bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 24
Numbers 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 25 →
1
هاڻ جڏهن بلعام ڏٺو تہ خداوند جي نظر ۾ بني اسرائيل کي ئي برڪت ڏيڻ سٺو آهي، تڏهن هو اڳي وانگر فال ڪڍڻ ڪين ويو، بلڪ بيابان ڏانهن کڻي منهن ڪيائين.
2
هن ڏٺو تہ بني اسرائيل پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب رهيل هئا. تڏهن اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو
3
۽ هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.
4
هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو، ۽ خدا جو فرمان ٻڌي پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ
5
اي بني يعقوب! اوهان جا خيما ڪيڏا نہ چڱا آهن، اي بني اسرائيل! اوهان جي رهائشگاهہ ڪيڏي نہ سٺي آهي!
6
اوهان جا خيما پري پري تائين اهڙيءَ طرح پکڙيل آهن، جهڙيءَ طرح کجين جون قطارون، اهي ائين ئي پکڙيل آهن جيئن ندين جي ڪنارن وارا باغ، اهي خداوند جي هٿن سان پوکيل عُود جي ٻوٽن جهڙا آهن، اهي ائين آهن جيئن پاڻيءَ جي ڪناري وارا ديال جا وڻ.
7
اوهين ۽ اوهان جو اولاد اهڙو تہ خوشحال ٿيندو، جيئن جھجھي پاڻيءَ جي ڀر وارا باغيچا هوندا آهن. اوهان جو بادشاهہ اَجاج جي بادشاهہ کان وڌيڪ زورآور ٿيندو، ۽ سندس بادشاهت تمام بلنديءَ تي وڃي پهچندي.
8
بيشڪ جنهن خدا اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، سو ڪيڏي نہ وڏي قدرت وارو آهي. هو پنهنجي مخالف قومن جا هڏا ڀڃي ڀوري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي تيرن سان کين چچري ناس ڪري ڇڏيندو.
9
اوهين هڪ جوان شينهن وانگر آهيو، جيڪو جڏهن ستل آهي تہ ڪير ان کي جاڳائڻ جي جرئت ڪندو؟ جيڪو اوهان کي برڪت جي دعا ڪري ٿو، تنهن کي برڪت ملي ٿي. جيڪو اوهان تي لعنت ڪري ٿو، تنهن کي لعنت ملي ٿي.“
10
تڏهن بلق کي بلعام تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا هٿ مهٽيندي بلعام کي چيو تہ ”مون تہ تو کي انهيءَ لاءِ سڏايو هو تہ منهنجي دشمنن تي لعنت ڪر، پر تو تہ هنن کي اٽلندو ٽي ڀيرا برڪت ڏني آهي.
11
سو هاڻي جلدي پنهنجي وطن ڏانهن ڀڄي وڃ. مون تہ چيو هو تہ آءٌ تو کي نوازيندس، پر خداوند تو کي انهيءَ کان روڪي رکيو.“
12
تنهن تي بلعام بلق کي وراڻيو تہ ”ڇا مون توهان جي موڪليل قاصدن کي ائين نہ چيو هو تہ
13
’جيڪڏهن بلق بادشاهہ چانديءَ ۽ سون سان ڀريل پنهنجو گھر بہ مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند جي حڪم کان ٻاهر پنهنجي مرضيءَ سان ڪابہ چڱائي يا بڇڙائي ڪري ڪين سگھندس؟ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو ئي مون کي چوڻو آهي.‘“
14
بلعام بلق کي وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ تہ پنهنجي قوم ڏانهن واپس وڃان ٿو. پر وڃڻ کان اڳ ۾ اچو، تہ آءٌ توهان کي آگاهہ ڪريان تہ هيءَ قوم، توهان جي قوم سان ايندڙ ڏينهَن ۾ ڇا ڪندي.“
15
پوءِ بلعام چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.
16
هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو. آءٌ خدا تعاليٰ جو فرمان ٻڌي سندس ڄاڻ حاصل ڪريان ٿو. پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ
17
آءٌ جھاتي پائي ڏسان ٿو تہ ايندڙ وقت ۾ بني اسرائيل ۾ هڪڙو بادشاهہ کڙو ٿيندو. هائو، بني يعقوب مان اهو هڪ تاري وانگر نڪري نروار ٿيندو. اهو اوهان موآبين کي چئني طرفن کان نپوڙيندو، ۽ سڀني فسادين کي برباد ڪري ڇڏيندو.
18
هو پنهنجي ادومي دشمنن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو، ۽ انهن جو ملڪ سندس ملڪيت ٿيندو. سندس اڳواڻيءَ ۾ بني اسرائيل هميشہ فتحياب ٿيندا.
19
بني يعقوب جو اهو بادشاهہ پنهنجي حڪمراني قائم ڪندو، ۽ ادوم جي شهرن ۾ بچي ويل دشمنن کي برباد ڪندو.“
20
بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو، جيڪا سڀ کان طاقتور آهي، پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“
21
پوءِ بلعام کي رويا ۾ قيني قوم نظر آئي، تڏهن هو پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”اي قينيؤ! اوهان جي رهڻ واري جاءِ مضبوط آهي، اوهان جو گھر آکيري جيان ٽڪر تي محفوظ آهي.
22
تہ بہ، ٻڌي ڇڏيو تہ اوهين برباد ٿيندا، جڏهن اشوري اوهان کي قيد ڪري وٺي ويندا.“
23
پوءِ هو پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي وڌيڪ چوڻ لڳو تہ ”جڏهن قادرِمطلق اهي ڳالهيون پوريون ڪندو، آہ! تڏهن ڪير آهي جيڪو جيئرو رهي سگھندو!
24
قبرص ٻيٽ جا لشڪر سامونڊي جهازن ۾ ايندا، اهي اشور ۽ عبر ٻنهي کي شڪست ڏيئي عاجز ڪندا، پر آخرڪار قبرص ٻيٽ وارا پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.“
25
تنهن بعد بلعام اُٿي پنهنجي وطن ڏانهن واپس وريو ۽ بلق بہ پنهنجو رستو وٺي هليو ويو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36