bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 11
1 Samuel 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 12 →
1
اٽڪل هڪ مهيني کان پوءِ عمون جو بادشاهہ ناحس لشڪر وٺي جِلعاد علائقي جي شهر يبيس تي چڙهائي ڪري آيو ۽ شهر کي اچي گھيرو ڪيائين. تڏهن يبيس شهر جي ماڻهن ناحس کي چيو تہ ”اسان سان معاهدو ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي حڪمراني مڃينداسين.“
2
عموني بادشاهہ ناحس کين چيو تہ ”انهيءَ شرط تي آءٌ اوهان سان معاهدو ڪندس جو آءٌ اوهان سڀني جون ساڄيون اکيون ڪڍائي ڇڏيان ۽ اهو خواريءَ جو داغ سڄي بني اسرائيل کي لڳايان.“
3
تڏهن يبيس شهر جي اڳواڻن چيس تہ ”اسان کي ستن ڏينهن جي مهلت ڏي، تہ اسين بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن قاصد موڪليون. پوءِ جيڪڏهن ڪوبہ اسان کي بچائڻ وارو ڪونہ ٿيو تہ اسين نڪري تنهنجي پيش پونداسين.“
4
جڏهن انهن جا قاصد جِبعت شهر ۾ اچي پهتا جتي سائول رهندو هو، تڏهن انهن ماڻهن کي اهي ڳالهيون ٻڌايائون جنهن تي سڀيئي ماڻهو رڙيون ڪري روئڻ لڳا.
5
انهيءَ ئي وقت سائول پنهنجي ڏاندن پٺيان ٻنيءَ کان اچي رهيو هو. هن پڇيو تہ ”ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو هو روئي رهيا آهن؟“ ماڻهن کيس يبيس جي قاصدن جون ڳالهيون ٻڌايون.
6
اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي سائول تي خدا جو روح ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو سائول ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويو.
7
پوءِ هن ڏاندن جي هڪڙي جوڙي کي ڪهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهي ٽڪرا هن قاصدن جي هٿان بني اسرائيل جي سڀني قبيلن ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ کين چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو سائول ۽ سموئيل جي پٺيان نڪري نہ ايندو تنهن جي ڏاندن جو بہ اهو ئي حال ڪيو ويندو.“ تڏهن ماڻهن ۾ خداوند جو خوف اچي پيو، سو اهي سڀيئي گڏجي هڪ ٿي سائول ڏانهن روانا ٿيا.
8
سائول انهن کي بزق شهر ۾ گڏ ڪري سندن شمار ڪيو تہ بني اسرائيل جي يهوداہ قبيلي جا ماڻهو ٽيهہ هزار ٿيا ۽ باقي قبيلن جا ٽي لک.
9
هنن يبيس شهر کان آيل قاصدن کي چيو تہ ”اوهين يبيس جي ماڻهن کي وڃي چئو تہ ’سڀاڻي جڏهن سج تپندو تنهن مهل اوهان کي ڇڏايو ويندو.‘“ سو قاصدن اچي يبيس شهر جي ماڻهن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ هو ڏاڍا خوش ٿيا.
10
تڏهن هنن ناحس بادشاهہ کي چوائي موڪليو تہ ”سڀاڻي اسين نڪري اوهان جي پيش پونداسين. پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن اسان سان ڪجو.“
11
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سائول پنهنجي ماڻهن جون ٽي ٽوليون ٺاهيون ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل دشمنن جي لشڪرگاهہ تي اچي حملو ڪيائين. جيستائين ڏينهن گرم ٿيو تيستائين هو عمونين کي ماريندا رهيا. پوءِ جيڪي عموني باقي بچيا سي ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ ڄڻا بہ ڪٿي گڏجي ڪين رهيا.
12
تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن سموئيل کي چيو تہ ”اهي ڪير آهن جن چيو هو تہ ’سائول اسان تي حڪومت نہ ڪري‘؟ اهي ماڻهو اسان جي حوالي ڪر تہ اسين انهن کي قتل ڪريون.“
13
پر سائول چيو تہ ”اڄ اوهان مان ڪنهن کي بہ قتل نہ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند بني اسرائيل کي بچايو آهي.“
14
پوءِ سموئيل ماڻهن کي چيو تہ ”اچو تہ جِلجال شهر ڏانهن هلون ۽ اتي بادشاهہ سان نئين سر اقرار ڪريون.“
15
سو اهي سڀيئي ماڻهو جِلجال ڏانهن ويا ۽ اتي هنن خداوند جي حضور ۾ سائول جي بادشاهيءَ کي تسليم ڪيو. اتي ئي هنن خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون ۽ سائول ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن اتي ڏاڍيون خوشيون ملهايون.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31