bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Samuel 24
1 Samuel 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 25 →
1
سائول جڏهن فلستين سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ موٽيو، تڏهن ماڻهن ٻڌايس تہ ” دائود عينجديءَ جي رڻپٽ ۾ آهي.“
2
تڏهن سائول سڄي بني اسرائيل مان ٽي هزار چونڊ جوان وٺي، دائود ۽ سندس ماڻهن جي ڳولا ۾ جھنگلي ٻڪرين وارين ٽڪرين جي اوڀر پاسي ويو.
3
رستي ۾ هو رڍن جي واڙن وٽ اچي پهتو جتي هڪڙي غار هئي. سائول حاجت رفع ڪرڻ لاءِ انهيءَ غار ۾ گھڙي ويو. اتفاق سان انهيءَ ئي غار جي اندرين حصي ۾ دائود پنهنجي ماڻهن سميت لڪو ويٺو هو.
4
تڏهن دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن بابت خداوند تو کي فرمايو هو تہ ’آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ جيئن تو کي وڻي تيئن ساڻس ڪجانءِ.‘“ سو دائود اُٿي چپ چاپ وڃي سائول جي جبي جو دامن ڪپي کڻي آيو.
5
پر دائود جو ضمير کيس ملامت ڪرڻ لڳو، جو هن سائول جي جبي جو دامن ڪپي ڇڏيو هو.
6
تڏهن هن پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ” خداوند شل ائين نہ ڪري جو آءٌ پنهنجي آقا تي هٿ کڻان جيڪو خداوند جو مسح ڪرايل بادشاهہ آهي ۽ جنهن کي خداوند پاڻ چونڊيو آهي.“
7
پوءِ هن پنهنجي ماڻهن کي بہ روڪي ڇڏيو تہ هو سائول تي حملو نہ ڪن. هوڏانهن سائول اٿيو ۽ غار مان نڪري پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.
8
تڏهن دائود بہ اٿيو ۽ غار مان نڪري اچي سائول کي سڏي چيائين تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ!“ سائول منهن ورائي پٺتي نهاريو تہ دائود منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏني
9
۽ چيائينس تہ ”توهين انهن ماڻهن جي ڳالهہ ڇو ٿا ٻڌو، جيڪي چون ٿا تہ ’ دائود توهان کي نقصان پهچائڻ ٿو گھري‘؟
10
ڏسو، توهان پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توهان کي اڄ هن غار ۾ منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. منهنجي ڪن ماڻهن ائين بہ چيو تہ توهان کي ماري ڇڏيان، پر مون توهان کي جيئدان ڏنو. مون چيو تہ ’آءٌ پنهنجي آقا تي هٿ نہ کڻندس، ڇاڪاڻ تہ هو خداوند جو مسح ڪرايل بادشاهہ آهي.‘
11
سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.
12
شل خداوند منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪري ۽ توهان کان منهنجو وير وٺي. باقي منهنجو هٿ توهان تي ڪين کڄندو.
13
جيئن اڳئين زماني جي ماڻهن جو پهاڪو آهي تہ ’بڇڙن کان ئي بڇڙائي ٿئي ٿي.‘ سو منهنجو هٿ توهان تي ڪين کڄندو.
14
بني اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ اوهين ڪنهن جي پٺيان پيا آهيو؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان، يا هڪڙي جيتامڙي جي پٺيان؟
15
سو شل خداوند ئي منصف ٿئي ۽ منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري. شل هو انهيءَ ڳالهہ کي ڏسي مون کي بيڏوهي قرار ڏئي ۽ اوهان جي هٿان ڇڏائي.“
16
جڏهن دائود اهي ڳالهيون سائول کي چئي بس ڪئي، تڏهن سائول چيس تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! ڇا اهو سچ پچ تون ئي آهين؟“ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.
17
ان کان پوءِ هو دائود کي چوڻ لڳو تہ ”تون مون کان وڌيڪ سچار آهين، ڇاڪاڻ تہ تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، توڙي جو مون تو سان برائي ڪئي هئي.
18
تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ تو مون سان ڪيڏي نہ چڱائي ڪئي آهي، ڇو تہ جڏهن خداوند مون کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن بہ تو مون کي ڪين ماريو.
19
ڀلا ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ ڇا اهو کيس سلامتيءَ سان وڃڻ ڏيندو؟ تنهنڪري شل خداوند تو کي انهيءَ چڱائيءَ جو چڱو بدلو ڏئي جيڪا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.
20
هاڻي مون کي يقين آهي تہ تون ضرور بادشاهہ ٿيندين ۽ بني اسرائيل جي حڪومت تنهنجي ئي هٿ ۾ قائم ٿيندي.
21
تنهنڪري هاڻي خداوند جو قسم کڻي مون سان واعدو ڪر تہ مون کان پوءِ تون منهنجي نسل کي قتل نہ ڪندين ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي مان منهنجو نالو مِٽائي نہ ڇڏيندين.“
22
تڏهن دائود سائول سان قسم کڻي واعدو ڪيو. پوءِ سائول گھر روانو ٿي ويو، جڏهن تہ دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهيءَ پهاڙي علائقي ۾ هليو ويو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31