bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 10
1 Samuel 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 11 →
1
پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ” خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آسپاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ
2
اڄ جڏهن تون مون کان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيامين جي سرحد اندر ضلضحہ شهر ۾ راخل جي قبر وٽ تو کي ٻہ ماڻهو ملندا. اهي تو کي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن. سو تنهنجو پيءُ هاڻي گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي تنهنجي ڳڻتيءَ ۾ آهي. هو چوندو رهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟‘
3
پوءِ تون جڏهن اڳتي وڌندين ۽ تبور واري شاهہبلوط وڻ وٽ پهچندين، تہ اتي تو کي ٽي ماڻهو ملندا جيڪي قرباني ڪرڻ واسطي بيتايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا جي حضور ۾ ويندا هوندا. انهن مان هڪڙي وٽ ٽي ڇيلا، ٻئي وٽ ٽي مانيون ۽ ٽئين وٽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ هوندي.
4
اهي تو کي سلام ڪندا ۽ ٻہ مانيون ڏيندا. تون اهي کانئن وٺجانءِ.
5
انهيءَ کان پوءِ تون خدا واري جِبعت شهر ڏانهن چڙهي وڃجانءِ، جتي فلستي سپاهين جو پهرو آهي. جڏهن تون اتي شهر ۾ داخل ٿيندين تڏهن تو کي نبين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جيڪا سُرندو، دڦ، بانسري ۽ دنبورو وڄائيندي انهيءَ ٽڪر واري عبادتگاهہ کان هيٺ لهندي ايندي هوندي ۽ اهي خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ايندا هوندا.
6
تڏهن خداوند جو روح تو تي ايترو تہ زور سان نازل ٿيندو جو تون بہ هنن سان گڏ اڳڪٿيون ڪرڻ لڳندين ۽ تو ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي.
7
جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن، تڏهن جيئن انهيءَ وقت تو کي مناسب لڳي تيئن ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خداوند تو سان گڏ آهي.
8
تون مون کان اڳ ۾ جِلجال شهر ڏانهن لهي وڃجاءِ، اتي آءٌ تو سان اچي ملندس، انهيءَ لاءِ تہ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪريان. تون ستن ڏينهن تائين اتي ترسجانءِ، جيستائين آءٌ تو وٽ اچان. اتي آءٌ تو کي ٻڌائيندس تہ تو کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي.“
9
پوءِ جڏهن سائول سموئيل کان موڪلائي روانو ٿيو، تڏهن خدا سندس دل کي بدلائي ڇڏيو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن اهي ٻڌايل سڀيئي نشانيون پوريون ٿيون.
10
جڏهن سائول ۽ سندس نوڪر جِبعت شهر ۾ انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اچي پهتا، تڏهن نبين جي هڪڙي ٽولي کين گڏي. اتي خدا جو روح مٿس ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو هو انهن سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو.
11
جڏهن انهن سڀني ماڻهن جيڪي کيس اڳي کان سڃاڻيندا هئا، اهو ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو آهي، تڏهن اهي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”قيس جي پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا سائول بہ نبين منجھان آهي؟“
12
تڏهن اتان جي رهاڪن مان هڪڙي ماڻهوءَ ورندي ڏيئي چيو تہ ”بلڪ هنن جو وڏو ڪير آهي؟“ انهيءَ کان پوءِ اهو پهاڪو بڻجي ويو تہ ”واہ! سائول بہ نبين مان ٿي ويو آهي!“
13
پوءِ جڏهن سائول کان اها مستي ڍري ٿي تڏهن هو انهيءَ ٽڪر واري عبادتگاهہ ڏانهن ويو.
14
جڏهن سائول جي چاچي سائول ۽ سندس نوڪر کي ايندي ڏٺو، تڏهن کانئن پڇيائين تہ ”اوهين ڪيڏانهن ويا هئا؟“ هنن وراڻيس تہ ”گڏهہ ڳولڻ. پر جڏهن اهي اسان کان نہ لڌا تڏهن اسين سموئيل وٽ وياسين.“
15
سائول جي چاچي چيو تہ ”ڀلائي ڪري مون کي ٻڌايو تہ سموئيل اوهان کي ڇا چيو؟“
16
تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي وراڻيو تہ ”هن اسان کي پڪ ڏياري تہ گڏهہ لڌا آهن.“ پر بادشاهت واري ڳالهہ جيڪا سموئيل هن کي چئي هئي سا چاچي کي نہ ٻڌايائين.
17
پوءِ سموئيل بني اسرائيل قوم کي مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ سڏائي گڏ ڪيو.
18
هن کين خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”مون اوهان بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو ۽ اوهان کي مصرين ۽ ٻين سڀني حڪومتن جي هٿن مان ڇڏايم، جيڪي اوهان تي ظلم ڪنديون هيون.
19
پر هاڻ اوهان مون خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اوهان کي سڀني آفتن ۽ مصيبتن کان بچائيندو آهيان. اوهان مون کي چيو آهي تہ ’اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن پنهنجن قبيلن ۽ گھراڻن موجب الڳ ٿي مون خداوند جي آڏو بيهو.“
20
پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي اڳتي آڻي ڪڻو وڌو جيڪو بنيامين جي قبيلي جو نڪتو.
21
هن وري بنيامين جي قبيلي کي سندن گھراڻن موجب اڳتي آڻي ڪڻو وڌو تہ اهو مطرين جي گھراڻي جو نڪتو. پوءِ مطرين جي گھراڻي کي اڳتي آڻي سموئيل ڪڻو وڌو تہ اهو قيس جي پٽ سائول جو نڪتو. پر جڏهن هنن انهيءَ کي ڳوليو تہ کيس نہ لڌائون.
22
سو خداوند کان وري پڇيو ويو تہ ”ڇا اهو ماڻهو اڃا هتي نہ آهي؟“ تڏهن خداوند جي طرفان ورندي ڏني ويئي تہ ”ڏسو، هو سامان جي وچ ۾ لڪو ويٺو آهي.“
23
تڏهن هنن ڊوڙي وڃي هن کي اتان ڪڍي آندو. جڏهن هو ماڻهن منجھہ اچي بيٺو تہ هنن ڏٺو تہ سندس قد ايترو تہ ڊگھو هو جو سڀيئي ماڻهو سندس ڪلهن تائين ٿي آيا.
24
تڏهن سموئيل سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين ڏسو ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند چونڊيو آهي، تنهن جهڙو سڄيءَ قوم ۾ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن نعرو هڻي چيو تہ ”شل بادشاهہ سلامت رهي.“
25
پوءِ سموئيل ماڻهن کي بادشاهت جا قاعدا قانون بيان ڪري ٻڌايا ۽ اهي هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيائين. اهو ڪتاب هن خداوند جي مقدس خيمي ۾ رکي ڇڏيو. پوءِ سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا.
26
سائول بہ جِبعت شهر ڏانهن پنهنجي گھر هليو ويو. اهي بهادر ماڻهو بہ ساڻس گڏ هليا جن جي دلين ۾ خدا جذبو وڌو هو.
27
پر ڪن خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگھندو؟“ انهن هن کي حقير ڄاتو ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون. پر سائول خاموش ئي رهيو.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31