bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 26
Numbers 26
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 27 →
1
وبا کان پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي فرمايو تہ
2
”اوهين سڄي بني اسرائيل جو گھراڻن موجب شمار ڪريو. انهن سمورن مردن جو شمار ڪريو جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي ۽ جنگي خدمتن جي لائق هجن.“
3
سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي ڪناري تي پوريءَ قوم کي گڏ ڪيو،
4
تہ جيئن خداوند جي حڪم موجب جن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي تن جو شمار ڪيو وڃي. جيڪي بني اسرائيل مصر مان نڪري آيا هئا سي هي هئا.
5
روبن جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو تنهن جي قبيلي مان حنُوڪ جو نسل، فلو جو نسل،
6
حصرون جو نسل ۽ ڪرميءَ جو نسل هو.
7
بني روبن جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ٽيتاليهہ هزار ست سؤ ٽيهہ هو.
8
فلو جي اولاد مان الياب
9
۽ سندس پٽ نموايل، داتن ۽ ابيرام هئا. هي اهي داتن ۽ ابيرام آهن، جيڪي قوم جا اڳواڻ ڪري چونڊيا ويا هئا ۽ جڏهن قورح جي ٽولي خداوند خلاف بغاوت ڪئي هئي، تڏهن هو بہ موسيٰ ۽ هارون خلاف ساڻن گڏ هئا.
10
جڏهن باهہ انهيءَ ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ اهو ٽولو مري ويو، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن ٻنهي کي قورح سميت ڳهي ويئي. سو اهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان بڻيا.
11
پر قورح جا پٽ ڪونہ ماريا ويا.
12
شمعون جي قبيلي مان نموايل جو نسل، يامين جو نسل، يڪين جو نسل،
13
زارح جو نسل ۽ شائول جو نسل هو.
14
بني شمعون جي مردن جو تعداد ٻاويهہ هزار ٻہ سؤ هو.
15
جد جي قبيلي مان صفون جو نسل، حجيءَ جو نسل، سونيءَ جو نسل،
16
آزنيءَ جو نسل، عيريءَ جو نسل،
17
ارود جو نسل ۽ اريليءَ جو نسل هو.
18
بني جد جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد چاليهہ هزار پنج سؤ هو.
19
يهوداہ جي قبيلي مان شيلاہ جو نسل، فارص جو نسل، زارح جو نسل ۽ فارص جي پٽن مان حصرون جو نسل ۽ حمول جو نسل هو. جڏهن تہ يهوداہ جي پٽن مان ٻہ ڄڻا عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا.
22
بني يهوداہ جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ڇاهتر هزار پنج سؤ هو.
23
اِسڪار جي قبيلي مان تولع جو نسل، فواہ جو نسل،
24
يسوب جو نسل ۽ شمرون جو نسل هو.
25
بني اِسڪار جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد چوهٺ هزار ٽي سؤ هو.
26
زبولون جي قبيلي مان سرد جو نسل، ايلون جو نسل ۽ يهلايل جو نسل هو.
27
بني زبولون جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد سٺ هزار پنج سؤ هو.
28
يوسف جا قبيلا، سندس ٻنهي پٽن منسي ۽ افرائيم منجھان هي هئا:
29
منسيءَ جي قبيلي مان مڪير جو نسل ۽ سندس پٽ جِلعاد جو نسل هو.
30
جِلعاد جي قبيلي مان ايعزر جو نسل، خلق جو نسل،
31
اسريايل جو نسل، سڪم جو نسل،
32
شميدع جو نسل ۽ حفر جو نسل هو.
33
حفر جي پٽ صلافحاد کي پٽ جو اولاد ڪونہ هو رڳو ڌيئر هئس، جن جا نالا هي آهن: محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، مِلڪاہ ۽ ترضاہ.
34
بني منسيءَ جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ٻاونجاهہ هزار ست سؤ هو.
35
افرائيم جي قبيلي مان شوٿلح جو نسل، بڪر جو نسل ۽ تحن جو نسل هو.
36
شوٿلح جي پٽ عيران جو نسل پڻ هو.
