bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 18
1 Samuel 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 19 →
1
دائود جڏهن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي، تنهن ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس سندس پيءُ جي گھر ڏانهن موٽي وڃڻ نہ ڏنائين. هوڏانهن سائول جي پٽ يونتن جي دائود سان ايتري تہ دل اٽڪي ويئي جو هو دائود سان پنهنجيءَ جان جيان محبت ڪرڻ لڳو
3
۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.
4
يونتن پنهنجو چوغو، جيڪو بدن تي هئس، سو لاهي پنهنجي زرهہ سميت دائود کي ڏنو، ايتري قدر جو پنهنجي تلوار، تيرڪمان ۽ ڪمربند بہ کيس ڏنائين.
5
سائول جيڏانهن بہ دائود کي موڪليندو هو، اوڏانهن هو ويندو هو ۽ ڪامياب ٿي موٽي ايندو هو. انهيءَ ڪري سائول کيس فوج ۾ هڪ اعليٰ رتبو ڏنو. اها ڳالهہ سڀني ماڻهن ۽ سائول جي سالارن کي پسند آئي.
6
دائود جي فلستي جالوت کي قتل ڪرڻ کان پوءِ جڏهن لشڪر پنهنجي گھرن ڏانهن واپس اچي رهيو هو، تڏهن بني اسرائيل جي سڀني شهرن مان عورتون خوشيءَ جا گيت ڳائينديون، نچنديون ۽ دڦ ۽ تار وارا ساز وڄائينديون سائول بادشاهہ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.
7
انهن عورتن نچندي هيئن ٿي ڳايو تہ ”سائول تہ ماريو هزارن کي، پر دائود ماريو لکن کي.“
8
سائول کي اها ڳالهہ نہ وڻي، سو هو ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هو دل ۾ چوڻ لڳو تہ ” دائود جي نسبت ۾ تہ هو لک ٿيون چون ۽ منهنجي نسبت ۾ رڳو هزار! سو بادشاهيءَ کان سواءِ هن کي باقي ٻيو ڇا ملڻ لاءِ وڃي بچيو آهي؟“
9
انهيءَ ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي حسد جي نگاهہ سان ڏسڻ لڳو.
10
ٻئي ڏينهن هڪڙو ستائيندڙ روح خدا جي طرفان سائول تي نازل ٿيو ۽ هو پنهنجي گھر ۾ هل مچائڻ لڳو. تنهن تي دائود روزانو وانگر سُرندو وڄائڻ لڳو. ان وقت سائول جي هٿ ۾ نيزو هو.
11
سو هن ائين دل ۾ چوندي پنهنجو نيزو اڇلايو تہ ”آءٌ دائود کي ڀت ۾ ٽُنبي ڇڏيندس.“ پر دائود ٻہ دفعا سندس نشانو گسائي ويو.
12
تڏهن سائول دائود کان ڊنو، ڇاڪاڻ تہ خداوند دائود سان هو ۽ سائول کي ڇڏي ڏنو هئائين.
13
تنهنڪري سائول دائود کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو ۽ کيس هڪ هزار سپاهين جو سالار مقرر ڪري ڇڏيائين. هو انهيءَ لشڪر جي اڳواڻي ڪندو هو.
14
دائود هر ڪم ۾ ڪاميابي ماڻيندو هو ڇو تہ خداوند ساڻس گڏ هو.
15
سائول هن جي ڪاميابيون ڏسي ويتر کانئس ڊڄڻ لڳو.
16
پر يهوداہ ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جا سڀيئي ماڻهو دائود کي پيار ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو سندن ڪاميابيءَ سان اڳواڻي ڪندو رهندو هو.
17
پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ” دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“
18
دائود سائول کي وراڻيو تہ ”آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجي پيءُ جو گھراڻو بني اسرائيل ۾ ڪهڙي حيثيت ٿو رکي جو آءٌ بادشاهہ جو ناٺي ٿيان؟“
19
پر پوءِ شاديءَ وقت سائول پنهنجي ڌيءَ ميرب دائود سان پرڻائڻ بجاءِ اها عدريايل محولاتيءَ کي پرڻائي ڏني.
20
هوڏانهن سائول جي ٻي ڌيءَ ميڪل دائود سان محبت ڪندي هئي. جڏهن سائول کي اهو ٻڌايو ويو تہ کيس اها ڳالهہ پسند آئي.
21
هن سوچيو تہ ”آءٌ اها دائود کي ئي ڏيندس تہ ڀلي اها هن جي لاءِ ڦندو ٿئي ۽ هو فلستين هٿان مارجي وڃي.“ تڏهن هن ٻئي ڀيري دائود کي چيو تہ ”تون هاڻي منهنجو ناٺي ٿيندين.“
22
پوءِ سائول پنهنجي عملدارن کي حڪم ڏنو تہ ” دائود کي ڳجھيءَ طرح ڳالهيون ڪندي چئو تہ ’ڏس، بادشاهہ تو مان خوش آهي ۽ سندس سڀيئي عملدار تو کي پيار ٿا ڪن. تنهنڪري هاڻي تون بادشاهہ جو ناٺي ٿيءُ.‘“
23
سائول جي عملدارن اهي ڳالهيون وڃي دائود جي ڪن ۾ وڌيون. دائود کين ورندي ڏني تہ ”مون جهڙي غريب ۽ حقير ماڻهوءَ لاءِ بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ تمام وڏي ڳالهہ آهي.“
24
تڏهن عملدارن وڃي سائول کي وڃي ٻڌايو تہ ” دائود هيئن ٿو چوي.“
25
سائول کين چيو تہ ”اوهين دائود کي وڃي چئو تہ ’بادشاهہ ڪوبہ ڪابين وٺڻ نہ ٿو گھري. هو رڳو پنهنجي دشمن فلستين کان بدلي وٺڻ طور هڪ سؤ مئل فلستين جون طهر واريون کلڙيون وٺندو.‘“ اهڙيءَ طرح سائول منصوبو ٺاهيو تہ جيئن دائود فلستين جي هٿان مارجي وڃي.
26
جڏهن سندس عملدارن دائود کي اهو نياپو وڃي ٻڌايو، تڏهن هو بادشاهہ جي ناٺي ٿيڻ تي راضي ٿيو. شاديءَ لاءِ مقرر ٿيل ڏينهن کان اڳ ۾ ئي،
27
دائود اٿيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي ساڻ ڪري فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماري، انهن جون طهر واريون کلڙيون کڻي آيو. هنن اهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون تہ جيئن دائود سندس ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل دائود کي پرڻائي ڏني.
28
جڏهن سائول پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو تہ خداوند دائود سان آهي ۽ سندس ڌيءَ ميڪل بہ هن سان محبت ٿي ڪئي،
29
تڏهن هو دائود کان اڃا بہ وڌيڪ ڊڄڻ لڳو ۽ هميشہ جي لاءِ دائود جو دشمن ٿي پيو.
30
پوءِ جڏهن بہ فلستين جا سردار نڪري اچي حملو ڪندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني سالارن کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندو هو. اهڙيءَ طرح سندس نالو تمام مشهور ٿي ويو.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31