bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 2
Numbers 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 3 →
1
خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ
2
”بني اسرائيل مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي نشان وٽ پنهنجي ڪٽنب جي جھنڊي سان مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي چئني طرفن تي پنهنجو پنهنجو تنبو کوڙي.
3
اوڀر طرف پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪي قبيلا يهوداہ جي خيميگاهہ جي نشان وٽ هڪٻئي جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني يهوداہ جو سردار عمينداب جو پٽ نحسون ٿئي.
4
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب چوهتر هزار ڇهہ سؤ آهي.
5
بني يهوداہ جي ڀرسان اِسڪار قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار صوعر جو پٽ نٿنايل ٿئي.
6
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب چوونجاهہ هزار چار سؤ آهي.
7
بني اِسڪار جي ڀرسان زبولون قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار حيلون جو پٽ الياب ٿئي.
8
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ستونجاهہ هزار چار سؤ آهي.
9
سو يهوداہ جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ڇهاسي هزار چار سؤ مرد آهن. اهي سڀ يهوداہ جي خيميگاهہ جي نشان وارا پهريائين منزل پٽي هلن.
10
ڏاکڻي پاسي روبن جي خيميگاهہ جي نشان هيٺ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني روبن جو سردار شديور جو پٽ اليصور ٿئي.
11
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ڇائيتاليهہ هزار پنج سؤ آهي.
12
بني روبن جي ڀرسان شمعون قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار صوريشدي جو پٽ شلوميايل ٿئي.
13
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب اوڻهٺ هزار ٽي سؤ آهي.
14
بني شمعون جي ڀرسان جد قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار رعوايل جو پٽ الياسف ٿئي.
15
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ پنجاهہ آهي.
16
سو روبن جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ايڪونجاهہ هزار چار سؤ پنجاهہ مرد آهن. اهي سڀ روبن جي خيميگاهہ جي نشان وارا ٻئي نمبر تي منزل پٽي هلن.
17
ان کان پوءِ پهرين ٻن دستن ۽ پوين ٻن دستن جي وچ ۾ لاوي مون خدا سان ملاقات وارو خيمو کڻي هلن. جهڙي ترتيب سان هو منزل ڪن تهڙي ئي ترتيب سان منزل کڻن. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پنهنجي نشان وٽ هجي.
18
اولهہ طرف افرائيم جي خيميگاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني افرائيم جو سردار عميهود جو پٽ اليشمع ٿئي.
19
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب چاليهہ هزار پنج سؤ آهي.
20
بني افرائيم جي ڀرسان منسي قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار فداهصور جو پٽ جمليايل ٿئي.
21
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ٻٽيهہ هزار ٻہ سؤ آهي.
22
بني منسي جي ڀرسان بنيامين قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار جِدعوني جو پٽ ابيدان ٿئي.
23
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب پنجٽيهہ هزار چار سؤ آهي.
24
سو افرائيم جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک اٺ هزار هڪ سؤ مرد آهن. اهي سڀ افرائيم جي خيميگاهہ جي نشان وارا ٽئين نمبر تي منزل پٽي هلن.
25
اترئين پاسي دان جي خيميگاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني دان جو سردار عميشدي جو پٽ احيعزر ٿئي.
26
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ٻاهٺ هزار ست سؤ آهي.
27
بني دان جي ڀرسان آشر قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار عڪران جو پٽ فجعيايل ٿئي.
28
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ايڪيتاليهہ هزار پنج سؤ آهي.
29
بني آشر جي ڀرسان نفتالي قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار عينان جو پٽ احيرع ٿئي.
30
انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ٽيونجاهہ هزار چار سؤ آهي.
31
سو دان جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ستونجاهہ هزار ڇهہ سؤ مرد آهن. اهي سڀ دان جي خيميگاهہ وارا پنهنجي پنهنجي نشان هيٺ آخر ۾ منزل پٽي هلن.“
32
اهي آهن بني اسرائيل ، جن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو. سمورا لشڪر جيڪي خيميگاهن ۾ هئا تن جو تعداد سندن دستن موجب ڇهہ لک، ٽي هزار پنج سو پنجاهہ مرد هو.
33
پر لاوي بني اسرائيل جي ٻين ماڻهن سان شمار نہ ڪيا ويا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
34
سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي نشان وٽ پنهنجو تنبو کوڙيو ۽ اهڙيءَ طرح انهن مان هر ڪو پنهنجي نسل ۽ ڪٽنب موجب منزل پٽي هليو.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36