bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 19
1 Samuel 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 20 →
1
سائول پنهنجي پٽ يونتن ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ” دائود کي ماري ڇڏيو.“ پر يونتن جيئن تہ دائود سان بيحد محبت ڪندو هو،
2
سو هن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ ”منهنجو پيءُ تو کي مارائڻ ٿو گھري. تنهنڪري هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي هوشياري ڪر ۽ سڀاڻي سوير تون ڪنهن ٻنيءَ ۾ وڃي لڪي ويهہ.
3
جتي تون لڪل هوندين، تنهن جي ويجھو آءٌ ٻاهر نڪري وڃي پنهنجي پيءُ سان تو بابت گفتگو ڪندس. پوءِ جيڪي ڪجھہ مون کي معلوم ٿيو سو آءٌ تو کي اچي ٻڌائيندس.“
4
پوءِ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي ۽ چيائينس تہ ”بادشاهہ سلامت پنهنجي ٻانهي دائود سان بدي نہ ڪري، ڇو تہ هن اوهان جو ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، بلڪ هن تہ اوهان لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن.
5
هن پنهنجو سِر تريءَ تي رکي وڃي انهيءَ فلستي جالوت کي ماريو، جنهن تي خداوند سڄي بني اسرائيل کي هڪ وڏي فتح حاصل ڪرائي. توهان پاڻ اها ڏٺي ۽ ڏاڍا خوش ٿيا. تڏهن ڇو هن بيگناهہ جو رت بيسبب هاري اوهين گنهگار ٿيڻ ٿا گھرو؟“
6
سائول ڌيان سان يونتن جي ڳالهہ ٻڌي ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن کي قتل نہ ڪيو ويندو.“
7
تڏهن يونتن دائود کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون کيس بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو دائود کي سائول وٽ وٺي آيو ۽ اڳي وانگر دائود سائول جي حاضريءَ ۾ رهڻ لڳو.
8
جڏهن وري ٻيهر جنگ شروع ٿي تہ دائود نڪري وڃي فلستين تي ايترو تہ زور سان حملو ڪيو جو هو سندس اڳيان وٺي ڀڳا.
9
پوءِ هڪڙي ڏينهن وري خداوند جي طرفان هڪڙو ستائيندڙ روح سائول تي اچي نازل ٿيو. انهيءَ وقت هو پنهنجي گھر ۾ نيزو هٿ ۾ کنيو ويٺو هو ۽ دائود سُرندو ويٺي وڄايو.
10
سائول ارادو ڪيو تہ هو نيزي سان دائود کي ڀت ۾ ٽُنبي ڇڏي، پر دائود سندس اڳيان کسڪي نڪري ويو ۽ نيزو وڃي ڀت ۾ لڳو. دائود ڀڄي ويو ۽ بچي نڪتو.
11
پوءِ انهيءَ ساڳئي رات سائول دائود جي گھر ڏانهن ڪي ماڻهو موڪليا تہ جيئن مٿس پهرو رکن ۽ صبح جو کيس ماري ڇڏين. تڏهن دائود جي زال ميڪل کيس ٻڌايو تہ ”جيڪڏهن اڄ رات تون هتان نڪري نہ ويندين، تہ سڀاڻي تون قتل ٿيندين.“
12
پوءِ ميڪل دائود کي دريءَ مان هيٺ لاهي ڇڏيو. سو هو هليو ويو ۽ ڀڄي جند ڇڏايائين.
13
تڏهن ميڪل هڪڙو بت کڻي دائود جي بستري تي ليٽائي ڇڏيو ۽ ٻڪرين جي ڏاس جو وِهاڻو انهيءَ جي مٿي هيٺان رکي، بت کي چادر سان ڍڪي ڇڏيائين.
14
سائول جڏهن دائود جي پڪڙڻ لاءِ ماڻهو موڪليا، تڏهن ميڪل کين چيو تہ ”هو بيمار آهي.“
15
تڏهن سائول وري پنهنجا ماڻهو موڪليا تہ هو وڃي دائود کي ڏسن ۽ کين چيائين تہ ”هن کي بستري ۾ پيل ئي مون وٽ کڻي اچو تہ آءٌ کيس قتل ڪريان.“
16
پوءِ جڏهن سائول جا ماڻهو اندر لنگھي آيا تڏهن ڏٺائون تہ بستري ۾ هڪڙو بت پيو هو ۽ ان جي مٿي هيٺان ٻڪرين جي ڏاس جو وِهاڻو هو.
17
پوءِ سائول ميڪل کان پڇيو تہ ”تو مون سان ههڙي ٺڳي ڇو ڪئي، جو منهنجي دشمن کي ڀڄائي ڇڏيئِہ ۽ هو بچي ويو؟“ ميڪل سائول کي ورندي ڏني تہ ”هن مون کي چيو تہ ’مون کي وڃڻ ڏي نہ تہ آءٌ تو کي ماري ڇڏيندس.‘“
18
اهڙيءَ طرح دائود جان بچائي ڀڄي نڪتو ۽ رامہ شهر ۾ سموئيل وٽ اچي پهتو. کيس اهو سڀ جيڪو سائول ساڻس ڪيو هو، سو بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو ۽ سموئيل نيوت نالي هنڌ ڏانهن ويا ۽ اتي ئي رهڻ لڳا.
19
سائول کي جڏهن اها خبر ملي تہ دائود رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ ۾ رهي ٿو،
20
تڏهن هن کيس پڪڙڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو موڪليا. پر جڏهن انهن اچي ڏٺو تہ نبين جي جماعت بيخوديءَ ۾ نچي واڪا ڪري رهي آهي ۽ سموئيل سندن اڳواڻ بڻيو بيٺو آهي، تڏهن سائول جي ماڻهن تي بہ خدا جو روح نازل ٿيو ۽ اهي بہ بيخوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا.
21
انهيءَ ڳالهہ جي جڏهن سائول کي خبر پيئي تڏهن هن ٻيا ماڻهو روانا ڪيا جيڪي بہ اچي بيخوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا. وري هن ٽيون ڀيرو بہ پنهنجا ماڻهو موڪليا تہ اُهي بہ اچي بيخوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا.
22
تڏهن سائول پاڻ رامہ شهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ انهيءَ وڏي کوهہ وٽ اچي پهتو جيڪو سيڪو ڳوٺ ۾ آهي. اتي هن پڇا ڪئي تہ سموئيل ۽ دائود ڪٿي آهن. کيس ٻڌايو ويو تہ اهي رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ ۾ آهن.
23
پوءِ هو اوڏانهن روانو ٿيو. تڏهن خدا جو روح هن تي بہ نازل ٿيو ۽ هو بہ بيخوديءَ ۾ نچي واڪا ڪندو رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ ۾ اچي پهتو.
24
هن بہ پنهنجا ڪپڙا لاهي ڦٽا ڪيا ۽ سموئيل جي اڳيان بيخوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳو. اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات هو اگھاڙو پيو هو. تنهنڪري ئي اها چوڻي ٿي ويئي تہ ”واہ! سائول بہ نبين مان ٿي ويو آهي!“
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31