bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 20
1 Samuel 20
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 21 →
1
پوءِ دائود رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ کان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو. کيس چيائين تہ ”مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو قصور آهي؟ تنهنجي پيءُ جو مون ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟“
2
يونتن چيس تہ ”خدا نہ ڪري جو تون مرين! ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ وڏو يا ننڍو ڪم مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪين ڪندو آهي. پوءِ ڀلا اها ڳالهہ مون کان ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين هوندو.“
3
پر دائود وري قسم کڻي چيس تہ ”تنهنجو پيءُ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي. سو هن سوچيو هوندو تہ ’يونتن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر نہ پوي تہ چڱو، نہ تہ متان ڏک ٿئيس.‘ پر جيئري خداوند ۽ تنهنجي جان جو قسم تہ پڪ منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ رڳو هڪڙي قدم جو مفاصلو آهي.“
4
تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ ”جيئن تون چاهيندين تيئن ئي آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس.“
5
دائود وراڻيس تہ ”ڏس، سڀاڻي نئين چنڊ جي عيد آهي ۽ انهيءَ ڪري مون کي بادشاهہ سان گڏجي ماني کائڻي پوندي. سو مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين وڃي جھنگ ۾ لڪان.
6
جيڪڏهن تنهنجو پيءُ منهنجي پڇاڳاڇا ڪري، تہ تون چئجانس تہ ’ دائود ڏاڍي اڪير سان پنهنجي شهر بيتلحم ڏانهن وڃڻ جي موڪل گھري، ڇاڪاڻ تہ اتي سندس سموري خاندان جي لاءِ سالياني قرباني ٿيڻي آهي.‘
7
پوءِ جيڪڏهن هو چوي تہ ’ٺيڪ آهي،‘ تہ پوءِ آءٌ تنهنجو ٻانهو صحيح سلامت رهندس، پر جيڪڏهن هو ڪاوڙيو، تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏجانءِ تہ مون کي نقصان پهچائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو اٿس.
8
تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهي سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪر، ڇو تہ تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي آڏو عهد اقرار ڪيو آهي. پر جيڪڏهن مون کان ڪو قصور ٿيو هجي تہ تون پاڻ ڀلي مون کي قتل ڪري ڇڏ، مگر تون مون کي پنهنجي پيءُ جي هٿ ۾ ڇو ٿو ڏئين؟“
9
تڏهن يونتن چيس تہ ”اهڙي ڳالهہ تون سوچ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها تہ منهنجي پيءُ تو کي نقصان پهچائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ ڇا آءٌ تو کي ٻڌائي نہ ڇڏيان ها؟“
10
پوءِ دائود يونتن کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تنهنجو پيءُ تو کي سخت جواب ڏئي تہ مون کي ڪير اچي ٻڌائيندو؟“
11
يونتن دائود کي چيو تہ ”هل تہ ٻاهر نڪري هلون.“ تڏهن هو ٻئي ٻاهر نڪري ٻنين ڏانهن هليا ويا.
12
اتي يونتن دائود کي چيو تہ ” خداوند ، بني اسرائيل جو خدا شاهد رهي تہ سڀاڻي يا پرينهن هن ئي وقت آءٌ پنهنجي پيءُ کان جاچ لهي وٺندس. پوءِ جيڪڏهن تنهنجي حق ۾ ڪا چڱا ئي هوندي تہ انهيءَ دم آءٌ ماڻهو موڪلي تو کي اطلاع ڏيندس.
13
پر جيڪڏهن منهنجي پيءُ تو کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هوندو، تہ خداوند مون سان شل ائين ئي ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ، جيڪڏهن آءٌ تو کي انهيءَ جو اطلاع نہ ڏيان ۽ تو کي روانو نہ ڪري ڇڏيان جو تون صحيح سلامت هليو وڃين. شل خداوند تو سان هجي جيئن منهنجي پيءُ ساڻ هو.
14
جيستائين آءٌ جيئرو رهان، تيستائين تون مون سان وفادار رهہ. پوءِ جيڪڏهن آءٌ ماريو وڃان،
15
تہ بہ تون منهنجي گھر سان مهرباني ڪري وفادار رهجانء، انهيءَ ئي وقت تائين جڏهن خداوند تنهنجي سڀني دشمنن کي سڄي ڌرتيءَ تان ناس ڪري ڇڏيو هوندو.“
16
اهڙيءَ طرح يونتن دائود جي گھراڻي سان عهد اقرار ڪيو ۽ چيائين تہ ”شل خداوند دائود جي دشمنن کان انهيءَ جو بدلو وٺي.“
17
يونتن دائود کان انهيءَ محبت منجھان جيڪا هن سان هئس وري بہ قسم کڻايو، ڇاڪاڻ تہ يونتن ساڻس پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو.
18
پوءِ يونتن چيس تہ ”سڀاڻي نئين چنڊ جي عيد آهي. تون ڀلي نہ اچجانءِ ۽ تنهنجي جاءِ خالي هئڻ ڪري تنهنجي پڇا ٿيندي.
19
پرينهن تون شام ٿيندي ئي روانو ٿجانءِ ۽ انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃجانءِ جتي تون اڳ ۾ بہ لڪو هئين. اتي تون پٿرن جي ڍير جي پٺيان لڪي ويهجانءِ.
20
آءٌ انهيءَ پاسي ٽي تير هڻندس، ڄڻ تہ ڪو نشان چٽي رهيو هوندس.
