bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 8
1 Samuel 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 9 →
1
جڏهن سموئيل پوڙهو ٿي ويو تڏهن هن پنهنجي پٽن کي بني اسرائيل لاءِ جج طور مقرر ڪيو.
2
سندس پهريتي پٽ جو نالو يوئيل ۽ ٻئي پٽ جو نالو ابياہ هو. اهي ٻئي بيرسبع شهر ۾ جج هئا.
3
پر هن جا پٽ سندس راهہ تي نہ هليا، بلڪ هو لالچ ۾ پئجي گمراهہ ٿي ويا ۽ رشوتون وٺي بيانصافي ڪرڻ لڳا.
4
تڏهن بني اسرائيل جا سمورا اڳواڻ گڏ ٿي رامہ شهر ۾ سموئيل وٽ آيا.
5
کيس چيائون تہ ”عرض آهي تہ جيئن تہ تون پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ تنهنجا پٽ تنهنجيءَ راهہ تي پڻ ڪونہ ٿا هلن، تنهنڪري ٻين قومن وانگر تون هاڻي اسان تي ڪو بادشاهہ مقرر ڪر تہ هو اسان جي اڳواڻي ڪري.“
6
پر هنن جي انهيءَ ڳالهہ سموئيل کي رنج پهچايو جڏهن هنن چيو تہ ”اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر تہ اهو اسان جي اڳواڻي ڪري.“ تڏهن سموئيل خداوند کان دعا گھري.
7
خداوند سموئيل کي فرمايو تہ ”اهي ماڻهو جيڪي بہ تو کي چون ٿا سو تون ڪر، ڇاڪاڻ تہ هنن تو کي نہ، بلڪ مون کي رد ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ رهان.
8
جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر مان ڪڍي آندو، تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هو مون کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا ڪندا رهيا آهن. هنن جيڪي مون سان ڪيو آهي سو ئي هاڻي تو سان ڪري رهيا آهن.
9
تنهنڪري هاڻي تون انهن جي ڳالهہ مڃ، پر هنن کي پوريءَ طرح خبردار ڪري ڇڏ ۽ کين ٻڌائي ڇڏ تہ ڪهڙي قسم جو بادشاهہ هنن تي حڪومت هلائيندو.“
10
سو سموئيل خداوند جون اهي سڀ ڳالهيون انهن ماڻهن کي ٻڌايون جن بادشاهہ ٿي گھريو.
11
هن کين ٻڌايو تہ ”جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪمراني ڪندو، سو هن قسم جو هوندو جو هو اوهان جي اولاد مان ڪن کي پنهنجي لشڪر جي جنگي گھوڙي گاڏين لاءِ، ڪن کي گھوڙن لاءِ نوڪر ڪري رکندو ۽ ڪي سندس گھوڙي گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا هلندا.
12
انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.
13
هو اوهان جي ڌيئرن کي عطر ٺاهڻ، کاڌو رڌڻ ۽ مانين پچائڻ جي ڪم تي لڳائيندو.
14
هو اوهان جون تمام ڀليون ٻنيون، اوهان جا انگورن جا باغ ۽ اوهان جا زيتونن جا باغ اوهان کان کسي پنهنجي خدمتگارن کي ڏيئي ڇڏيندو.
15
هو اوهان جي اناج ۽ انگورن جي فصل جو ڏهون حصو وٺي پنهنجي عملدارن ۽ خدمتگارن کي ڏيندو.
16
هو اوهان جا ٻانها، ٻانهيون، چڱا ڍور ڍڳا ۽ اوهان جا گڏهہ کسي پنهنجي ڪم آڻيندو.
17
هو اوهان جي رڍن ٻڪرين جو ڏهون حصو وٺندو ۽ اوهين پاڻ سندس غلام ٿيندا.
18
تڏهن اوهين انهيءَ بادشاهہ جي ڪري، جنهن کي اوهان پنهنجي لاءِ چونڊيو هوندو دانهون ڪندا. پر انهيءَ ڏينهن خداوند اوهان جي ڪين ٻڌندو.“
19
مگر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”هرگز نہ، بلڪ اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گھرجي.
20
پوءِ اسين بہ ٻين سڀني قومن جهڙا ٿينداسين. اسان جو بادشاهہ اسان جي اڳواڻي ڪندو، اسان جي اڳيان ٿي هلندو ۽ اسان جي طرفان جنگيون وڙهندو.“
21
سموئيل انهن ماڻهن جون سموريون ڳالهيون ٻڌي اهي خداوند جي حضور ۾ پهچايون.
22
تڏهن خداوند سموئيل کي فرمايو تہ ”تون هنن جو عرض قبول ڪر ۽ کين هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي.“ پوءِ سموئيل بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي پنهنجي پنهنجي شهر ڏانهن موٽي وڃو.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31