bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 19
Numbers 19
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 20 →
1
خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ
2
”جنهن شرعي قانون جو مون خداوند حڪم ڏنو آهي، تنهن موجب اوهين بني اسرائيل کي چئو تہ هو اوهان وٽ هڪڙِي بيعيب ڳاڙهي گابِي آڻين، جنهن تي ڪوبہ داغ نہ هجي ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ پاڃاري ڪانہ آئي هجي.
3
اوهين اها آڻي اليعزر ڪاهن کي ڏيو. هو انهيءَ کي خيميگاهہ کان ٻاهر ڪاهي وڃي ۽ اها هن جي روبرو ذبح ڪئي وڃي.
4
اليعزر ڪاهن هن جي رت مان ڪجھہ پنهنجي آڱر تي کڻي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي سامهون واري پاسي ست ڀيرا ڇنڊا هڻي.
5
پوءِ اُها گابي هن جي روبرو ساڙي وڃي. انهيءَ جي کل، گوشت، رت ۽ اوجھہ سڀ ساڙيا وڃن.
6
ڪاهن چندن جي ڪاٺي، زوفا جي ٽاري ۽ لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ جي وچ تي اڇلائي.
7
پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ هو ڀلي خيميگاهہ ۾ اچي. پر تنهن هوندي بہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.
8
جنهن انهيءَ گابيءَ کي ساڙيو هجي سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. پر تنهن هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.
9
جيڪو ماڻهو پاڪ هجي سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري خيميگاهہ جي ٻاهران ڪنهن پاڪ جاءِ تي رکي. اها بني اسرائيل لاءِ ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ ۾ استعمال ڪرڻ واسطي رکي رهي. اها رک ئي پاڪائيءَ جي لاءِ ڪم آندي وڃي ٿي.
10
جنهن انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪئي هجي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، پر تنهن هوندي بہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. هي بني اسرائيل جي لاءِ ۽ جيڪي ڌاريا منجھن رهندا هجن، تن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو.“
11
”جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهندو سو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.
12
هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ رک واري پاڻيءَ سان صاف ڪري تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو. پر جيڪڏهن هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي صاف نہ ڪندو تہ پاڪ نہ ٿيندو.
13
جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ جي لاش کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ٿو ڪري تہ اهو مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري. اهو ماڻهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ان جي مٿان نہ ڇٽڪاريو ويو آهي، انهيءَ ڪري هو ناپاڪ ئي رهندو.
14
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تنبوءَ ۾ مري وڃي تہ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ وقت تنبوءَ ۾ هوندو يا ٻاهران تنبوءَ ۾ گھڙي ايندو سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.
15
تنبوءَ ۾ سڀڪو کُليل ٿانءُ جنهن مٿان ڍڪ نہ هوندو سو بہ ناپاڪ ٿيندو.
16
جيڪڏهن ڪو جھنگ ۾ تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي يا پنهنجي موت مئل ماڻهوءَ جي لاش کي، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي هڏي کي يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.
17
اهڙي ناپاڪ ماڻهوءَ جي لاءِ انهيءَ ڳاڙهي گابيءَ، جيڪا پاڪائيءَ جي لاءِ ساڙي ويئي هئي، تنهن جي رک مان ڪجھہ کڻي هڪڙي ٿانوَ ۾ وڌي وڃي ۽ انهيءَ ۾ ڪجھہ وهندڙ پاڻي بہ وڌو وڃي.
18
پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي.
19
پاڪ ماڻهو ٽئين ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ ناپاڪ ماڻهوءَ تي اهو پاڻي ڇٽڪاري ۽ ستين ڏينهن هو انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. انهيءَ ڏينهن تي پاڪ ٿيڻ وارو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. تنهن کان پوءِ شام جو هو پاڪ ٿي ويندو.
20
پر جيڪڏهن ڪو ناپاڪ هجي ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪرائي تہ اهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇو تہ هن مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ڪيو آهي. جيئن تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي مٿس نہ ڇٽڪاريو ويو آهي انهيءَ ڪري هو ناپاڪ آهي.
21
هي اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو. جيڪو ماڻهو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ڇٽڪاري سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي. جيڪو ماڻهو ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
22
ناپاڪ ماڻهو جنهن بہ شيءِ کي ڇهندو سا ناپاڪ ٿيندي ۽ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ناپاڪ ٿيل شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.“
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36