bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 35
Numbers 35
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 36 →
1
اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون خداوند بني اسرائيل بابت موسيٰ کي هي حڪم ڏنو تہ
2
”اوهان کي جيڪو ورثو ملي تنهن مان ڪي شهر لاوين کي رهڻ لاءِ ڏجو ۽ شهرن جي آسپاس وارا چراگاهہ پڻ کين ڏجو.
3
اهي شهر انهن جي رهڻ لاءِ هوندا ۽ چراگاهہ سندن چوپائي مال ۽ ٻين پالتو جانورن لاءِ هوندا.
4
شهرن جي آسپاس وارا چراگاهہ جيڪي اوهين لاوين کي ڏيو، سي شهر جي ڪوٽ کان چئن ئي طرفن ڏانهن ساڍا چار سؤ ميٽر هئڻ گھرجن.
5
اوهين شهر جي ٻاهران چئن ئي طرفن ڏانهن نوَ نوَ سؤ ميٽر ماپجو تہ شهر وچ ۾ ٿي پوندو. اهو علائقو انهن لاءِ چراگاهہ طور هوندو.
6
اوهين لاوين کي ڇهہ شهر پناهہ جي لاءِ ڏجو، تہ جيئن جنهن ماڻهوءَ جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي. انهن کان سواءِ اوهين کين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ ڏجو.
7
اوهين جملي اٺيتاليهہ شهر چراگاهن سميت لاوين کي ڏجو.
8
جڏهن اوهين بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان لاوين کي اهي شهر ڏيو، تڏهن جن قبيلن کي گھڻا شهر مليل هجن تن کان گھڻا وٺجو ۽ جن کي ٿورا مليل هجن تن کان ٿورا وٺجو. مطلب تہ هر قبيلو پنهنجي مليل ميراث مطابق لاوين کي شهر ڏئي.“
9
خداوند بني اسرائيل بابت موسيٰ کي هي فرمايو تہ
10
”جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو،
11
تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي پناهہ جا شهر چونڊجو، تہ جيئن جنهن جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي تہ اُهو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي.
12
اهي شهر اوهان جي لاءِ وير وٺڻ واري کان پناهہگاهہ هوندا. اهو انهيءَ لاءِ تہ خوني جيستائين قوم جي اڳيان فيصلي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيستائين اُهو ماريو نہ وڃي. اوهين ڇهہ پناهہ جا شهر ڏجو،
14
ٽي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ۽ ٽي ڪنعان جي ملڪ ۾.
15
اهي ڇهہ شهر بني اسرائيل جي لاءِ، ڌارئي جي لاءِ ۽ مسافر جي لاءِ پناهہگاهہ هوندا، تہ جيئن جنهن جي هٿان اتفاق سان خون ٿي پوي سو اوڏانهن ڀڄي وڃي سگھي.
16
هاڻي جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي لوهہ جي شيءِ سان اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ ڌڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي.
17
يا جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي پٿر اڇلائي هڻي ۽ هو مري پوي، تہ پوءِ پٿر اڇلائي هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي.
18
يا جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي ڪاٺيءَ جي شيءِ سان اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ ڌڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي.
19
مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.
20
جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي نفرت وچان ڌڪو ڏئي يا لڪي وجھہ وٺي ڪا شيءِ مٿس اڇلائي وجھي ۽ هو مري پوي
21
يا دشمنيءَ وچان کيس اهڙي مُڪ هڻي جو هو مري پوي، تہ پوءِ مُڪ هڻندڙ خوني آهي ۽ کيس ضرور قتل ڪيو وڃي. مقتول جو ڪو وير وٺڻ وارو عزيز پاڻ ئي انهيءَ خونيءَ کي ماري. جڏهن اهو کيس گڏجي تڏهن کيس ماري ڇڏي.
22
پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي دشمنيءَ کان سواءِ اتفاقاً ڌڪو ڏئي يا غير ارادي طور ڪا شيءِ مٿس اڇلائي،
23
يا کيس ڏسڻ کان سواءِ ڪو پٿر اڇلائي هڻي ۽ هو مري پوي، تہ پوءِ اهو ثابت ٿيڻ تي تہ هو هن جو دشمن نہ هو ۽ نہ ئي وري ڄاڻيواڻي کيس نقصان پهچايائين،
24
قوم انهيءَ ڌڪ هڻندڙ ۽ مقتول جي ڪنهن وير وٺڻ واري عزيز جي وچ ۾ هن طرح فيصلو ڪري.
25
انهيءَ خونيءَ کي مقتول جي وير وٺڻ واري عزيز جي چنبي کان ڇڏايو وڃي ۽ کيس انهيءَ پناهہ جي شهر ۾ موٽائي موڪليو وڃي جتي هو خون ڪري پناهہ لاءِ ڀڄي ويو هو. پوءِ جيستائين انهن ڏينهن ۾ مخصوص ٿيل سردار ڪاهن فوت نہ ٿي وڃي تيستائين هو اتي ئي رهي.
26
پر جيڪڏهن اهو خوني جنهن پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي ويو هجي، تنهن جي حد کان ڪنهن بہ وقت ٻاهر نڪري
27
۽ مقتول جو وير وٺڻ وارو عزيز شهر کان ٻاهر گڏجي وڃيس ۽ ماري وجھيس، تہ ان ماريندڙ تي خون جو ڏوهہ نہ ايندو.
28
خونيءَ کي گھرجي تہ هو سردار ڪاهن جي مرڻ تائين انهيءَ پناهہ جي شهر ۾ رهي، انهيءَ کان پوءِ ڀلي پنهنجي گھر موٽي وڃي.
29
اهي ئي قانون اوهان ۽ اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ آهن، پوءِ کڻي جتي بہ اوهين رهو.
30
جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي قتل ڪري تہ پوءِ انهيءَ قاتل کي شاهدن جي شاهديءَ تي ئي ماريو وڃي، پر انهيءَ لاءِ رڳو هڪڙي ئي شاهد جي شاهدي ڪافي ناهي.
31
انهيءَ قاتل کي ضرور ماريو وڃي، جيڪو واجبالقتل هجي. اوهين کانئس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي کيس ڇڏي نہ ڏجو.
32
جيڪڏهن ڪو قاتل پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي وڃي، تہ انهيءَ کان سردار ڪاهن جي مرڻ کان اڳي سندس جان جي عيوضي جا پئسا وٺي کيس گھر موٽي وڃڻ نہ ڏجو.
33
اوهين ائين ڪري انهيءَ ملڪ کي ناپاڪ نہ ڪجو جنهن ۾ پاڻ رهو ٿا. خون ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري ۽ جنهن ملڪ ۾ خون وهائجي ٿو تنهن جو ڪفارو قاتل جي خون کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ٿي نہ ٿي سگھي.
34
سو جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا ۽ منجھس آءٌ بہ ٿو رهان تنهن کي ناپاڪ نہ ڪجو، ڇو تہ آءٌ خداوند بني اسرائيل جي وچ ۾ ٿو رهان.“
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 36 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36