bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 11
Numbers 11
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 12 →
1
ماڻهو پنهنجين تڪليفن بابت خداوند سان شڪايتون ڪرڻ لڳا. جڏهن خداوند هي ٻڌيون تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو ۽ انهن مٿان باهہ موڪليائين. اها انهن ۾ ٻرڻ لڳي ۽ خيميگاهہ جي ٻاهرئين ڀاڱي مان ڪجھہ حصو ساڙي ڇڏيائين.
2
تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون. موسيٰ خداوند کان دعا گھري ۽ باهہ وسامي ويئي.
3
سو انهيءَ هنڌ جو نالو تعبيرہ رکيو ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي باهہ منجھن ٻرڻ لڳي هئي.
4
انهن ۾ جيڪي بدمعاش ماڻهو گڏيل هئا، سي گوشت کائڻ جون اجايون سڌون ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل وري بہ روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟
5
اسان کي اها مڇي ياد ٿي اچي جا اسين مصر ۾ مفت کائيندا هئاسين. اُتي جا ونگا، گدرا، گندنائون، بصر ۽ ٿوم پڻ اسان کي ياد ٿا پون.
6
پر هاڻ تہ اسان جي بک ئي مري ويئي آهي، هتي تہ اسين هن مَنَ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ٿا ڏسون.“
7
اها مَنَ ڌاڻن جي ٻج جهڙي هئي ۽ موتين وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
8
رات جو جڏهن خيميگاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ مَنَ بہ ڪرندي هئي. صبح جو ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها ميڙي گڏ ڪندا هئا، پوءِ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا. هو انهيءَ کي ديڳڙين ۾ اوٻاري انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا. انهيءَ جو سواد زيتون جي تيل ۾ پچايل مانيءَ جهڙو هو.
10
جڏهن موسيٰ هر هڪ گھراڻي جي سڀني ماڻهن کي پنهنجن تنبن جي درن تي روئندي ڏٺو، جنهن سبب خداوند بہ مٿن تمام گھڻو اچي ڪاوڙيو، تڏهن موسيٰ کي سندن اها ڳالهہ بري لڳي.
11
سو هن خداوند کي چيو تہ ”تو پنهنجي ٻانهي کي ڇو تڪليف ۾ وڌو آهي؟ ڇو تو مون تي رحم جي نظر ڪانہ ڪئي، جو هن سڄي قوم جو بار مون تي رکيو اٿيئي؟
12
ڇا هي سڀ ماڻهو منهنجي پيٽ ۾ پيل هئا ۽ مون کين ڄڻيو آهي؟ تون مون کي ائين ڇو ٿو چوين تہ جيئن ڪا دائي کيرپياڪ ٻار کي کڻندي آهي تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟
13
هو ميڪن ٿا پيا ۽ چون ٿا تہ ’اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون.‘ ڀلا آءٌ هيترن ماڻهن لاءِ گوشت ڪٿان آڻيان؟
14
آءٌ هنن سڀني ماڻهن جو بار نہ ٿو کڻي سگھان. اهو منهنجي وس کان ٻاهر آهي.
15
جيڪڏهن تو کي مون سان اهڙي ئي هلت ڪرڻي آهي تہ پوءِ مون تي رحم فرمائي مون کي هڪدم ماري ڇڏ، تہ جيئن آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.“
16
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”بني اسرائيل قوم مان اهڙا ستر ڄڻا چونڊي ڪڍ، جن کي تون معزز ۽ مکيہ اڳواڻ طور ڄاڻين ٿو. انهن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ وٺي اچ ۽ کين پاڻ سان گڏ بيهار.
17
آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس ۽ تو ۾ جيڪو روح آهي، تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ۾ وجھندس. پوءِ امت جو بار کڻڻ ۾ اهي تنهنجي مدد ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ تو اڪيلي کي اهو نہ کڻڻو پوي.
18
تون بني اسرائيل جي ماڻهن کي چئُہ تہ هو سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪن، کائڻ لاءِ کين گوشت ملندو. جيئن تہ مون خداوند کين ميڪندي ۽ اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو، هتي کان تہ مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو.‘ تنهنڪري آءٌ خداوند کين گوشت ڏيندس ۽ هو اهو کائين.
