bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 10
Numbers 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 11 →
1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”تون پنهنجي لاءِ گھڙيل چانديءَ جا ٻہ توتارا ٺهراءِ، تہ جيئن اهي قوم کي سڏڻ ۽ منزل جي کڄي هلڻ لاءِ ڪم ۾ آڻي سگھين.
3
جڏهن اهي ٻيئي وڄايا وڃن تڏهن سڄي قوم مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو تو وٽ اچي گڏ ٿئي.
4
پر جڏهن فقط هڪڙو توتارو وڄايو وڃي تڏهن رڳو اڳواڻ يعني بني اسرائيل جي قبيلن جا سردار اچي تو وٽ گڏ ٿين.
5
جڏهن انهيءَ مان وڏي زور سان آواز ڪڍيو وڃي تڏهن خيميگاهہ ۾ اوڀر طرف وارا منزلانداز قبيلا منزل کڻي هلن.
6
جڏهن ٻيو ڀيرو انهيءَ مان وڏي زور سان آواز ڪڍيو وڃي تڏهن خيميگاهہ ۾ ڏکڻ پاسي وارا منزلانداز قبيلا منزل کڻي هلن. سو وڏي زور سان آواز منزل کڻي هلڻ لاءِ ڪڍيا ويندا.
7
پر جڏهن قوم کي گڏ ڪرڻو هجي تڏهن انهيءَ مان مختلف آواز ڪڍيو وڃي.
8
هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن سي اهي توتارا وڄائين. اهو ئي قانون اوهان ۽ اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ قائم رهندو.
9
جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرو جنهن اوهان کي ستايو هجي، تڏهن اوهين توتارن مان وڏي زور سان آواز ڪڍجو. پوءِ آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي نظر ڪندس ۽ اوهان کي اوهان جي دشمنن کان بچائيندس.
10
اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، پنهنجن مقرر ٿيل عيدن تي ۽ نئين چنڊ وارن ڏينهن تي، پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين تي توتارا وڄائجو. اهي مون خداوند جي حضور ۾ اوهان کي ياد رکڻ جو سبب بڻبا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“
11
بني اسرائيل جي مصر ڇڏڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي ويهين تاريخ تي مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن تان ڪڪر مٿي کڄي ويو.
12
تڏهن بني اسرائيل سينا جي بيابان مان منزل کڻي پنهنجي سفر تي نڪتا. اهو ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.
13
هو موسيٰ جي معرفت مليل، خداوند جي حڪم موجب پهريون ڀيرو هن طرح منزل کڻي هليا:
14
سڀ کان پهريائين يهوداہ جي منزلگاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عمينداب جو پٽ نحسون انهن جو سردار هو.
15
بني اِسڪار جي قبيلي جو سردار صوعر جو پٽ نٿنايل هو
16
۽ بني زبولون جي قبيلي جو سردار حيلون جو پٽ الياب هو.
17
پوءِ جڏهن مقدس خيمي کي لاٿو ويو تہ بني جيرشون ۽ بني مراري خيمو کڻي اڳتي روانا ٿيا.
18
ان کان پوءِ بني روبن جي منزلگاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. شديور جو پٽ اليصور انهن جو سردار هو.
19
بني شمعون جي قبيلي جو سردار صوريشديءَ جو پٽ شلوميايل هو
20
۽ بني جد جي قبيلي جو سردار دعوايل جو پٽ الياسف هو.
21
پوءِ بني قهات پاڪ شيون کڻي اڳتي روانا ٿيا. انهن جي ٻي منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي خيمو کڙو ڪري ڇڏيو ويندو هو.
22
تنهن بعد بني افرائيم جي منزلگاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عميهود جو پٽ اليشمع انهن جو سردار هو.
23
بني منسيءَ جي قبيلي جو سردار فداهصور جو پٽ جمليايل هو
24
۽ بني بنيامين جي قبيلي جو سردار جِدعونيءَ جو پٽ ابيدان هو.
25
آخر ۾ دان جي منزلگاهہ جيڪا سڀني منزلگاهن جي پٺئين لشڪر جي حيثيت ۾ هئي، تنهن جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عميشديءَ جو پٽ احيعزر انهن جو سردار هو.
26
بني آشر جي قبيلي جو سردار عڪران جو پٽ فجعيايل هو
27
۽ بني نفتاليءَ جي قبيلي جو سردار عينان جو پٽ احيرع هو.
28
جڏهن بہ بني اسرائيل منزل کڻي روانا ٿيندا هئا، تڏهن انهيءَ ئي ترتيب سان هلندا هئا.
29
موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“
30
تنهن تي حوباب ورندي ڏيئي چيس تہ ”آءٌ ڪين هلندس، بلڪ آءٌ پنهنجي وطن ويندس جتي منهنجا مٽمائٽ آهن.“
31
پر موسيٰ چيس تہ ”مهرباني ڪري اسان کي ڇڏي نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ هن بيابان ۾ اسان کي ڪٿي ڪٿي منزلون ڪرڻ گھرجن. تون اسان کي هڪ سونهين جو ڪم ڏيئي سگھين ٿو.
32
جيڪڏهن تون اسان سان هلندين تہ خداوند جي ڏنل برڪتن ۾ اسين تو کي پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسين.“
33
سو هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون. خداوند جي عهد واري صندوق اهي ٽيئي ڏينهن انهن جي واسطي آرام ڪرڻ جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.
34
جڏهن هو منزلگاهہ مان روانا ٿي ٿيا، تڏهن هر دفعي خداوند جو ڪڪر ڏينهن جو سندن مٿان ٿي رهيو.
35
جڏهن عهد واري صندوق رواني ٿيندي هئي، تڏهن موسيٰ چوندو هو تہ ”اي خداوند! اُٿ، تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ جيڪي تو سان ڪينو رکن ٿا سي تنهنجي اڳيان ڀڄي وڃن.“
36
جڏهن اها بيهندي هئي تڏهن هو چوندو هو تہ ”اي خداوند! هزارين بلڪ لکين بني اسرائيل وارن ۾ موٽي اچ.“
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36