37
بني افرائيم جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد ٻٽيهہ هزار پنج سؤ هو. اهي ٻئي قبيلا يوسف جو اولاد آهن.
38
بنيامين جي قبيلي مان بلع جو نسل، اشبيل جو نسل، احيرام جو نسل،
39
شوفام جو نسل ۽ حوفام جو نسل هو.
40
بلع جي ٻنهي پٽن ارد ۽ نعمان جا نسل پڻ هئا.
41
بني بنيامين جي نسلن جي مردن جو تعداد پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ هو.
42
دان جي قبيلي مان شوحام جو نسل هو.
43
انهيءَ نسل جي مردن جو تعداد چوهٺ هزار چار سؤ هو.
44
آشر جي قبيلي مان يمناہ جو نسل، اِشويءَ جو نسل ۽ بريعاہ جو نسل هو.
45
بريعاہ جي ٻنهي پٽن حبر ۽ ملڪيايل جا نسل پڻ هئا.
46
آشر کي هڪ ڌيءَ بہ هئي جنهن جو نالو سارہ هو.
47
بني آشر جي نسلن جي مردن جو تعداد ٽيونجاهہ هزار چار سؤ هو.
48
نفتاليءَ جي قبيلي مان يحصيايل جو نسل، جُونيءَ جو نسل،
49
يصر جو نسل ۽ شليم جو نسل هو.
50
بني نفتاليءَ جي انهن نسلن جي مردن جو تعداد پنجيتاليهہ هزار چار سؤ هو.
51
سو بني اسرائيل مان جن مردن جو شمار ڪيو ويو سي جملي ڇهہ لک هڪ هزار ست سؤ ٽيهہ ٿيا.
52
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
53
”انهن قبيلن کي اها زمين نالن موجب ورثي طور ورهائي ڏني وڃي.
54
جنهن قبيلي ۾ گھڻا ماڻهو هجن تنهن کي گھڻو حصو ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن تنهن کي ٿورو حصو ڏنو وڃي. مطلب تہ هر هڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب حصو ڏنو وڃي.
55
البت زمين جي ورهاست لاءِ پُکا وڌا وڃن. سڀني کي سندن اباڻن قبيلن جي نالن موجب حصو ڏنو وڃي.
56
ننڍي توڙي وڏي قبيلي کي پُکن جي ذريعي حصو ڏنو وڃي.“
57
لاوي قبيلي وارا جن جو شمار ڪيو ويو سي هي هئا: جيرشون جو نسل، قهات جو نسل ۽ مراريءَ جو نسل.
58
انهيءَ کان سواءِ لاوين جا هي نسل بہ آهن: لبني جو نسل، حبرون جو نسل، محليءَ جو نسل، موشيءَ جو نسل ۽ قورح جو نسل. قهات کي عمرام نالي هڪ پٽ هو.
59
عمرام، لاويءَ جي ڌيءَ يوڪبد سان پرڻيل هو جا لاويءَ کي مصر ۾ ڄائي هئي. انهيءَ مان عمرام کي ٻہ پٽ هارون ۽ موسيٰ ۽ هڪڙي ڌيءَ مريم ڄاوا.
60
هارون کي هي پٽ ڄاوا: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.
61
ندب ۽ ابيهو انهيءَ ڏينهن مري ويا جنهن ڏينهن خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ سان نذرانو پيش ڪيو هئائون.
62
سڀ لاوي مرد جن جي عمر هڪ مهينو يا انهيءَ کان مٿي هئي، تن جو تعداد ٽيويهہ هزار هو. انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ورثو ڪونہ مليو.
63
هي اهي نسل آهن جن جو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي ڪناري تي شمار ڪيو.
64
انهن ۾ اهڙو هڪڙو بہ ماڻهو موجود ڪونہ هو، جنهن کي موسيٰ ۽ هارون پهرئين دفعي سينا جي بيابان ۾ شمار ڪيو هو.
65
اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند انهن جي باري ۾ فرمايو هو تہ ”اهي سڀ ضرور بيابان ۾ مري ويندا.“ سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو بہ ماڻهو ڪونہ بچيو.
← Chapter 25
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 27 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36