bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 23
1 Samuel 23
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 24 →
1
دائود کي ٻڌايو ويو تہ فلستين قعيلہ شهر تي حملو ڪيو آهي ۽ اهي اناج جي ديرن کي لٽي رهيا آهن.
2
تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار ۽ قعيلہ شهر کي بچاءِ.“
3
پر دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اسين تہ هتي يهوداہ ۾ ئي ويٺا ڊڄون، سو جيڪڏهن اسين قعيلہ ڏانهن وڃي فلستي لشڪر جي مقابلي ۾ بيهنداسين تہ اسان کي ڪيڏو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟“
4
تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، تنهن تي خداوند وراڻي ڏنس تہ ”اُٿ، قعيلہ شهر ڏانهن لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي فلستين مٿان فتح ڏيندس.“
5
تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو قعيلہ ڏانهن ويا ۽ وڃي فلستين سان وڙهيا. انهن ۾ ڏاڍي خونريزي ڪيائون ۽ سندن چوپايو مال ڪاهيائون. اهڙيءَ طرح دائود قعيلہ جي ماڻهن کي بچايو.
6
جڏهن ابيياتر ولد اخيملڪ ڀڄي دائود وٽ قعيلہ ۾ آيو هو تہ پاڻ سان مذهبي وڳو بہ کڻي آيو هو.
7
سائول کي جڏهن خبر پيئي تہ دائود قعيلہ شهر ۾ آيو آهي، تڏهن هو چوڻ لڳو تہ ”خدا دائود کي منهنجي چنبي ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙي شهر ۾ اچي گھڙيو آهي جنهن کي چوڌاري ڪوٽ آهي، سو هو هاڻي قيد ۾ آهي.“
8
پوءِ سائول سڀني ماڻهن کي سڏايو تہ جيئن قعيلہ شهر ۾ لهي دائود ۽ سندس ماڻهن کي گھيرو ڪن.
9
دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جا منصوبا پيو جوڙي، تڏهن هن ابيياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مذهبي وڳو کڻي اچ.“
10
پوءِ دائود چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند ، بني اسرائيل جا خدا! تنهنجي هن ٻانهي ٻڌو آهي تہ سائول قعيلہ ۾ اچي منهنجي ڪري شهر کي برباد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
11
پوءِ ڇا قعيلہ جا ماڻهو مون کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا؟ ڇا جيئن تنهنجي هن ٻانهي ٻڌو آهي، تيئن سائول هيڏانهن ايندو؟ اي خداوند ، بني اسرائيل جا خدا! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي اها خبر ڏي.“ خداوند وراڻيو تہ ”هو ايندو.“
12
دائود وري پڇيو تہ ”ڇا قعيلہ جا ماڻهو مون کي ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندا؟“ خداوند فرمايو تہ ”هو توهان کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا.“
13
تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو، جيڪي اٽڪل ڇهہ سؤ هئا، سي اٿيا ۽ قعيلہ شهر مان نڪري جيڏانهن منهن آين تيڏانهن هليا ويا. سائول کي جڏهن اها خبر پيئي تہ دائود قعيلہ مان ڀڄي ويو آهي، تڏهن هو اوڏانهن ڪونہ ويو.
14
دائود زيف شهر جي ويجھو بيابان واري جابلو علائقي ۾ وڃي لڪي رهڻ لڳو. سائول روزانو دائود جي ڳولا ڪندو پئي رهيو، پر خدا کيس سندس هٿن ۾ نہ ڏنو.
15
دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي. جڏهن دائود زيف جي بيابان جي ٻيلي منجھہ هو،
16
تڏهن سائول جو پٽ يونتن ٻيلي ۾ دائود وٽ آيو ۽ کيس خدا جي يقيني حفاظت بابت همتايائين.
17
کيس چيائين تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ تو تائين ڪين پهچندو، بلڪ تون بني اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين ۽ تو کان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو. انهيءَ ڳالهہ جي منهنجي پيءُ سائول کي بہ خبر آهي.“
18
پوءِ انهن ٻنهي خداوند جي آڏو پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، جنهن بعد دائود ٻيلي ۾ ئي رهي پيو ۽ يونتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.
19
ان کان پوءِ زيف شهر جا ڪي ماڻهو جِبعت شهر ڏانهن سائول وٽ ويا ۽ چيائونس تہ ” دائود اسان جي علائقي جي ڏکڻ واري بيابان جي حڪيلہ ٽڪر واري ٻيلي ۾ لڪل آهي.
20
تنهنڪري اي بادشاهہ سلامت! توهان پنهنجي دل جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ اسان جي علائقي ۾ هلو. اهو اسان جو ذمو آهي تہ اسين دائود کي آڻي توهان جي هٿن ۾ ڏينداسين.“
21
سائول کين وراڻيو تہ ”شل خداوند جي اوهان تي برڪت هجي، جو اوهان مون تي ايڏي مهرباني ڪئي آهي.
22
پر ڀلائي ڪري وڃو ۽ وڃي وڌيڪ پڪ ڪريو. جتي هو اڪثر رهي ٿو اها جاءِ ڏسو ۽ خبر رکو تہ ڪنهن هن کي اتي ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون کي ٻڌايو ويو آهي تہ هو ڏاڍي چالاڪيءَ سان ٿو هلي.
23
تنهنڪري ڏسو، هن جي لڪڻ واريون سڀ جايون معلوم ڪريو ۽ پڪي معلومات کڻي وري مون وٽ اچو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس ۽ جيڪڏهن هو يهوداہ ملڪ ۾ هوندو تہ آءٌ انهيءَ پوري ملڪ مان هن کي ڳولي ڪڍندس.“
24
تڏهن هو اٿيا ۽ سائول کان اڳ ۾ زيف شهر ڏانهن روانا ٿيا. هوڏانهن دائود ۽ سندس ماڻهو معون بيابان ۾ هئا، جيڪو زيف واري بيابان جي ڏکڻ طرف ميدان ۾ آهي.
25
تڏهن سائول ۽ سندس ماڻهو دائود کي ڳولڻ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن دائود کي اها خبر ڏني ويئي تڏهن هو انهيءَ ٽڪريءَ واري پاسي آيو جيڪا معون جي بيابان ۾ ئي هئي. جڏهن سائول اهو ٻڌو تڏهن هو معون جي بيابان ۾ دائود جي پٺيان پيو.
26
سائول جبل جي هڪڙي پاسي هو تہ دائود ۽ سندس ماڻهو جبل جي ٻئي پاسي هئا. سائول کان ڀڄي وڃڻ لاءِ دائود تڪڙو تڪڙو ٿي هليو، جڏهن تہ سائول ۽ سندس ماڻهو دائود ۽ سندس ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ هنن کي چوڌاري وڪوڙيندا ٿي ويا.
27
ان وقت ئي سائول وٽ هڪڙو قاصد آيو جنهن اچي چيس تہ ”جلدي موٽي هل، ڇاڪاڻ تہ ملڪ تي فلستين اچي ڪاهہ ڪئي آهي.“
28
سو سائول دائود جو پيڇو ڇڏي فلستين جي مقابلي لاءِ موٽي آيو. انهيءَ سبب انهيءَ جاءِ جو نالو ”بچي نڪرڻ جو ٽڪر“ پئجي ويو.
29
پوءِ دائود اتان نڪري عينجديءَ جي پهاڙي علائقي ۾ وڃي رهڻ لڳو.
← Chapter 22
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 24 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31