bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 30
1 Samuel 30
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 31 →
1
ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.
2
عورتون ۽ جيڪي بہ ننڍا وڏا اتي هئا، تن سڀني کي قيد ڪيو هئائون. هنن ڪنهن کي بہ قتل نہ ڪيو هو، بلڪ کين پاڻ سان وٺي هليا ويا هئا.
3
سو جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو شهر ۾ آيا، تڏهن ڇا ڏٺائون تہ شهر باهہ سان سڙيو پيو آهي ۽ سندن عورتون، ٻار ننڍا توڙي وڏا قيدي بڻائي وٺي ويا هئا.
4
تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو ايترو تہ زور سان رنا، جو وڌيڪ روئڻ جي طاقت نہ رهين.
5
دائود جون ٻئي زالون اخينوعم، جيڪا يزرعيل شهر جي هئي ۽ ابيجيل، جيڪا اڳي ڪرمل شهر واري نابال جي زال هئي، اهي بہ قيد ٿي ويون هيون.
6
دائود کي ڏاڍي پريشاني ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجن وڃايل پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪري تمام ڏکويل هئا ۽ کيس سنگسار ڪري مارڻ پئي چاهيائون. پر دائود کي خداوند پنهنجي خدا همت عطا ڪئي هئي.
7
پوءِ دائود اخيملڪ جي پٽ ابيياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مون کي مذهبي وڳو آڻي ڏي.“ تڏهن ابيياتر اهو کڻي دائود وٽ آيو.
8
دائود خداوند کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ انهيءَ لشڪر جو پيڇو ڪريان تہ انهيءَ کي پهچي سگھندس يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”پيڇو ڪر، تون ضرور انهن کي وڃي پهچندين ۽ کانئن سڀ ڪجھہ ڇڏائي وٺندين.“
9
تڏهن دائود ۽ سندس ڇهہ سؤ ماڻهو اُٿي هليا ۽ بسور جي برساتي نهر وٽ اچي پهتا. انهن مان ٻہ سؤ ماڻهو، جيڪي ٿڪجي پيا هئا سي نهر پار ڪري نہ سگھيا ۽ اتي ئي ترسي پيا. پر دائود پنهنجي باقي چئن سؤن ماڻهن سان پيڇو جاري رکيو.
11
دائود جي ماڻهن هڪڙي مصري ماڻهوءَ کي ميدان ۾ پيل ڏٺو، جنهن کي هو دائود وٽ کڻي آيا. کيس ماني کارايائون ۽ پاڻي پيئاريائون.
12
هنن کيس سڪل انجير جون ڪجھہ ٽڪيون ۽ ڪشمش جا ٻہ ڇڳا ڏنا. جڏهن هن کائي بس ڪئي تڏهن سندس بدن ۾ ساهہ پيو، ڇاڪاڻ تہ هن پورا ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون نڪا ماني کاڌي هئي، نڪو پاڻي پيتو هئائين.
13
پوءِ دائود هن کان پڇيو تہ ”تون ڪنهن جو ماڻهو آهين ۽ ڪٿان ٿو اچين؟“ انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”آءٌ مصري آهيان ۽ هڪڙي عماليقيءَ جو غلام آهيان. منهنجو مالڪ مون کي ٽي ڏينهن اڳ ڇڏي هليو ويو آهي، ڇو تہ آءٌ بيمار ٿي پيو هئس.
14
اسان ڪريتين جي ڏکڻ واري پاسي تي، يهوداہ جي علائقي تي ۽ ڪالب جي علائقي جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي هئي ۽ صِقلاج شهر کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.“
15
تڏهن دائود چيس تہ ”تون مون کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندين؟“ هن وراڻيو تہ ”خدا جو قسم کڻي واعدو ڪر، تہ تون مون کي نہ قتل ڪندين ۽ نہ مون کي منهنجي مالڪ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ تو کي انهيءَ لشڪر وٽ وٺي هلندس.“
16
پوءِ جڏهن هو دائود کي اتي وٺي آيو، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقي سڄيءَ زمين تي پکڙيا پيا آهن. هو انهيءَ گھڻي مال جي ڪري ڏاڍا خوش هئا، جيڪو هنن فلستين ۽ يهوداہ جي ملڪ مان لٽي ڦري آندو هو ۽ کائي پي مزا پئي ماڻيائون.
