bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 30
Numbers 30
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 31 →
1
موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کي خداوند جي حڪم بابت ٻڌائيندي چيو تہ
2
”جڏهن ڪو ماڻهو خداوند آڏو ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجو قول نہ ڀڃي، بلڪ جيڪي زبان مان نڪتو هجيس سو پورو ڪري.
3
جڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي خداوند آڏو ڪا باس يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو عهد ڪري
4
۽ سندس پيءُ انهيءَ باس يا خاص فرض جي باري ۾ ٻُڌي، پر ڪجھہ بہ نہ چويس، تہ جا باس باسي هئائين يا جنهن خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ عهد ڪيو هئائين سو پورو ڪري.
5
پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو ڇو تہ سندس پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.
6
جيڪڏهن باس باسڻ يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ پاڻ کي ٻڌل رکڻ کان پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ جي شادي ٿئي،
7
پوءِ سندس مڙس انهيءَ باس يا خاص فرض جي باري ۾ ٻڌي، پر ڪجھہ بہ نہ چويس، تہ جا باس باسي هئائين يا جنهن خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ عهد ڪيو هئائين، سو پورو ڪري.
8
پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي ۽ انهيءَ کي رد ڪري، تہ پوءِ هوءَ تڪڙ ۾ باسيل پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.
9
پر رنزال يا طلاقشدہ عورت کي پنهنجي باس يا خاص فرض جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سو پورو ڪرڻو آهي.
10
جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي گھر ۾ رهندي ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري
11
۽ سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع نہ ڪري ۽ نڪي کيس ڪجھہ چوي، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو ڪري.
12
پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض جيڪو سندس زبان مان نڪتو سو پورو نہ ڪري، ڇو تہ مڙسس انهيءَ کي رد ڪري ڇڏيو. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.
13
هن جي مڙس کي اهو حق حاصل آهي تہ چاهي تہ پنهنجي زال جي باسيل باس يا روح جي رياضت جي خاص فرض کي بحال رکي، چاهي تہ رد ڪري ڇڏي.
14
پر جيڪڏهن هن جو مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي تنهن جي ٻئي ڏينهن تائين کيس ڪجھہ بہ نہ چوي تہ سمجھبو تہ هن کي پنهنجيءَ زال جي باس يا خاص فرض تي ڪوبہ اعتراض ڪونہ آهي. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ ڳالهہ کي بحال رکيو آهي، ڇو تہ تنهن ڏينهن هن کيس ڪجھہ بہ نہ چيو.
15
پر جيڪڏهن ٻڌڻ کان ڪجھہ ڏينهن پوءِ هو انهن کي رد ٿو ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجيءَ زال جي باس يا خاص فرض پوري نہ ڪرڻ واري گناهہ جو ذميوار پاڻ آهي.“
16
مڙس ۽ زال جي وچ ۾ ۽ پيءُ ۽ ڌيءَ، جيڪا ڪنوارپ دوران پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تنهن جي وچ ۾ باس باسڻ بابت اهي ئي قانون آهن، جيڪي خداوند موسيٰ کي ڏنا.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36