bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 4
1 Samuel 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 5 →
1
انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃي عبنعزر هنڌ وٽ تنبو کوڙيا ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق علائقي ۾ وڃي هنيا.
2
فلستين بني اسرائيل جي سامهون صفون ٻڌيون ۽ جنگ شروع ڪيائون. سخت جنگ کان پوءِ هنن بني اسرائيل کي شڪست ڏني ۽ جنگ جي ميدان ۾ بني اسرائيل جا اٽڪل چار هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون.
3
جڏهن بني اسرائيل جا باقي ماڻهو لشڪرگاهہ ۾ موٽي آيا تڏهن انهن جي اڳواڻن چيو تہ ” خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان ڇو شڪست ڏياري؟ اچو تہ خداوند جي عهد واري صندوق سيلا شهر مان هتي پاڻ وٽ کڻي اچون، انهيءَ لاءِ تہ اها اسان وٽ هجي تہ جيئن اسين پنهنجن دشمنن کان بچايا وڃون.“
4
سو انهن سيلا شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا جيڪي اُتان اها عهد واري صندوق ، جنهن تي پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي وچ ۾ قادرِمطلق خداوند تختنشين هو، سا کڻي آيا. عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس خدا جي عهد واري صندوق سان گڏ هئا.
5
جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق لشڪرگاهہ ۾ اچي پهتي، تڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خوشيءَ مان ايڏا تہ زور سان واڪا ڪيا جو زمين ڌڏڻ لڳي.
6
فلستين جڏهن انهن واڪن جو آواز ٻڌو تڏهن هو چوڻ لڳا تہ ”عبرانين جي لشڪرگاهہ ۾ هيڏن وڏن واڪن جو مطلب ڇا آهي؟“ پوءِ جڏهن کين خبر پيئي تہ خداوند جي عهد واري صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي آهي،
7
تڏهن هو ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هنن جا معبود هنن جي لشڪرگاهہ ۾ آيا آهن. هاڻي اسان سان ويل ٿيو! هن کان اڳ تہ اسان جو ههڙو حال ڪڏهن ڪونہ ٿيو هو.
8
اسان سان ويل ٿيو! ڪير اسان کي هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان ڇڏائيندو. هي تہ اُهي ئي معبود آهن، جن مصرين کي هر قسم جي آفتن سان بيابان ۾ ماريو.
9
اي فلستيؤ! مضبوط ٿيو ۽ مڙسي ڪريو، متان اوهين عبرانين جا غلام نہ بڻجي وڃو جيئن هو اوهان جا بڻيا هئا. سو مڙس ٿي وڙهو.“
10
تڏهن فلستين سخت جنگ ڪئي ۽ بني اسرائيل کي شڪست ڏنائون. پوءِ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن وٺي ڀڳا. تمام گھڻي خونريزي ٿي ۽ بني اسرائيل جا ٽيهہ هزار ماڻهو مارجي ويا.
11
خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.
12
تڏهن بنيامين قبيلي جو هڪڙو ماڻهو جنگ جي ميدان کان ڀڄندو ساڳئي ئي ڏينهن اچي سيلا ۾ پهتو. هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين.
13
ان وقت عيلي جيڪو خدا جي عهد واري صندوق لاءِ تمام گھڻو فڪرمند هو، سو رستي وٽ ڪرسيءَ تي ويٺي انتظار ڪري رهيو هو. جڏهن اهو ماڻهو شهر ۾ آيو ۽ اچي اها خبر ٻڌايائين، تڏهن سڄو شهر رڙيون ڪري روئڻ لڳو.
14
عيلي جنهن جي عمر ان وقت اٺانوي سال هئي ۽ جنهن جي نظر بلڪل ختم ٿي ويئي هئي، تنهن جڏهن اهو روئڻ جو آواز ٻڌو تڏهن پڇيائين تہ ”هي روڄ راڙو ڇا جو آهي؟“ تڏهن اهو خبر آڻيندڙ ماڻهو تڪڙو تڪڙو اچي عيليءَ وٽ پهتو ۽ کيس جنگ جو احوال ڏيئي چيائين تہ
16
”آءٌ جنگ مان بچي اڄ ئي لشڪر مان ڀڄندو اچي هتي پهتو آهيان.“ عيليءَ پڇيس تہ ”منهنجا ٻچا! جنگ جو ڪهڙو حال آهي؟“
17
تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ٻڌايس تہ ”بني اسرائيل فلستين جي هٿان شڪست کاڌي ۽ ماڻهن ۾ تمام گھڻي خونريزي ٿي آهي. تنهنجا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس بہ مارجي ويا آهن ۽ خدا جي عهد واري صندوق بہ کسجي ويئي آهي.“
18
جيئن ئي هن خدا جي عهد واري صندوق جو ذڪر ڪيو تہ عيلي ڪرسيءَ جي پٺئين پاسي دروازي وٽ وڃي ڪريو. جيئن تہ هو پوڙهو ۽ ڳرو مڙس هو سو ڪرڻ سان سندس ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ هو مري ويو. هو چاليهن سالن تائين بني اسرائيل جو رهبر رهندو آيو هو.
19
عيليءَ جي نُنهن، يعني فينحاس جي زال پيٽ سان هئي ۽ بلڪل ويم تي هئي. جڏهن هن اها خبر ٻڌي تہ خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي آهي ۽ سندس سهرو ۽ مڙس ٻئي مارجي ويا آهن، تڏهن اوچتو کيس ويم جا اهڙا تہ سور اچي لڳا جو هوءَ جھڪي پيئي ۽ ٻار ڄڻي وڌائين.
20
پر پوءِ بہ هوءَ مرڻ تي هئي تہ وٽس بيٺل عورتن کيس چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، ڇاڪاڻ تہ تو پٽ ڄڻيو آهي.“ پر هن نہ ڪا کين ورندي ڏني ۽ نہ ڪو ڌيان ڏنائين.
21
هن پنهنجي پٽ جو نالو يڪبود يعني ”بني اسرائيل مان حشمت هلي ويئي“ رکيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي هئي ۽ سندس سهرو ۽ مڙس بہ مارجي ويا هئا.
22
هوءَ ائين چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل مان حشمت هلي ويئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي صندوق کانئن کسجي ويئي آهي.“
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31