21
پوءِ آءٌ هڪڙي ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ ’وڃي تير ڳولي کڻي اچ.‘ پوءِ جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ’ڏس، تون پري نڪري ويو آهين. پر تير تو کان اوريان آهن. اهي وڃي کڻي اچ،‘ تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ جيئري خداوند جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ جوکو ڪونهي.
22
پر جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ’ڏس، تير تو کان اڃا پري آهن،‘ تڏهن تون پنهنجو رستو وٺي هليو وڃجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اها خداوند جي مرضي آهي تہ تون هتان نڪري وڃ.
23
باقي جنهن ڳالهہ بابت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ عهد اقرار ٿيو آهي، تنهن جي لاءِ خداوند هميشہ واسطي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“
24
سو دائود وڃي ٻنيءَ ۾ لڪو. جڏهن نئين چنڊ جي عيد جو ڏينهن ٿيو تڏهن سائول بادشاهہ ماني کائڻ ويٺو.
25
بادشاهہ پنهنجي دستور موجب ڀت جي ڀرسان وڃي ويٺو، يونتن بادشاهہ جي سامهون ويٺو ۽ ابنير بادشاهہ جي پاسي ۾ ويهي رهيو. پر دائود جي جاءِ خالي رهي.
26
سائول انهيءَ ڏينهن ڪجھہ ڪين ڪڇيو، ڇاڪاڻ تہ هن سمجھيو تہ دائود ڪنهن سبب ناپاڪ ٿي پيو هوندو، تنهنڪري ڪونہ آيو آهي.
27
نئين چنڊ جي عيد جي ٻئي ڏينهن بہ دائود جي جاءِ خالي رهي. تڏهن سائول پنهنجي پٽ يونتن کان پڇيو تہ ”ڪهڙي سبب يسيءَ جو پٽ نہ ڪالهہ ماني کائڻ آيو ۽ نہ اڄ؟“
28
يونتن سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ” دائود ڏاڍي نيزاريءَ سان مون کان بيتلحم ڏانهن وڃڻ جي موڪل گھري هئي.
29
هن چيو تہ ’آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گھراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اتي حاضر رهڻ لاءِ چيو آهي. هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃي پنهنجي ڀائرن سان ملان.‘ اهو ئي سبب آهي جو هو توهان جي دسترخوان تي حاضر نہ آهي.“
30
تڏهن سائول يونتن تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي فسادي عورت جا پٽ! هاڻ مون کي خبر پيئي تہ تون يسيءَ جي پٽ جي طرفداري ٿو ڪرين ۽ پاڻ کي ۽ جنهن تو کي ڄڻيو آهي تنهن کي بہ ذليل ٿو ڪرين.
31
جيستائين يسيءَ جو پٽ هن ڌرتيءَ تي جيئرو آهي تيستائين نڪي تون بادشاهہ ٿيندين ۽ نہ وري تنهنجي حڪومت قائم ٿيندي. تنهنڪري هاڻي جلد هن کي گھرائي مون وٽ آڻ، ڇاڪاڻ تہ هن جو مرڻ ضروري آهي.“
32
يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”هن کي ڇو ٿو قتل ڪيو وڃي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟“
33
تنهن تي سائول هن کي مارڻ لاءِ پنهنجو نيزو اڇلائي هنيو. انهيءَ مان يونتن سمجھيو تہ پڻس دائود کي مارڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.
34
سو يونتن ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان دسترخوان تان اُٿي هليو ويو. هن نئين چنڊ جي عيد جي انهيءَ ٻئي ڏينهن تي دائود لاءِ غمگين هئڻ سبب ماني بہ ڪانہ کاڌي، ڇاڪاڻ تہ پڻس دائود کي بدنام ڪيو هو.
35
صبح جو يونتن مقرر ڪيل وقت تي دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر ٻنيءَ ڏانهن نڪري ويو. هو پاڻ سان هڪڙو ننڍو ڇوڪرو بہ وٺي ويو.
36
هن انهيءَ ڇوڪر کي چيو تہ ”جيڪي تير آءٌ هڻان ٿو سي ڊوڙي وڃي کڻي اچ.“ جيئن اهو ڇوڪر ڊوڙڻ لڳو تيئن هن هڪ تير کانئس پري اڇلايو.
37
جڏهن اهو ڇوڪر انهيءَ جاءِ تي پهتو جتي يونتن تير اڇلايو هو، تڏهن يونتن انهيءَ ڇوڪر کي سڏ ڪري چيو تہ ”هڪ تير تنهنجي پريان بہ پيو آهي.“
38
هن ڇوڪر کي وڏي سڏ چيو تہ ”جلدي ڪر، تڪڙو ٿيءُ، ترس نہ.“ تڏهن ڇوڪر يونتن جا تير گڏ ڪري وٽس کڻي آيو.
39
ڇوڪر کي اصل ڳالهہ جي خبر ڪانہ هئي، رڳو يونتن ۽ دائود کي ئي هئي.
40
پوءِ يونتن پنهنجا هٿيار انهيءَ ڇوڪر کي ڏنا ۽ چيائينس تہ ”اهي شهر ڏانهن کڻي وڃ.“
41
جڏهن ڇوڪر هليو ويو، تڏهن دائود پٿرن جي ڍير پٺيان نڪري آيو ۽ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر جھڪي يونتن کي سلام ڪيائين. پوءِ هنن ٻنهي روئندي هڪٻئي کي چميو ۽ دائود هن کان وڌيڪ رنو.
42
تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ ”خير سان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ هميشہ لاءِ شاهد رهندو.“ پوءِ دائود اُٿي روانو ٿيو ۽ يونتن شهر ڏانهن موٽي ويو.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31