bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 7
1 Samuel 7
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 8 →
1
تڏهن قريتيعريم جا ماڻهو آيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق کي کڻي وڃي ابينداب جي گھر ۾ رکيائون، جيڪو ٽڪريءَ تي هو. هنن سندس پٽ اليعزر کي خداوند جي عهد واري صندوق جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ڪاهن طور مخصوص ڪيو.
2
عهد واري صندوق کي قريتيعريم ۾ رکئي ويهن سالن جو ڊگھو عرصو گذري ويو. انهيءَ عرصي دوران بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏائيندا رهيا.
3
تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہتائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“
4
سو بني اسرائيل پنهنجن معبودن بعل ديوتائن ۽ عستارات ديويءَ جون مورتيون ڪڍي اڇلائي ڇڏيون ۽ رڳو خداوند جي عبادت ڪرڻ لڳا.
5
سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو رهبر مقرر هو. سو هن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي مصفاہ ۾ گھرايو تہ جيئن هو انهن جي معافيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. تڏهن اهي سڀيئي مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا. هنن پاڻي ڀري خداوند جي آڏو هاريو ۽ انهيءَ ڏينهن روزو رکيائون. اُتي هنن قبول ڪيو تہ ”اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“
7
فلستين جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا آهن، تڏهن سندن پنج ئي سردار بني اسرائيل تي ڪاهہ ڪري آيا. بني اسرائيل جي ماڻهن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن هو فلستين کان ڊڄي ويا.
8
هنن سموئيل کي چيو تہ ”تون خداوند اسان جي خدا کي اسان جي لاءِ ٻاڏائيندو رهہ، تہ جيئن هو اسان کي فلستين جي هٿن کان بچائي.“
9
تڏهن سموئيل هڪڙو کير پياڪ گھيٽو وٺي اهو سڄو سارو بني اسرائيل جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪيو ۽ بني اسرائيل جي لاءِ دعا گھريائين. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي.
10
جڏهن سموئيل ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري رهيو هو، تڏهن فلستي بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويجھا آيا. پوءِ خداوند انهيءَ ئي مهل ايڏي تہ وڏي گجگوڙ سان فلستين تي گجيو، جو انهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ اهي پٺي ڏيئي وٺي ڀڳا.
11
تڏهن بني اسرائيل جا ماڻهو مصفاہ مان نڪري فلستين جي پٺيان پيا ۽ بيتڪر جي هيٺاهين تائين کين ماريندا ويا.
12
پوءِ سموئيل هڪڙو پٿر کڻي مصفاہ ۽ شين نالي ٽڪريءَ جي وچ ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو نالو عبنعزر رکيائين ۽ چيائين تہ ”هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.“
13
اهڙيءَ طرح فلستي شڪست کائي ويا ۽ وري ڪڏهن بہ بني اسرائيل جي سرحد اندر نہ آيا. جيستائين سموئيل جيئرو هو تيستائين خداوند جو هٿ فلستين جي خلاف رهيو.
14
عقرون کان وٺي جات تائين جيڪي بہ شهر فلستين بني اسرائيل کان کسيا هئا، سي بني اسرائيل کي وري موٽي مليا. بني اسرائيل پنهنجيون سرحدون فلستين جي هٿان ڇڏائي ورتيون. بني اسرائيل ۽ امورين جي وچ ۾ صلح ٿيو.
15
سموئيل پنهنجي حياتيءَ جا سڀيئي ڏينهن بني اسرائيل ۾ رهبر ٿي رهيو.
16
هو هر سال بيتايل، جِلجال ۽ مصفاہ ڏانهن گشت ڪرڻ ويندو هو ۽ انهن سڀني جاين تي هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو.
17
پوءِ هو رامہ شهر ۾ موٽي ايندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر اُتي هو. اتي پڻ هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31