bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 5
1 Samuel 5
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 6 →
1
فلستين خدا جي عهد واري صندوق هٿ ڪرڻ کان پوءِ، اها عبنعزر مان کڻي اشدود شهر ۾ آندي.
2
پوءِ هنن اها پنهنجي ديوتا دجون جي مندر ۾ آندي ۽ دجون جي بت جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون.
3
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن اشدود جا ماڻهو اٿيا، تہ ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. تڏهن هنن دجون بت کي کڻي وري پنهنجيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو.
4
وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي ۽ سندس سسي ۽ ٻئي هٿ در جي چانئٺ تي وڍيا پيا آهن. رڳو سندس ڌڙ باقي بچيل هو.
5
اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين دجون ديوتا جا پوڄاري توڙي اشدود ۾ دجون جي مندر منجھہ داخل ٿيندڙ ٻيا سڀيئي ماڻهو انهيءَ در جي چانئٺ تي پير نہ رکندا آهن.
6
پر خداوند پنهنجو ڳرو هٿ اشدود جي ماڻهن تي کڻي انهن تي آفت نازل ڪئي جو اشدود ۽ ان جي آسپاس وارا ڪيترائي ماڻهو ڳوڙهين جي بيماريءَ وچان مرڻ لڳا.
7
اشدود جي ماڻهن جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق هاڻ اسان وٽ وڌيڪ نہ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي خدا پنهنجو ڳرو هٿ کنيو آهي.“
8
سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي پنجن ئي سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ کانئن پڇيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟“ هنن کين ورندي ڏني تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي جات شهر ۾ پهچائي وڃي.“ تڏهن هو اها صندوق اوڏانهن کڻي ويا.
9
پر جڏهن اها صندوق جات شهر ۾ آندي ويئي تڏهن انهيءَ شهر تي بہ خداوند جو هٿ اهڙيءَ تہ سختيءَ سان پيو جو شهر ۾ وڏو ٿرٿلو مچي ويو. خداوند انهيءَ شهر جي ننڍن توڙي وڏن سڀني ماڻهن کي ڳوڙهين جي بيماريءَ سان مارڻ لڳو.
10
تڏهن وري هنن خدا جي عهد واري صندوق عقرون شهر ڏانهن موڪلي ڏني. جيئن ئي اها عقرون ۾ پهتي تہ اُتي جا ماڻهو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”هنن بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي مارڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.“
11
سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي سڀني سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ پوءِ کين چيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي ان جي اصلوڪي جاءِ ڏانهن واپس موڪلي ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ متان اها اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي.“ جيئن تہ خداوند جو هٿ اُتي ايتري تہ سختيءَ سان اچي پيو هو جو سڄي شهر ۾ موتمار ٿرٿلو پئجي ويو هو.
12
شهر وارا سڀيئي ماڻهو ڳوڙهين جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو مرڻ لڳا. جيڪي اڃا بچيل هئا تن جون دانهون آسمان تائين ٿي پهتيون.
← Chapter 4
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 6 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31