17
پوءِ دائود رات جي پهرئين پهر کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو. ايتري قدر جو انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو، سواءِ انهن چئن سؤن ماڻهن جي جيڪي اٺن تي چڙهي ڀڄي نڪتا.
18
اهڙيءَ طرح دائود اهو سڀ ڪجھہ ڇڏائي ورتو جيڪي عماليقي کڻي ويا هئا. دائود پنهنجيون ٻئي زالون بہ ڇڏايون.
19
هنن جي ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي، نہ ننڍي نہ وڏي، نہ پٽ نہ ڌيءَ، نہ لٽ جو مال، نڪا وري ٻي ڪا شيءِ جا هو کڻي ويا هئا، بلڪ سڀ جو سڀ دائود موٽائي آندو.
20
دائود ٻيون بہ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هٿ ڪيا، جيڪي سندس ماڻهن پنهنجي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي آندا ۽ چيائون تہ ”هي دائود جو لٽيل مال آهي.“
21
پوءِ دائود انهن ٻن سون ماڻهن وٽ موٽي آيو، جيڪي گھڻي ٿڪ جي ڪري ساڻس گڏ هلي نہ سگھيا هئا ۽ جن کي هو بسور جي برساتي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا. اهي دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن سان ملڻ لاءِ اڳتي نڪري آيا. دائود جڏهن انهن ماڻهن جي ويجھو آيو تہ ساڻن گرمجوشيءَ سان مليو.
22
تڏهن دائود سان گڏ ويل ماڻهن مان ڪن شرير ۽ خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا. تنهنڪري جيڪو لٽيل مال اسان ڇڏائي آيا آهيون تنهن مان اسين کين ڪجھہ بہ نہ ڏينداسون. اسين کين رڳو سندن زالون ۽ ٻار ڏينداسين، تہ هو انهن کي وٺي هليا وڃن.“
23
پر دائود کين چيو تہ ”اي منهنجا ڀائرؤ! جيڪي بہ خداوند اسان کي عطا ڪيو آهي، تنهن سان اوهان کي ائين نہ ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ئي اسان کي بچايو آهي ۽ اسان تي ڪاهہ ڪري آيل لشڪر کي اسان جي هٿن ۾ ڏنو اٿس.
24
سو اوهان جي اها ڳالهہ ڪير ٻڌندو؟ جنگ تي وڃڻ واري کي بہ اوترو ئي حصو ملندو جيترو سامان وٽ ترسي پوڻ واري کي. ٻنهي کي هڪجهڙو حصو ملندو.“
25
سو انهيءَ ڏينهن کان وٺي اڄ تائين بني اسرائيل ۾ اهو ئي قاعدو ۽ دستور هلندو اچي.
26
جڏهن دائود صِقلاج شهر ۾ موٽي آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجھہ بني يهوداہ جي سردارن ڏانهن بہ موڪليو، جيڪي سندس دوست هئا. کين چوائي موڪليائين تہ ”اِجھو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان هي اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي.“
27
هن اهي انهن ماڻهن ڏانهن موڪليا، جيڪي هنن شهرن ۾ رهندا هئا: بيتايل، يهوداہ جو ڏکڻ وارو شهر رامات، يتير،
28
عروعير، سِفموت، اِستموع،
29
رڪِل، يرحمئيلين جا شهر، قينين جا شهر،
30
حرمہ، بورعاشان، عتاڪ
31
۽ حبرون. دائود انهن سڀني جاين جي ماڻهن ڏانهن بہ لٽ جي مال مان موڪليو جتي هو پاڻ ۽ سندس ماڻهو اڪثر گھمندا ڦرندا هئا.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31