bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 25
Numbers 25
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 26 →
1
جڏهن بني اسرائيل شطيم ماٿريءَ ۾ رهيا پيا هئا، تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن اتي جي رهاڪو موآبي عورتن سان زناڪاري شروع ڪري ڏني.
2
اهي عورتون کين پنهنجن معبودن جي اڳيان قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏينديون هيون. هو اتي وڃي کاڌو کائيندا هئا ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.
3
اهڙيءَ طرح بني اسرائيل موآبين جي پعور واري بعل معبود جي پوڄا ڪرڻ لڳا. سو خداوند کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ آئي.
4
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀني اڳواڻن کي پڪڙي منهنجي اڳيان کين ڏينهن ڏٺي جو ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏ، تہ جيئن مون خداوند جو غضب بني اسرائيل تان ٽري وڃي.“
5
تڏهن موسيٰ بني اسرائيل جي حاڪمن کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پنهنجي قبيلي جي هر انهيءَ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو پعور واري بعل معبود جي پوڄا ڪندڙ آهي.“
6
پوءِ جڏهن سمورا ماڻهو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو روئي رهيا هئا، تڏهن بني اسرائيل جو هڪڙو ماڻهو، موسيٰ ۽ سڄيءَ قوم جي اکين اڳيان، هڪڙي مدياني عورت کي پاڻ سان گڏ پنهنجي قوم ۾ وٺي آيو.
7
جڏهن هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس هي ڏٺو تڏهن هو گڏ ٿيل ماڻهن منجھان اُٿي هليو. هن پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو کنيو
8
۽ انهيءَ مرد جي پٺيان قبي واري هڪ تنبوءَ ۾ گھڙيو، جتي هن انهن ٻنهي، يعني انهيءَ مرد ۽ ان عورت جي پيٽ ۾ اُهو ڀالو ٽُنبي ڏنو. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل منجھان وبا ختم ٿي.
9
پر اها وبا اڳ ۾ ئي چوويهہ هزار ماڻهو ماري چڪي هئي.
10
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
11
” هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس جيڪي ڪيو آهي، تنهن سبب بني اسرائيل تان منهنجي ڪاوڙ ٽري ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هنن مان منهنجي غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو مون بني اسرائيل کي پنهنجي غيرت سببان برباد نہ ڪيو.
12
تنهنڪري تون فينحاس کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ساڻس پنهنجو صلح جو عهد ٿو ڪريان.
13
اهو عهد هن سان ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد سان هميشہ جي ڪهانت جو عهد آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون پنهنجي خدا جي خاطر غيرت ڪئي ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.“
14
بني اسرائيل جو اهو مرد جيڪو مدياني عورت سان گڏ ماريو ويو هو تنهن جو نالو زمري ولد سلو هو. هو شمعون قبيلي مان هڪڙي گھراڻي جو وڏو هو.
15
جيڪا مدياني عورت ماري ويئي تنهن جو نالو ڪزبي هو. هوءَ صور جي ڌيءَ هئي جيڪو مديان جي قبيلن جو رئيس هو.
16
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
17
”اوهين مديانين کي ستايو ۽ کين ماريو،
18
ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان پعور واريءَ ڳالهہ ۽ سندن ڀيڻ ڪزبيءَ واري ڳالهہ ۾ ستايو، جيڪا پعور جي سببان آيل وبا جي وقت ۾ ماري ويئي هئي.“
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36