bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 3
Numbers 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 4 →
1
جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن تائين موسيٰ جي ڀاءُ هارون کي هي اولاد هو.
2
کيس چار پٽ هئا، جن جا نالا هي آهن: ندب، جيڪو پهريتو هو، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.
3
انهن کي مسح ڪري ڪهانت جي عهدي تي رکي، مقدس خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو.
4
جڏهن ندب ۽ ابيهو سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي اتي ئي سندس حضور ۾ مري ويا. کين اولاد ڪونہ هو. سو اليعزر ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي حياتيءَ دوران ڪهانت جي عهدي تي رهي مقدس خيمي ۾ خدمت ڪندا رهيا.
5
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
6
” لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجھو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ جيئن اهي سندس ماتحت ٿي خدمت ڪن.
7
اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي سنڀال ڪن ۽ جيڪو ڪم کين هارون ۽ پوريءَ قوم جي طرفان سونپيو وڃي سو پورو ڪن.
8
بلڪ اهي خيمي جي سموري سامان جي سنڀال ڪن ۽ بني اسرائيل جي پاران خدمت ڪن.
9
تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ. بني اسرائيل منجھان اهي سندن خدمت واسطي ئي کين ڏنا ويا آهن.
10
تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جا فرض بجا آڻيندا رهن. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي تہ ان کي ماريو وڃي.“
11
خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ
12
”جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ ماڻهن جا توڙي جانورن جا سڀ پهريتا مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا. تنهنڪري سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن، جن مان مون بني اسرائيل جي هر عورت جي پهريتي نر ٻار جي عيوض لاوين کي قبول ڪيو آهي. تنهنڪري لاوي هاڻ منهنجا آهن. آءٌ خداوند آهيان.“
14
خداوند سينا جي بيابان ۾ موسيٰ کي فرمايو تہ
15
”تون لاوين جو سندن نسل ۽ ڪٽنب موجب شمار ڪر. جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهيءَ کان مٿي هجي، تن سڀني جو بہ تون شمار ڪر.“
16
سو جيئن موسيٰ کي خداوند کان حڪم مليو تيئن ئي ڪيائين.
17
لاويءَ جا پٽ جيڪي پنهنجي پنهنجي نسل جا وڏا هئا سي هي آهن: جيرشون، قهات ۽ مراري.
18
جيرشون جي نسل مان هي آهن: لبني ۽ شمعي.
19
قهات جي نسل مان هي آهن: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزيايل.
20
مراريءَ جي نسل مان هي آهن: محلي ۽ موشي. اهي لاوي قبيلي جا وڏا هئا ۽ انهن جي نالن پٺيان لاوي ڪٽنب سڏجن ٿا.
21
جيرشون جي نسل مان لبني ۽ شمعي نالي ٻہ گھراڻا هئا.
22
انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد جملي ست هزار پنج سؤ هو.
23
انهن جيرشوني نسل وارن کي مقدس خيمي جي پٺيان اولهہ طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا.
24
لاايل جو پٽ الياسف انهيءَ نسل جو سردار هو.
25
خدا سان ملاقات واري خيمي جي قنات ۽ پال، انهيءَ جا مٿيان غلاف ۽ انهيءَ جي در جو پردو، اهي سڀ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.
26
انهيءَ کان سواءِ اڱڻ جي قنات، جيڪا مقدس خيمي ۽ قربانگاهہ جي چوڌاري آهي، اڱڻ جي دروازي جو پردو ۽ سڀيئي رسا جيڪي انهيءَ ۾ ڪم ٿي آيا، سي بہ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.
27
عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزيايل ڪٽنب قهات جي نسل مان هئا.
28
انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، جن جو تعداد اٺ هزار ۽ ڇهہ سؤ هو. مقدس خيمي جي پاڪ شين جي سنڀال انهن جي ذمي هئي.
29
انهيءَ نسل کي مقدس خيمي جي ڏاکڻي پاسي پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا.
30
عزيايل جو پٽ اليصافن انهيءَ نسل جو سردار هو.
31
عهد واري صندوق ، ميز، شمعدان، ٻئي قربانگاهون، مقدس جاءِ جا ٿانوَ جيڪي خدمت ڪرڻ ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، مقدس ترين جاءِ جو پردو ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.
32
هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جو وڏو سردار هو. جيڪي مقدس خيمي جي سنڀال ڪندا هئا، تن مٿان هن کي مقرر ڪيو ويو هو.
33
محلي ۽ موشي ڪٽنب مراريءَ جي نسل مان هئا.
34
انهن مان جن نرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو جن جو تعداد ڇهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هو.
35
ابيخيل جو پٽ صوريايل انهيءَ نسل جو سردار هو. انهيءَ نسل کي مقدس خيمي جي اترئين پاسي پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا.
36
مقدس خيمي جا فريم، انهن جا گز، ٿنڀا، پاوا، سڀ اوزار ۽ انهن شين سان لاڳاپو رکندڙ سڀڪو ڪم انهن جي ذمي هو.
37
انهيءَ کان سواءِ ٻاهرين اڱڻ جي چوگرد وارا ٿنڀا، انهن جا پاوا ۽ انهن جا رسا ۽ ڪليون بہ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.
38
موسيٰ ، هارون ۽ سندس پٽن کي خدا سان ملاقات واري خيمي جي سامهون اوڀر طرف پنهنجا تنبو کوڙڻا هئا. مقدس جاءِ جي سنڀال بني اسرائيل جي پاران انهن جي ئي ذمي هئي. جيڪڏهن ڪو ٻيو مقدس جاءِ جي ويجھو اچي ها تہ ان کي مارڻو هو.
39
هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارا لاوي جن جو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ ۽ هارون سندن نسلن مطابق شمار ڪيو هو، تن جو ڪل تعداد ٻاويهہ هزار هو.
40
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”تون بني اسرائيل جا سڀ پهريتا پٽ جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهيءَ کان مٿي آهي، تن جو شمار ڪر ۽ انهن جي نالن جي لسٽ تيار ڪر، ڇو تہ اهي منهنجا آهن.
41
پر تون بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جي عيوض لاوين کي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر. بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهريتن ڦرن جي عيوض لاوين جو چوپايو مال منهنجي لاءِ مخصوص ڪر. آءٌ خداوند آهيان.“
42
موسيٰ خداوند جي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جو شمار ڪيائين.
43
انهن جو ڪل تعداد ٻاويهہ هزار، ٻہ سؤ ۽ ٽيهتر هو.
44
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
45
”هاڻ تون بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي عيوض لاوين کي منهنجي لاءِ وقف ڪر ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهريتن ڦرن جي عيوض لاوين جي چوپائي مال کي منهنجي لاءِ وقف ڪر. لاوي مون خداوند جا ٿيندا. آءٌ خداوند آهيان.
46
بني اسرائيل جي پهريتن پٽن ۾ جيڪي ٻہ سؤ ٽيهتر ڄڻا لاوين جي تعداد کان وڌيڪ آهن، تن جي عيوض رقم وٺي کين ڇڏي ڏي.
47
تون انهن کان هر هڪ لاءِ عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق پنج چانديءَ جا سڪا وٺ. هڪڙي چانديءَ جي سڪي جي تور اٽڪل ٻارهن گرام آهي.
48
پوءِ عيوضي واري اها رقم تون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏي.“
49
سو موسيٰ انهن واڌارن ماڻهن کان عيوضي جي رقم ورتي.
50
هن اهي پئسا بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کان ورتا، جيڪي عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق هڪ هزار ٽي سؤ پنجهٺ سڪا هئا.
51
موسيٰ اهي پئسا هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36