bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 12
1 Samuel 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 13 →
1
پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪي اوهان مون کي چيو، سو سڀ مون مڃيو ۽ اوهان جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيم.
2
هاڻي ڏسو، اوهان کي بادشاهہ آهي جيڪو اوهان جي اڳواڻي ڪندو. آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجو مٿو بہ اڇو ٿي ويو آهي. پر منهنجا پٽ اوهان سان گڏ آهن. مون ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي.
3
اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“
4
تڏهن هنن ورندي ڏنس تہ ”تو اسان کي نڪي ٺڳيو آهي، نڪي اسان تي ڪو ظلم ڪيو آهي ۽ نہ وري تو ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪا شيءِ ورتي آهي.“
5
تنهن تي سموئيل کين چيو تہ ” خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ اڄ اوهان تي شاهد آهن تہ اوهان مون کي بلڪل بيداغ ڏٺو.“ هنن چيو تہ ”بيشڪ خداوند ۽ بادشاهہ اسان تي شاهد آهن.“
6
پوءِ سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ”اهو خداوند ئي آهي جنهن موسيٰ ۽ هارون کي مقرر ڪيو ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندائين.
7
تنهنڪري هاڻي ڌيان ڏيئي ٻڌو، تہ آءٌ اهي نيڪيءَ جا ڪم جيڪي خداوند اوهان سان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا تن کي اوهان وساري ڇڏيو، سي ئي ڪم آءٌ خداوند جي روبرو اوهان تي ثابت ڪريان ٿو.
8
جڏهن يعقوب پنهنجي گھراڻي سميت مصر ۾ آيو ۽ مصري کين ستائڻ لڳا، تڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ فرياد ڪيو. سو خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آڻي هتي اچي آباد ڪيو.
9
پر هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو. سو خداوند انهن کي حصور شهر جي فوج جي سپهہسالار سيسرا جي هٿان، فلستين جي هٿان ۽ موآب جي بادشاهہ جي هٿان شڪست ڏياري کين انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
10
پوءِ اهي خداوند کي پڪاري چوڻ لڳا تہ ’بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو تو خداوند کي ڇڏي بعليم ۽ عستارات ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿئون. پر هاڻي تون اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ تہ اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون.‘
11
تڏهن خداوند جِدعون، برق، افتاح ۽ آخر ۾ مون سموئيل کي موڪليو. اسان مان هر ڪنهن اوهان کي اوهان جي دشمنن، جيڪي اوهان جي چوڌاري هئا، تن جي هٿان ڇڏايو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهندا آيا.
12
پوءِ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي چڙهائي ڪري آيو، تڏهن اوهان مون کي چيو تہ ’اسان تي بہ هڪڙو بادشاهہ بادشاهي ڪري،‘ جيتوڻيڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.
13
سو هاڻي اهو ئي اوهان جو بادشاهہ آهي، جنهن کي اوهان چونڊيو آهي ۽ جيڪو اوهان گھُري ورتو آهي. ڏسو، خداوند اوهان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.
14
تنهنڪري جيڪڏهن اوهين خداوند جو خوف ڪندا رهندا، سندس عبادت ڪندا، انهيءَ جا ئي حڪم مڃيندا ۽ سندس خلاف باغي نہ ٿيندا، هائو، جيڪڏهن اوهين توڙي اهو بادشاهہ جيڪو اوهان تي بادشاهي ٿو ڪري، ٻئي خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن جي پوري پيروي ڪندا تہ اهو اوهان ۽ اوهان جي بادشاهہ لاءِ چڱو ٿيندو.
15
پر جيڪڏهن اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، بلڪ خداوند جي حڪمن جي خلاف ٿيندا، تہ پوءِ خداوند اوهان جي ۽ اوهان جي بادشاهہ جي خلاف ٿيندو.
16
سو هاڻي اوهين ماٺ ڪري بيهو ۽ اهو وڏو ڪم ڏسو جيڪو خداوند اوهان جي اکين اڳيان ڪرڻ وارو آهي.
17
ڇا هيءَ ڪڻڪ جي لاباري واري خشڪ موسم نہ آهي؟ پر آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ هو گجگوڙون ۽ مينهن موڪلي. پوءِ اوهين ڄاڻيندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُري اوهان خداوند جي نظر ۾ ڪيڏي نہ وڏي بڇڙائي ڪئي آهي.“
18
پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو تہ خداوند انهيءَ ئي ڏينهن گجگوڙون ۽ مينهن موڪليا. تڏهن سڀيئي ماڻهو خداوند ۽ سموئيل کان تمام گھڻو ڊنا.
19
سو سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ ”تون اسان پنهنجي ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گھُر، تہ اسين مري نہ وڃون، ڇاڪاڻ تہ اسان پنهنجن سمورن گناهن مٿان هيءَ بڇڙائي بہ وڌائي ڇڏي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُريو اٿئون.“
20
تڏهن سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ. هيءَ سموري بڇڙائي تہ اوهان برابر ڪئي آهي، پر تنهن هوندي بہ خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان نہ ڦرو، بلڪ اوهين پنهنجي دل وَ جان سان خداوند جي عبادت ڪريو.
21
اوهين ٻين معبودن جي پٺيان نہ لڳو، جيڪي نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو ٿا ڏيئي سگھن ۽ نہ اوهان کي بچائي ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا آهن.
22
خداوند پنهنجي عظيم نالي جي سببان، پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي ڪين ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي مرضيءَ موجب اوهان کي پنهنجي قوم بڻايو آهي.
23
باقي رهيس آءٌ، سو خدا شل ائين نہ ڪري جو اوهان جي حق ۾ دعا گھُرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گنهگار ٿيان، بلڪ آءٌ اوهان کي چڱي ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.
24
اوهين رڳو ايترو ڪريو جو خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ دل وَ جان سان ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪريو. ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪيڏا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن!
25
پر جيڪڏهن اڃا بہ اوهين بڇڙائيءَ وارا ڪم ڪندا رهندا، تہ اوهين توڙي اوهان جو بادشاهہ سڀيئي چٽ ٿي ويندا.“
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31