bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 4
Numbers 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 5 →
1
خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ
2
”اوهين لاوين مان بني قهات جي نسل ۽ اباڻي ڪٽنب موجب سندن انهن سڀني مردن جو شمار ڪريو،
3
جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق آهن.
4
منهنجي ملاقات واري خيمي ۾ مون لاءِ ئي مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ بني قهات جو ڪم آهي.
5
جڏهن منزل کڻڻي هجي، تڏهن هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اندر وڃن، مقدس ترين جاءِ جو پردو لاهي انهيءَ سان عهد واري صندوق کي ڍڪين.
6
پوءِ هو ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش انهيءَ تي وجھن، انهيءَ جي مٿان خالص آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.
7
نذراني جي روٽن واري ميز تي آسماني رنگ جو ڪپڙو وڇائين. انهيءَ تي ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ رکن. ان کان سواءِ انهيءَ تي روٽ بہ هميشہ رکيل هجن.
8
هو انهن سڀني شين جي مٿان لال ڳاڙهي رنگ جو ڪپڙو وجھن. پوءِ ان کي ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪي ڇڏين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.
9
پوءِ هو آسماني رنگ جو ڪپڙو کڻي روشنائي ڏيڻ واري شمعدان، انهيءَ جي مٿان رکڻ وارن ڏيئن، انهن ۾ استعمال ٿيندڙ زيتون جي تيل وارن ٿانون ۽ ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ وارن چمٽن ۽ منگالن مٿان وجھن.
10
هو شمعدان کي انهيءَ جي سڀني ٿانون سميت ڊالفن دريائي جانور جي پوش ۾ ويڙهي ڏوليءَ ۾ رکن.
11
لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربانگاهہ جي مٿان هو آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهيءَ کي ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪين، بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.
12
سڀيئي ٿانوَ، جيڪي مقدس جاءِ جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪم ٿا اچن سي سڀ کڻي هو هڪڙي آسماني رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهين. پوءِ ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪي اهي بہ ڏوليءَ ۾ رکن.
13
هو ساڙڻ وارين قربانين جي قربانگاهہ مان رک ڪڍي مٿس واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.
14
هو اهي سمورا ٿانوَ جيڪي قربانگاهہ جي خدمت ۾ ڪم ٿا اچن يعني منگالا، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ڪوڏرون ۽ ٿالهہ وغيرہ، انهيءَ ڪپڙي جي مٿان رکن. پوءِ انهيءَ تي ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش ڍڪين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.
15
جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.
16
هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي سنڀال هيٺ هي شيون آهن: ڏيئن ٻارڻ جو تيل، خوشبودار لوبان، دستوري اناج جي قرباني ۽ مسح ڪرڻ جو تيل. ان کان علاوہ پوري مقدس خيمي ۽ ان جي سموري سامان جي نظرداري سندس ذميواري آهي.“
17
خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ
18
”اوهين بني قهات جي نسل واري قبيلي کي لاوين منجھان برباد ٿيڻ نہ ڏجو،
19
بلڪ جيئن هو جيئرا رهن ۽ انهن شين جي ويجھو اچڻ ڪري مري نہ پون جيڪي رڳو مون لاءِ ئي مخصوص آهن. تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو جو هارون ۽ سندس پٽَ اندر وڃن ۽ انهن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت ۽ کڻڻ جي ذميواري ڏين.
20
پر بني قهات سامان ڍڪڻ کان اڳ هڪڙي جھٽ لاءِ بہ اندر وڃي مخصوص شين کي نہ ڏسن، تہ جيئن مري نہ پون.“
21
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
22
”بني جيرشون جي بہ نسل ۽ اباڻي ڪٽنب موجب سندن انهن سڀني مردن جو شمار ڪر،
23
جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن.
24
بني جيرشون جي نسلن جو خدمت ڪرڻ ۽ سامان کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي:
25
هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي قنات ۽ پال ۽ سندس ڍڪ، ٻاهرين غلاف سميت جيڪو ڊالفن دريائي جانور جي کل جو آهي، سو ۽ خيمي جي در جو پردو کڻن.
26
ان سان گڏ هو مقدس خيمي ۽ قربانگاهہ جي چوگرد اڱڻ واري قنات، اڱڻ جي دروازي جو پردو کڻن. اڱڻ واري قنات جا رسا ۽ ان ۾ ڪتب ايندڙ ٻيو سمورو سامان کڻن. ٻيو جيڪو ڪم انهن شين سان ڪيو وڃي سو سڀ بني جيرشون ئي ڪن.
27
هو پنهنجي سموري خدمت، سامان کڻڻ جي يا ڪا ٻي، هارون ۽ سندس پٽن جي نگرانيءَ هيٺ ڪندا. جيڪو بار کين کڻڻو هجي سو اوهين هنن جي ذمي مقرر ڪجو.
28
مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني جيرشون جي نسلن جي اها خدمت آهي. انهن کي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايت هيٺ ڪم ڪرڻو آهي.
29
تون بني مراريءَ جي نسل ۽ اباڻي ڪٽنب موجب سندن انهن مردن جو شمار ڪر،
30
جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن.
31
مون سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ ۽ سامان کڻڻ لاءِ هنن جو هي ڪم آهي: مقدس خيمي جا فريم ۽ انهيءَ جا گز، ٿنڀا، پاوا،
32
انهيءَ جي چوگرد واري اڱڻ جا ٿنڀا، انهن جا پاوا، ڪليون، رسا، سڀيئي اوزار ۽ اهي سڀ شيون جيڪي انهيءَ سان واسطو رکن ٿيون، سي بني مراري ئي کڻن. مطلب تہ جيڪي شيون انهن کي کڻڻيون آهن، سي ناليوار انهن جي ذمي ڪيون وڃن.
33
مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني مراريءَ جي نسلن کي جيڪا خدمت هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايت هيٺ ڪرڻي آهي سا اها ئي آهي.“
34
خداوند جي حڪم تي عمل ڪندي موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ٽنهي لاوي گھراڻن قهات، جيرشون ۽ مراريءَ جي مردمشماري ڪئي. هنن اها مردمشماري سندن نسلن ۽ اباڻن ڪٽنبن موجب ڪئي ۽ انهن سڀني ماڻهن جو شمار ڪيائون جن جي عمر ٽيهن کان وٺي پنجاهہ سالن تائين هئي ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق هئا. مردمشماريءَ جو تفصيل هي آهي. قهات گھراڻي وارن جو تعداد ٻہ هزار ست سؤ پنجاهہ هو. جيرشون گھراڻي وارن جو تعداد ٻہ هزار ڇهہ سؤ ٽيهہ هو. مراري گھراڻي وارن جو تعداد ٽي هزار ٻہ سؤ هو. ٽنهي لاوي گھراڻن جو جملي تعداد اٺ هزار پنج سؤ اسي هو.
35
خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت ۽ بار کڻڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن سندن شمار ڪيو ويو.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36