bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 31
Numbers 31
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 32 →
1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”مديانين کان بني اسرائيل جو وير وٺ. وير وٺڻ کان پوءِ تون وفات ڪري پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبين.“
3
سو موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ مان ڪن کي هٿيار ٻڌائي مديانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪريو، تہ جيئن هو مديانين کان خداوند جو وير وٺن.
4
اوهين بني اسرائيل جي هر هڪ قبيلي منجھان هڪ هزار ماڻهو جنگ ۾ موڪليو.“
5
سو بني اسرائيل جي هزارين ماڻهن مان سندن هر هڪ قبيلي منجھان هڪ هزار ماڻهو چونڊيا ويا، اهڙيءَ طرح ٻارهن هزار ماڻهو جنگ جي لاءِ تيار ڪيا ويا.
6
موسيٰ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي انهن سان گڏ جنگ تي موڪليو، جنهن عبادتگاهہ جا مخصوص ٿيل ٿانوَ ۽ اشاري ڏيڻ لاءِ توتارا پاڻ سان کنيا.
7
سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هو مديانين سان وڃي وڙهيا ۽ انهن جا سڀ مرد ماري ڇڏيائون.
8
انهن مئلن ۾ مديان جا پنج بادشاهہ اَوي، رقم، صور، حور ۽ ربع بہ هئا. هنن بعور جي پٽ بلعام کي بہ تلوار سان قتل ڪري ڇڏيو.
9
بني اسرائيل جي انهن جنگي جوڌن مديانين جون عورتون ۽ انهن جا ٻار ٻچا قيد ڪيا. انهن جا سمورا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪاهيائون ۽ سندن ٻيو سمورو سامان مالِغنيمت ڪري کنيائون.
10
هنن مديانين جا سڀ رهڻ وارا شهر ۽ خيميگاهہ بہ ساڙي ڇڏيا.
11
هو لُٽ جو سمورو مال، سڀ قيدي ۽ جانور ساڻ ڪري
12
يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي ڪناري موآب جي ميدان ۾ موسيٰ ، اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا.
13
تڏهن موسيٰ ، اليعزر ڪاهن ۽ سمورا اڳواڻ خيميگاهہ کان ٻاهر هنن جو استقبال ڪرڻ لاءِ نڪري آيا.
14
موسيٰ لشڪر جي سالارن يعني هزارن ۽ سون جي سالارن تي، جيڪي جنگ تان موٽيا هئا، غصي ٿيو.
15
هن کين چيو تہ ”ڇو اوهان سڀني عورتن کي جيئرو ڇڏيو آهي.
16
انهن عورتن ئي تہ بلعام جي چوڻ تي پعور واري ڳالهہ ۾ قوم کي پنهنجي خداوند کان ڦيري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند جي قوم ۾ وبا پيئي هئي.
17
سو اوهين ٻارن مان سڀني ڇوڪرن کي ۽ انهن عورتن کي جيڪي مردن سان ستيون آهن ماري ڇڏيو،
18
پر انهن سڀني ڇوڪرين کي پنهنجي لاءِ جيئرو ڇڏيو جيڪي ڪنواريون آهن.
19
اوهان مان اهي سڀ جن ڪنهن کي ماريو هجي يا ڪنهن لاش کي هٿ لاتو هجي، سي ست ڏينهن خيميگاهہ کان ٻاهر رهن. اهي ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي پاڻ کي ۽ قيدياڻين کي پاڪ ڪن.
20
اوهين پنهنجن سڀني ڪپڙن کي ۽ انهن سڀني شين کي جيڪي چمڙي، ڏاس ۽ ڪاٺ مان ٺهيل هجن پڻ پاڪ ڪريو.“
21
جيڪي لشڪر جا ماڻهو جنگ تي ويا هئا تن کي اليعزر ڪاهن چيو تہ ”هي آهن شريعت جا اُهي قاعدا جن جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو آهي:
22
سون، چاندي، پتل، لوهہ، قلعي، شيهو
23
۽ هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙي نہ وڃي، سا باهہ مان لنگھائجي تہ پاڪ ٿي ويندي. تڏهن بہ اها ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ سان پڻ ضرور پاڪ ڪئي وڃي. پر هر اُها شيءِ جيڪا باهہ ۾ سڙڻ جهڙي هجي سا رڳو انهيءَ پاڻيءَ سان پاڪ ڪئي وڃي.
24
ستين ڏينهن تي اوهين پنهنجا ڪپڙا ڌوئو، پوءِ اوهين پاڪ ٿيندا. تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي خيميگاهہ ۾ داخل ٿجو.“
25
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
26
”تون اليعزر ڪاهن ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ لُٽ ۾ هٿ آيل ماڻهن ۽ جانورن جو شمار ڪر.
