bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 8
Numbers 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 9 →
1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
” هارون کي چئُہ تہ ’جڏهن تون شمعدان تي ڏيئا رکين، تہ انهن ستن ئي ڏيئن کي اهڙيءَ طرح رک جو انهن جي روشني شمعدان جي اڳيان هجي.‘“
3
سو هارون ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو. هن ڏيئن کي اهڙيءَ طرح رکيو جيئن اهي شمعدان جي سامهون روشني ڪن.
4
شمعدان جي بناوت هن طرح هئي جو اهو تري کان وٺي گلن وارين ڏياٽين تائين سڄو سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيو ويو هو. جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو ئي هن شمعدان ٺاهيو.
5
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
6
”بني اسرائيل مان لاوين کي جدا ڪري کين پاڪ ڪر.
7
کين پاڪ ڪرڻ لاءِ انهن تي پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي ڇٽڪار ۽ کين چئُہ تہ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گھمائين ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئين. اهڙيءَ طرح هو پاڪ ٿي ويندا.
8
پوءِ هو هڪڙو گابو ۽ سندس اناج جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدو آڻين ۽ تون هڪڙو ٻيو گابو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ آڻ.
9
تون لاوين کي مون خداوند سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان منهنجي حضور ۾ آڻي بيهار ۽ سڄيءَ قوم کي اتي آڻي گڏ ڪر.
10
بني اسرائيل جا ماڻهو پنهنجا هٿ لاوين جي مٿي تي رکن.
11
هارون لاوين کي مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي پاران مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري، انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿين.
12
پوءِ لاوي پنهنجا هٿ ٻنهي گابن جي مٿن تي رکن ۽ تون انهن گابن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ منهنجي حضور ۾ لاوين جي ڪفاري واسطي پيش ڪر.
13
اهڙيءَ طرح تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي اڳيان بيهاري مون لاءِ مخصوص حصي طور پيش ڪري
14
کين بني اسرائيل مان ڌار ڪر، تہ جيئن اهي منهنجا ٿين.
15
ان کان پوءِ ئي اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ داخل ٿين.
16
مون انهن کي بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جي بدلي پنهنجي واسطي چونڊيو آهي، سو اهي سڀيئي رڳو منهنجا ئي آهن.
17
جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ماريا، تنهن ڏينهن بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا نر، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا هئا.
18
پر هاڻ بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي عيوض مون لاوين کي کنيو آهي.
19
بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو انهيءَ لاءِ تہ هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني اسرائيل جي جاءِ تي خدمت ڪن ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندا رهن، تانتہ جڏهن بني اسرائيل مقدس خيمي جي ويجھو اچن تہ مٿن مصيبت نہ ڪڙڪي.“
20
سو موسيٰ ، هارون ۽ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم لاوين سان بلڪل ائين ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
21
لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوتائون. پوءِ هارون کين خداوند جي حضور ۾ سندس مخصوص حصي طور پيش ڪيو. هن کين پاڪ ڪرڻ لاءِ سندن واسطي ڪفارو ادا ڪيو.
22
لاوين سان ائين ئي ڪيو ويو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. تنهن کان پوءِ لاوي خدمت ڪرڻ لاءِ هارون ۽ سندس پٽن جي نگرانيءَ ۾ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل ٿيا.
23
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
24
” لاوين جي باري ۾ هي حڪم آهي تہ جن جي عمر پنجويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هجي سي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا رهن.
25
پر هو جڏهن پنجاهہ سالن جا ٿين تڏهن پنهنجي ڪم کان بس ڪن ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن.
26
اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ پنهنجن لاوي ڀائرن سان انهن جي ٻين ڪمن ۾ ڀلي هٿ ونڊائيندا رهن، پر هو پنهنجي سر خدمت وارو ڪوبہ ڪم نہ ڪن. اهڙيءَ ئي طرح تو کي لاوين جي ذمي ڪم سونپڻا آهن.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36