bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 21
1 Samuel 21
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 22 →
1
پوءِ دائود نوب شهر ۾ اخيملڪ ڪاهن وٽ آيو. اخيملڪ ڏڪندي دائود سان ملڻ لاءِ نڪري آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون ڇو اڪيلو آيو آهين؟ ڇو تو سان ٻيو ڪوبہ ڪونهي؟“
2
دائود کيس وراڻيو تہ ”بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ ’جنهن ڪم لاءِ آءٌ تو کي موڪليان ٿو ۽ جيڪو حڪم مون تو کي ڏنو آهي، تنهن بابت ٻئي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي.‘ سو پنهنجي ماڻهن کي مون ڪنهن ٻئي هنڌ ترسايو آهي.
3
ڇا تو وٽ کائڻ لاءِ ڪجھہ آهي؟ جيڪڏهن تو وٽ پنج مانيون يا ٻيو جيڪي ڪجھہ بہ موجود هجي سو مون کي آڻي ڏي.“
4
تڏهن ڪاهن دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”مون وٽ ٻي عام رواجي ماني تہ ڪانهي، پر رڳو خدا لاءِ نذراني وارا روٽ حاضر آهن، پر رڳو اهي ماڻهو انهن روٽن کي کائي سگھن ٿا جن پاڻ کي عورتن کان پري رکيو هجي.“
5
دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ سچ ٿو چوان تہ گذريل چند ڏينهن کان اسين عورتن کان پري آهيون. جڏهن اسين رڳو عام رواجي سفر لاءِ ٻاهر نڪرندا آهيون تڏهن بہ اسين پاڻ کي پاڪ رکندا آهيون. پر اڄ جڏهن تہ هي اسان جو خاص سفر آهي، تڏهن اسان پاڻ کي پاڪ رکڻ لاءِ ڪيڏو نہ وڌيڪ خيال رکيو هوندو!“
6
تڏهن ڪاهن کيس نذراني وارا اهي روٽ آڻي ڏنا، ڇاڪاڻ تہ هن وٽ خداوند لاءِ مخصوص انهن روٽن کان سواءِ ٻي ڪابہ ماني ڪانہ هئي. اهي روٽ نذراني وارن روٽن جي ميز تان اڳ ۾ ئي کنيا ويا هئا، تانتہ انهن جي جاءِ تي تازا روٽ رکيا وڃن.
7
ان ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو اتي خداوند جي عبادتگاهہ وٽ ترسيل هو، جنهن جو نالو دوئيگ ادومي هو. هو سائول جي ڌنارن جو وڏو هو.
8
پوءِ دائود اخيملڪ کان پڇيو تہ ”ڇا هتي تو وٽ ڪو ڀالو يا ڪا تلوار آهي؟ جيئن تہ بادشاهہ جي ڪم جي تڪڙ هئي، سو آءٌ پاڻ سان پنهنجي تلوار يا ڪي ٻيا هٿيار آڻي نہ سگھيو آهيان.“
9
ڪاهن وراڻيس تہ ”جالوت فلستي ، جنهن کي تو ايلاہ جي ماٿريءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي تلوار هتي مذهبي وڳي جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي. جيڪڏهن تون اها کڻڻ گھرين تہ کڻ. باقي انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ تلوار هتي ڪانهي.“ تڏهن دائود چيس تہ ”انهيءَ جهڙي ٻي تلوار تہ ڪا آهي ئي ڪانہ. اها مون کي ڏي.“
10
پوءِ ساڳئي ڏينهن دائود سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ آيو.
11
اڪيس جي نوڪرن چيو تہ ”ڇا هي پنهنجي ملڪ جو بادشاهہ دائود تہ نہ آهي؟ انهيءَ بابت ئي عورتن نچندي ائين ڳايو هو تہ ’سائول تہ ماريو هزارن کي، پر دائود ماريو لکن کي.‘“
12
انهن لفظن دائود جي دل ۾ فڪر وجھي ڇڏيو ۽ هو جات جي بادشاهہ اڪيس کان ڏاڍو ڊڄڻ لڳو.
13
تڏهن هن انهن جي اڳيان پنهنجي هلت چلت ڦيرائي ڇڏي ۽ پاڻ کي ديواني جيان بڻايو. هو دروازي جي طاقن تي ليڪا ڪڍڻ لڳو ۽ پنهنجيءَ ڏاڙهيءَ تي گِگَ وهائڻ لڳو.
14
تڏهن اڪيس پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو نہ ٿا تہ هي ماڻهو چريو آهي؟ پوءِ ڇو اوهين هن کي مون وٽ وٺي آيا آهيو؟
15
ڇا اسان وٽ اڳي چريا ٿورا آهن جو اوهان هن کي بہ آندو آهي تہ منهنجي اڳيان چريائيءَ جا ڪم ڏيکاري؟ ڇا اهڙي ماڻهوءَ کي منهنجي گھر ۾ آڻڻ ڪو ضروري هو؟“
← Chapter 20
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 22 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31