bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 29
Numbers 29
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 30 →
1
”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي لاءِ نفيلن وڄائڻ جو ڏينهن آهي.
2
اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن.
3
اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام
4
۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي.
5
اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.
6
اهي قربانيون، ماهوار ۽ روزانہ ساڙڻ وارين قربانين ۽ انهن سان گڏ اناج ۽ اوتڻ وارين قربانين کان واڌاريون آهن. اهي وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واريون قربانيون آهن.“
7
”انهيءَ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن تي اوهين پنهنجي خواهشن کي روڪجو ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو.
8
اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن.
9
اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام
10
۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي.
11
ڪفاري واري پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ ۽ دستوري ساڙڻ واري قرباني، انهن سان گڏ اناج جي قربانين ۽ اوتڻ وارين قربانين کان علاوہ هڪڙو ٻڪر پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.“
12
”ستين مهيني جي پندرهين تاريخ اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو. ست ڏينهن مون خداوند جي لاءِ عيد ملهائجو ۽ انهن ڏينهن ۾ اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
13
پهرئين ڏينهن تي اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ تيرهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن.
14
اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، هر هڪ گھٽي سان گڏ ٻہ ٻہ ڪلوگرام
15
۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي.
16
هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
17
ٻئي ڏينهن تي اوهين ٻارهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن.
18
انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.
19
هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ سندس اناج جي قربانيءَ ۽ انهن سان گڏ انهن ٻنهي جي اوتڻ وارين قربانين کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
20
ٽئين ڏينهن تي اوهين يارهن وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن.
21
انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.
22
هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
23
چوٿين ڏينهن ڏهہ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن.
24
انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.
25
هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
26
پنجين ڏينهن تي نوَ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن.
27
انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.
28
هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
29
ڇهين ڏينهن تي اٺ وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن.
30
انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.
31
هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
32
ستين ڏينهن تي ست وهڙا، ٻہ گھٽا ۽ چوڏهن هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو، جي سڀ بيعيب هجن.
33
انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.
34
هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
35
اٺين ڏينهن تي اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ انهيءَ ڏينهن تي اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
36
اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن.
37
انهن سان گڏ اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني ، سندن شمار ۽ قانون موجب پيش ڪجو.
38
هڪڙو ٻڪر پڻ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪجو. هي قربانيون دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان علاوہ واڌاريون قربانيون آهن.
39
اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پنهنجين باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانين کان علاوہ اهي ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ، اوتڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪندا رهجو.“
40
موسيٰ بني اسرائيل کي اهي سڀ ڳالهيون ٻڌايون، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36