27
تون اهو مالِغنيمت ٻن هڪجيترن حصن ۾ ورهاءِ. هڪڙو حصو انهن جنگي جوانن کي ڏي جيڪي جنگ تي ويا هئا ۽ ٻيو حصو باقي قوم کي ڏي.
28
جيڪي جنگي جوان جنگ تي ويا هئا، تن جي حصي منجھان، خواهہ اهو قيدي ماڻهن جو حصو هجي توڙي ڍورن ڍڳن جو، گڏهن جو حصو هجي توڙي رڍن ٻڪرين جو، تنهن مان هر پنجن سون تي هڪڙو مون خداوند جي خاص نذراني طور اُڳاڙ.
29
جنگي جوانن واري اڌ حصي مان اهي وٺي مون خداوند جي خاص نذراني طور اليعزر ڪاهن کي ڏي.
30
باقي قوم واري اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ ڍورن ڍڳن مان، گڏهن مان خواهہ رڍن ٻڪرين مان وٺي لاوين کي ڏي، جيڪي مون خداوند جي خيميگاهہ جي سنڀال ٿا ڪن.“
31
سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
32
جنگي جوانن پنهنجي لاءِ کنيل مال کان علاوہ جيڪو مالِغنيمت هٿ ڪيو ۽ جنهن کي ورهايو ويو سو سمورو هي هو: ڇهہ لک پنجهتر هزار رڍون ۽ ٻڪريون،
33
ٻاهتر هزار ڍور ڍڳا،
34
ايڪهٺ هزار گڏهہ
35
۽ ٻٽيهہ هزار ڪنواريون ڇوڪريون.
36
جيڪي جنگ تي ويا هئا تن کي اڌ حصي ۾ ٽي لک ستٽيهہ هزار پنج سؤ رڍون ۽ ٻڪريون آيون،
37
جنهن مان خداوند جو حصو ڇهہ سؤ پنجهتر ٿيو.
38
سندن حصي ۾ ڇٽيهہ هزار ڍور ڍڳا بہ آيا جن مان خداوند جو حصو ٻاهتر ٿيو.
39
سندن حصي ۾ ٽيهہ هزار پنج سؤ گڏهہ بہ آيا جن مان خداوند جو حصو ايڪهٺ ٿيو.
40
سندن حصي ۾ سورهن هزار ڪنواريون ڇوڪريون بہ آيون جن مان خداوند جو حصو ٻٽيهہ ٿيو.
41
موسيٰ اليعزر ڪاهن کي اهو حصو خداوند جي خاص نذراني طور ڏنو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
42
بني اسرائيل قوم جو اڌ حصو جيڪو موسيٰ جنگي جوانن جي اڌ حصي کان ڌار ڪيو سو هي هو:
43
ٽي لک ستٽيهہ هزار پنج سؤ رڍون ٻڪريون،
44
ڇٽيهہ هزار ڍور ڍڳا،
45
ٽيهہ هزار پنج سؤ گڏهہ
46
۽ سورهن هزار ڪنواريون ڇوڪريون.
47
موسيٰ انهيءَ اڌ حصي مان هر پنجاهہ مان هڪڙو خواهہ قيدي ماڻهن مان خواهہ جانورن مان ڪڍي جيئن خداوند فرمايو هو تيئن لاوين کي ڏنو، جن خداوند جي مقدس خيمي جي سنڀال ٿي ڪئي.
48
پوءِ لشڪر جا هزارن ۽ سون جا سالار موسيٰ وٽ آيا.
49
انهن کيس چيو تہ ”جيڪي جنگي جوان اسان جي هٿ هيٺ هئا، تن جو اسان اوهان جي ٻانهن شمار ڪيو آهي. انهن مان هڪڙو بہ کُٽل ناهي.
50
سو اسان مان هر هڪ ڄڻي سونا زيور خداوند جي لاءِ نذرانو آندا آهن، جيڪي اسان کي هٿ آيا هئا، يعني بازوبند، چُوڙا، منڊيون، ايرنگَ ۽ هار، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ادا ٿئي.“
51
تڏهن موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن انهن کان اهي سڀ سونا گھڙيل زيور ورتا.
52
نذراني وارو اهو سون جيڪو انهن سالارن پيش ڪيو، تنهن جي جملي تور اٽڪل هڪ سؤ نوي ڪلوگرام هئي.
53
پر جنگي جوانن مان هر ڪنهن ڄڻي پنهنجي پنهنجي لاءِ جيڪو لُٽ جو مال کنيو هو سو پاڻ وٽ ئي رکيائون.
54
سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن انهن سالارن کان اهو سون ورتو ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ کڻي آيا، تہ جيئن اهو خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل کي ياد رکڻ لاءِ هڪ نشان هجي.
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 32 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36