bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 18
Numbers 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 19 →
1
خداوند هارون کي فرمايو تہ ”مقدس خيمي بابت ڪنهن بہ خطا جي ذميواري تو تي، تنهنجي پٽن تي ۽ تنهنجي اباڻي قبيلي لاويءَ تي آهي. باقي ڪهانت جي خطا جي ذميواري رڳو تو تي ۽ تنهنجي پٽن تي آهي.
2
جڏهن انهيءَ مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ تون ۽ تنهنجا پٽ خدمت ڪندا هجو، تڏهن تون پنهنجي مائٽن يعني اباڻي لاوي قبيلي وارن کي پاڻ سان گڏ آڻيندو ڪر تہ جيئن اهي تنهنجي خدمت ڪندا رهن.
3
هو تنهنجي مدد ڪن ۽ سڄي خيمي جي سنڀال ڪن. پر هو مقدس خيمي جي مخصوص شين ۽ قربانگاهہ جي ويجھو نہ اچن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي مري نہ وڃن ۽ انهن سان گڏ اوهين بہ مري وڃو.
4
اُهي تو سان ڪم ۾ شريڪ ٿين ۽ مقدس خيمي جي سنڀال ۽ سڀڪا خدمت ڪن، پر ٻيو ڪوبہ اوهان سان گڏ ڪم نہ ڪري.
5
تون ۽ تنهنجا پٽ مقدس خيمي ۽ قربانگاهہ جي سنڀال ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي منهنجو غضب نازل نہ ٿئي.
6
مون اوهان جي مائٽن يعني بني لاويءَ کي بني اسرائيل مان بخشش طور اوهان جي لاءِ چونڊي کنيو آهي. اهي مون خداوند جي لاءِ وقف آهن، تہ جيئن مقدس خيمي ۾ خدمت ڪن.
7
پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربانگاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“
8
خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”آءٌ تو کي اُهي سڀ شيون ڏيان ٿو جيڪي مون آڏو مخصوص قربانين طور پيش ڪيون ويون آهن. مون اهي تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڪاهنيءَ جو حق ڪري ڏنيون آهن.
9
جيڪو حصو مون لاءِ ئي مخصوص قربانين مان قربانگاهہ تي نہ سڙيو هجي سو اوهان جو ٿيندو، يعني اهي سموريون مون لاءِ ئي مخصوص قربانيون جيڪي هو منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا، چاهي اناج جي قرباني ، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني هجي، تن مان اهو حصو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو ٿيندو.
10
اهو حصو مون لاءِ ئي مخصوص آهي سو اهو رڳو مرد ئي کائين. انهيءَ حصي کي پاڪ سمجھہ.
11
انهيءَ کان سواءِ اُهي سڀ نذرانا جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪندا سي تنهنجا ٿيندا. مون اهي تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنا آهن. تنهنجي گھر جو هر اُهو ڀاتي جيڪو پاڪ هجي سو ڀلي کائي.
12
زيتون جي تيل، مئي ۽ اناج مان سڀ کان بهترين يعني پهرين پيداوار بني اسرائيل مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا آهن سا آءٌ تو کي ڏيان ٿو.
13
انهن جي زمين ۾ هر قسم جا پهريان پڪل ميوا جيڪي اُهي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي تنهنجا ٿيندا. تنهنجي گھر جو هر اُهو ڀاتي جيڪو پاڪ هجي سو ڀلي اُهي کائي.
14
بني اسرائيل جي هر ڪا شيءِ جا مون خداوند جي لاءِ وقف ڪئي ويندي سا تنهنجي ٿيندي.
15
هر پهريتو ٻار يا جانور، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند جي لاءِ نذر ڪندا سو تنهنجو ٿيندو. پر تون پهريتن ٻارن لاءِ عيوضو وٺي کين ڇڏي ڏي ۽ ناپاڪ جانور جي پهريتي ڦر لاءِ بہ عيوضو وٺ.
