bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 34
Numbers 34
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 35 →
1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيندا، جيڪو اوهان کي ورثي طور ورهائجي ملندو، تنهن جون سرحدون هي هونديون.
3
اوهان جو ڏکڻ وارو حصو صين جي بيابان تان ٿيندو، جيڪو ادوم جي سرحد تي آهي. انهيءَ حصي جي سرحد جو اوڀر وارو پاسو کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿيندو.
4
پوءِ اها عقرابيم جي چاڙهيءَ جي ڏکڻ طرف کان ڦرندي صين منجھان ٿيندي اڃا بہ قادشبرنيع جي ڏکڻ کان ٿيندي حصرادار ڏانهن ڦرندي ۽ عصمون تائين ويندي.
5
پوءِ اها ئي سرحد اتان ڦري، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي.
6
سمنڊ جو ڪنارو اوهان جي لاءِ اولهہ واري سرحد ٿيندي.
7
اوهان اتر واري سرحد سمنڊ کان وٺي هور جبل تائين
8
۽ اتان کان حمات لڪ تائين رکجو. اها اتان نڪري صداد
9
۽ زفرون مان لنگھي حصرعينان تي وڃي پوري ٿيندي.
10
اوهين اوڀر واري سرحد حصرعينان کان وٺي شفام تائين رکجو.
11
اها سرحد شفام کان ڏکڻ طرف ربلہ شهر تائين ويندي، جيڪو عين جي اوڀر ۾ آهي. اتان وري گليل ڍنڍ جي اوڀر طرف چاڙهيءَ جي چوٽيءَ کان ٿيندي،
12
پوءِ اتان اردن درياءَ جي ڪناري ڪناري هيٺ لنگھندي وڃي کاري سمنڊ تي پوري ٿيندي. اوهان جي ملڪ جون اهي ئي چوڌاري سرحدون هونديون.‘“
13
پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”اهو آهي اُهو ملڪ جيڪو اوهين پاڻ ۾ پُکن رستي ورثي طور ورهائيندا. اهو ملڪ خداوند ساڍن نون قبيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
14
بني روبن ۽ بني جد جي قبيلن کي سندن نسلن موجب ورثو ملي چڪو آهي ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ ورثو ملي چڪو آهي.
15
انهن اڍائي قبيلن کي يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي اورينءَ ڀر اوڀر طرف سندن ورثو ملي چڪو آهي.“
16
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
17
”جيڪي ماڻهو اوهان کي ملڪ ورثي طور ورهائي ڏيندا سي اليعزر ڪاهن ۽ نون جو پٽ يشوع آهن.
18
تون هر هڪ قبيلي مان هڪ هڪ اڳواڻ مقرر ڪر، تہ جيئن اهي ملڪ ورهائي ڏيڻ ۾ انهن جي مدد ڪن.“
19
انهن اڳواڻن جا نالا هي آهن: يهوداہ قبيلي جو اڳواڻ ڪالب ولد يفنہ،
20
شمعون قبيلي جو اڳواڻ شموايل ولد عميهود،
21
بنيامين قبيلي جو اڳواڻ اليداد ولد ڪسلون،
22
دان قبيلي جو اڳواڻ بقي ولد يگلي،
23
يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي جو اڳواڻ حنيايل ولد افود،
24
يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جو اڳواڻ قموايل ولد سفتان،
25
زبولون قبيلي جو اڳواڻ اليصافن ولد فرناڪ،
26
اِسڪار قبيلي جو اڳواڻ فلتيايل ولد عزان،
27
آشر قبيلي جو اڳواڻ اخيهود ولد شلومي
28
۽ نفتالي قبيلي جو اڳواڻ فداهيل ولد عميهود.
29
هي آهن اهي اڳواڻ جن کي خداوند مقرر ڪيو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل کي ورثو ورهائي ڏين.
← Chapter 33
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 35 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36