bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 29
1 Samuel 29
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 30 →
1
فلستين پنهنجا سمورا لشڪر آڻي افيق شهر وٽ گڏ ڪيا، جڏهن تہ بني اسرائيل پنهنجا خيما يزرعيل جي ماٿريءَ ۾ چشمي وٽ کوڙيا هئا.
2
جڏهن فلستين جا پنج ئي سردار پنهنجن سون ۽ هزارن جي ٽولن سان وڌي اڳتي هليا ۽ دائود پنهنجي ماڻهن سميت اڪيس بادشاهہ سان گڏ انهن جي پٺيان هليو،
3
تڏهن فلستي لشڪرن جي سالارن چيو تہ ”هي عبراني هتي ڇو آيا آهن؟“ اڪيس کين وراڻيو تہ ”ڇا هي بني اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو اعليٰ عملدار دائود نہ آهي، جيڪو مون سان هيترا ڏينهن بلڪ هيترا سال گڏ رهيو آهي؟ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ فرق محسوس ڪونہ ڪيو آهي.“
4
پر فلستين جا سالار اڪيس تي ڪاوڙيا ۽ کيس چيائون تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽايو تہ هو انهيءَ جاءِ تي موٽي وڃي جيڪا توهان هن جي لاءِ مقرر ڪئي آهي. هو اسان سان گڏ جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي آقا سان هنن ماڻهن جي سسين کان سواءِ ڪيئن ٺاهہ ڪري ٿو سگھي؟
5
ڇا هي اهو ئي دائود ناهي، جنهن بابت نچندي ڳائيندي چيو ويو هو تہ ’سائول تہ ماريو هزارن کي پر دائود ماريو لکن کي‘؟“
6
تڏهن اڪيس دائود کي سڏي چيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ تون وفادار ماڻهو آهين ۽ مون سان گڏ تنهنجو لشڪر سان گڏجي هلڻ منهنجي نظر ۾ چڱو آهي، ڇاڪاڻ تہ جنهن ڏينهن تون مون وٽ آيو هئين، تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون تو ۾ ڪوبہ فرق محسوس ڪونہ ڪيو آهي. انهيءَ هوندي بہ سالار تو مان راضي نہ آهن.
7
تنهنڪري هاڻي تون سلامتيءَ سان موٽي هليو وڃ ۽ ڪابہ اهڙي ڳالهہ نہ ڪر جنهن سان فلستين جا سالار ناراض ٿين.“
8
تڏهن دائود اڪيس کي چيو تہ ”مون ڇا ڪيو آهي؟ جيترو وقت آءٌ توهان وٽ رهيو آهيان، اوتري وقت ۾ اڄ ڏينهن تائين توهان پنهنجي هن ٻانهي ۾ ڇا ڏٺو آهي جو آءٌ پنهنجي آقا، توهان بادشاهہ جي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نہ وڃان؟“
9
اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي فرشتن جهڙو نيڪ آهين. مگر فلستين جي سالارن چيو آهي تہ تون اسان سان جنگ تي نہ هل.
10
تنهنڪري هاڻي تون ۽ تنهنجي آقا سائول جا نوڪر، جيڪي تو سان گڏ آيا هئا سي صبح جو اُٿي سوجھري ٿيڻ مهل روانا ٿي وڃو.“
11
سو دائود پنهنجي ماڻهن سميت فلستين جي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ صبح جو سوير اٿيو ۽ فلستي يزرعيل جي ماٿريءَ ڏانهن روانا ٿي ويا.
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31