16
اُهي ٻار جڏهن هڪ مهيني جا ٿين تہ انهن جي عيوضي جي قيمت عبادتگاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا پنج سڪا جنهن ۾ سٺ گرام ٿين ٿا، وٺي کين ڇڏي ڏي.
17
پر ڳئون، رڍ ۽ ٻڪريءَ جي پهريتن ڦرن جو تون عيوضو نہ وٺ، اهي مخصوص آهن. اهي قربان ڪيا وڃن ۽ انهن جو رت تون قربانگاهہ تي ڇٽڪاري ڇڏ ۽ انهن جي چرٻي قربانيءَ طور ساڙي ڇڏ تہ مون خداوند لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي.
18
هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ واري سيني ۽ ساڄي ران وانگر، انهن جو گوشت بہ تنهنجو ٿيندو.
19
مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيل بني اسرائيل جي خاص قربانين مان مخصوص حصا آءٌ تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏيان ٿو. اهو تو سان ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان مون خداوند جو هميشہ جي لاءِ اڻٽٽ عهد آهي.“
20
خداوند هارون کي فرمايو تہ ”اوهان ڪاهنن کي ڪابہ ملڪيت ورثي ۾ نہ ملندي ۽ اوهان کي بني اسرائيل جي ملڪ مان ڪوبہ حصو نہ ڏنو ويندو. آءٌ خداوند ئي اوهان جي لاءِ سڀ ڪجھہ آهيان.“
21
خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”بني لاوي جيڪا خدمت مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون کين اهي سڀ ڏهان حصا ورثي طور ڏنا آهن جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا آهن.
22
اڳتي ٻيا بني اسرائيل مون سان ملاقات واري خيمي جي ويجھو نہ اچن، نہ تہ پاڻ تي گناهہ کڻي انهيءَ جي سزا ۾ مري ويندا.
23
رڳو لاوي ئي مون سان ملاقات واري خيمي جي خدمت ڪن ۽ انهن جي خطا جي سڄي ذميواري سندن تي ئي آهي. اهو هميشہ جو قانون آهي جيڪو اوهان جي اولاد سان بہ لاڳو رهندو. بني اسرائيل مان لاوين کي ڪابہ مستقل ملڪيت نہ ملندي.
24
ڇاڪاڻ تہ ڏهون حصو، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند لاءِ خاص نذرانو پيش ڪندا آهن سو مون کين ورثو ڪري ڏنو آهي. انهيءَ ڪري مون انهن بابت چيو آهي تہ کين بني اسرائيل ۾ ڪابہ مستقل ملڪيت ڪانہ ملندي.“
25
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
26
”تون لاوين کي هي بہ چئُہ تہ ’جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جيڪو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين مون خداوند جي لاءِ خاص نذراني طور انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.
27
اوهان جو اهو نذرانو ان ۽ مئي جي پهرين پيداوار جي قربانيءَ جي برابر سمجھيو ويندو.
28
اهڙيءَ طرح جيڪي ڏهان حصا اوهان کي بني اسرائيل کان ملن، تن سڀني مان اوهين مون خداوند جي لاءِ خاص نذرانو پيش ڪجو. اهو خاص نذرانو اوهين هارون ڪاهن کي ڏيندا رهجو.
29
جيڪي اوهان کي ملي ان جو بهترين حصو جيڪو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي سو مون کي ڏجو.‘
30
سو لاوين کي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين بهترين حصو پيش ڪري چڪو تہ ڏهن حصن مان باقي بچيل اوهان جي پنهنجي ان ۽ مئي جي پهرين پيداوار سمجھيو ويندو.
31
اهو اوهين ۽ اوهان جا گھراڻا ڀلي هر ڪنهن هنڌ وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي انهيءَ خدمت جو معاوضو آهي جا اوهين مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪريو ٿا.
32
جڏهن اوهين انهيءَ مان بهترين حصو مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندءُ تہ اوهان تي ڪوبہ گناهہ نہ ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل جي مخصوص نذرانن مان اهو حصو پاڻ کڻي انهن نذرانن کي ناپاڪ ڪندا تہ اوهين مري ويندا.‘“
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36