سموئيل اٿيو ۽ رامہ شهر ڏانهن روانو ٿيو.
14
هيڏانهن وري خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو ۽ خداوند جي طرفان موڪليل هڪڙو ستائيندڙ روح اچي کيس ستائڻ لڳو.
15
سائول جي نوڪرن کيس چيو تہ ”جيئن تہ خدا جي طرفان موڪليل ستائيندڙ روح اچي توهان کي ستائي ٿو،
16
سو اي آقا! اسين اوهان جا نوڪر، جيڪي توهان جي اڳيان حاضر آهيون، تن کي حڪم ڪريو تہ ڪو اهڙو ماڻهو ڳولي وٺي اچون جيڪو سُرندو وڄائڻ ۾ ماهر هجي. پوءِ جڏهن اهو ستائيندڙ روح خدا وٽان توهان تي ايندو، تڏهن اهو ماڻهو پنهنجي هٿ سان سُرندو وڄائيندو تہ توهين چڱا ڀلا ٿي پوندا.“
17
تڏهن سائول پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”هڪڙو سٺو سُرندو وڄائڻ وارو ماڻهو منهنجي لاءِ ڳولي کيس مون وٽ وٺي اچو.“
18
سندس نوڪرن مان هڪڙي وراڻيو تہ ”مون بيتلحم واري يسيءَ جو پٽ ڏٺو آهي، جيڪو سُرندي وڄائڻ ۾ تمام ماهر آهي. هو ڏاڍو بهادر ۽ جنگي جوان آهي. هو ڳالهائڻ ۾ هوشيار، هڪ خوبصورت ماڻهو آهي ۽ خداوند هن ساڻ آهي.“
19
سو سائول يسيءَ ڏانهن قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ ”تنهنجو پٽ دائود جيڪو رڍن ٻڪرين سان هوندو آهي، تنهن کي مون وٽ موڪلي ڏي.“
20
تڏهن يسيءَ هڪڙي گڏهہ تي مانيون، پراڻي مئي جي سانداري ۽ هڪڙو ڇيلو رکي اهو پنهنجي پٽ دائود جي هٿان سائول ڏانهن ڏياري موڪليو.
21
جڏهن دائود سائول وٽ پهچي سندس خدمتگار بڻيو، تڏهن هو سائول کي ايترو تہ وڻيو جو هن کيس پنهنجو هٿياربردار مقرر ڪيو.
22
پوءِ سائول يسيءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيئن تہ دائود مون کي پسند آيو آهي، تنهنڪري تون کيس مون وٽ رهڻ ڏي.“
23
انهيءَ کان پوءِ جڏهن بہ ستائيندڙ روح خدا وٽان سائول تي ايندو هو تڏهن دائود سُرندو کڻي وڄائيندو هو، تہ سائول کي راحت ملندي هئي ۽ هو چڱو ڀلو ٿي پوندو هو، ڇاڪاڻ تہ ستائيندڙ روح کيس ڇڏي ويندو هو.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31