19
اهو هنن کي نہ رڳو هڪڙو يا ٻہ ڏينهن، يا پنج ڏينهن، يا ڏهہ ڏينهن، يا ويهہ ڏينهن کائڻ لاءِ ملندو،
20
بلڪ سڄو مهينو ملندن، جيستائين اهو سندن ناسن مان نڪري ۽ انهيءَ کان سندن دل ڪچي ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کي رد ڪيو آهي جو هنن منجھہ آهيان ۽ منهنجي اڳيان ميڪندي چيو اٿن تہ ’اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.‘“
21
تڏهن موسيٰ چيو تہ ”هي ماڻهو جن ۾ آءٌ آهيان، سي ڇهہ لک پيادا آهن ۽ تون چوين ٿو تہ ’آءٌ کين سڄو مهينو کائڻ لاءِ گوشت ڏيندس.‘
22
ڇا هنن جي پورائي لاءِ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ذبح ڪيا ويندا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي سموري مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کائي هو ڍءُ ڪندا؟“
23
تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“
24
ان کان پوءِ موسيٰ ٻاهر نڪري ويو ۽ جيڪي خداوند چيو هئس سو ماڻهن کي ٻڌايائين. هن قوم جي اڳواڻن مان ستر ڄڻا گڏ ڪيا ۽ انهن کي مقدس خيمي جي چوڌاري بيهاريائين.
25
پوءِ خداوند ڪڪر ۾ هيٺ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين. موسيٰ ۾ جيڪو روح هو تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ستر اڳواڻن ۾ وڌائين. جڏهن انهن ۾ روح آيو تڏهن هو نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.
26
مگر جيئن تہ انهن مان ٻہ ڄڻا خيميگاهہ ۾ ئي رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو ۽ ٻئي جو ميداد هو. انهن جا نالا اڳواڻن جي لسٽ ۾ لکيا ويا هئا پر هو ٻاهر مقدس خيمي ڏانهن ڪونہ آيا هئا. تنهن هوندي بہ روح انهن ۾ آيو ۽ اهي بہ خيميگاهہ ۾ ئي نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا.
27
تڏهن هڪڙي جوان ماڻهوءَ ڊوڙي وڃي موسيٰ کي ٻڌايو تہ ”الداد ۽ ميداد خيميگاهہ ۾ نبين جهڙيون ڳالهيون پيا ڪن.“
28
تنهن تي نون جو پٽ يشوع جيڪو جوانيءَ کان وٺي موسيٰ جو نوڪر هو، تنهن چيو تہ ”اي منهنجا آقا موسيٰ! انهن کي منع ڪريو.“
29
پر موسيٰ وراڻيس تہ ”تو کي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ آءٌ چاهيان ٿو تہ خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي بہ نازل ڪري.“
30
پوءِ موسيٰ ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ خيميگاهہ ڏانهن موٽيا.
31
تڏهن خداوند هڪڙو طوفان موڪليو، جنهن سمنڊ واري پاسي کان ٻٽيرا گهلي آندا جيڪي زمين کان اٽڪل هڪ ميٽر تائين پئي اُڏاميا. اهي خيميگاهہ ۾ ۽ خيميگاهہ جي چوڌاري ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڦهليا پيا هئا.
32
تڏهن ماڻهو اٿيا، اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ۽ ورندو سڄو ڏينهن ٻٽيرا پڪڙي گڏ ڪيائون. جنهن تمام ٿورا گڏ ڪيا تنهن بہ اٽڪل هڪ هزار ڪلوگرام گڏ ڪيا. پوءِ هنن انهن کي پنهنجي خيميگاهہ جي آسپاس سڪائڻ لاءِ پکيڙي ڇڏيو.
33
جڏهن اهو گوشت اڃا سندن ڏندن جي وچ ۾ هو ۽ اهو اڃا چٻيو ئي ڪين هئائون، تہ خداوند کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ماڻهن کي سخت وبا سان ماري ڇڏيو.
34
سو انهيءَ هنڌ جو نالو ”سَڌَ جون قبرون“ رکيو ويو، ڇاڪاڻ تہ اتي انهن ماڻهن کي دفن ڪيائون جن گوشت جي اجائي سَڌَ ڪئي هئي.
35
پوءِ ماڻهو اتان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ اچي منزل ڪري رهي پيا.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36