bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 27
1 Samuel 27
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 28 →
1
پوءِ دائود سوچڻ لڳو تہ ”ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس. سو منهنجي لاءِ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ آءٌ فلستين جي ملڪ ڏانهن هليو وڃان. پوءِ هو نااميد ٿي مون کي اسرائيل جي سرحدن ۾ وري نہ ڳوليندو. اهڙيءَ طرح آءٌ سندس هٿان بچي ويندس.“
2
تڏهن دائود پنهنجي ڇهہ سؤ ماڻهن سميت نڪري جات شهر جي بادشاهہ اڪيس ولد معوڪ وٽ آيو.
3
دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجن پنهنجن ڪٽنبن سان اڪيس بادشاهہ وٽ جات شهر ۾ ئي رهڻ لڳا. دائود پنهنجي ٻنهي زالن، يعني يزرعيل شهر واري اخينوعم ۽ ڪرمل شهر واري نابال جي بيوہ ابيجيل سان رهڻ لڳو.
4
سائول کي جڏهن خبر پيئي تہ دائود جات ڏانهن ڀڄي ويو آهي، تڏهن هن سندس پيڇو ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
5
پوءِ دائود اڪيس کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان جي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ مون کي ڪنهن ننڍي شهر ۾ جاءِ ڏيو تہ آءٌ اتي وڃي رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو ٻانهو ڇو شاهي شهر ۾ توهان سان گڏ رهي؟“
6
تڏهن اڪيس انهيءَ ڏينهن کيس صِقلاج شهر عطا ڪيو. اهو ئي سبب آهي تہ صِقلاج اڄ ڏينهن تائين يهوداہ جي بادشاهن جو شهر آهي.
7
دائود فلستين جي ملڪ ۾ ڪل هڪ سال ۽ چار مهينا رهيو.
8
انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا.
9
دائود جڏهن بہ سندن علائقو فتح ڪندو هو تڏهن ڪنهن بہ مرد يا عورت کي جيئرو نہ ڇڏيندو هو. هو انهن جون رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ ۽ سندن ڪپڙا کڻي موٽي اڪيس وٽ ايندو هو.
10
پر جڏهن اڪيس کانئس پڇندو هو تہ ”اڄ اوهان ڪيڏانهن ڪاهہ ڪئي هئي؟“ تڏهن دائود ڦيرائي ٻڌائيندو هئس تہ يهوداہ جي ڏکڻ يا يرحمئيلين جي ڏکڻ يا قينين جي ڏکڻ ڏانهن.
11
دائود انهن مان ڪنهن بہ مرد يا عورت کي جيئرو نہ ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان هو جات شهر ۾ وڃي سندس پول نہ پڌرا ڪن تہ دائود هيئن هيئن ڪيو آهي. دائود جيڪو بہ وقت فلستين ۾ رهيو، سو هو ائين ئي ڪندو رهيو.
12
پر اڪيس مٿس ڀروسو ڪندو هو ۽ دل ۾ سوچيندو هو تہ ”هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿي رهندو.“
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31