bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 12
Numbers 12
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 13 →
1
موسيٰ ڪوش ملڪ جي هڪڙي عورت سان شادي ڪئي هئي. سو ان ڪوشي عورت جي سبب مريم ۽ هارون موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا.
2
هنن چيو تہ ”ڇا خداوند رڳو موسيٰ سان ئي ڳالهايو آهي؟ ڇا هن اسان سان پڻ نہ ڳالهايو آهي؟“ جيڪي هنن چيو سو خداوند کي ڪين وڻيو،
3
ڇو تہ دنيا جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ موسيٰ سندس تابعدار هو.
4
سو خداوند اوچتو موسيٰ ، هارون ۽ مريم کي چيو تہ ”اوهين ٽيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي ڄڻا نڪري مقدس خيمي وٽ آيا.
5
پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀي ۾ هيٺ لٿو. هو خيمي جي در تي اچي بيٺو ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين. جڏهن هو ٻئي اڳتي وڌيا تہ
6
کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس.
7
پر آءٌ پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ائين نہ ڳالهائيندو آهيان. اهو ئي تہ منهنجي سڄي گھراڻي ۾ امانتدار آهي.
8
آءٌ انهيءَ سان ڳجھارتن ۾ نہ بلڪ روبرو ۽ کُليو کُلايو ڳالهائيندو آهيان، بلڪ هو تہ منهنجو روپ بہ ڏسندو آهي. تہ پوءِ ڇو اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ کان نہ ٿي ڊنا؟“
9
خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هو اتان هليو ويو.
10
سندس وڃڻ سان ئي اهو ڪڪر خيمي تان هٽي ويو تڏهن مريم ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان بلڪل اڇي ٿي ويئي. جڏهن هارون مريم ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ هوءَ ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي آهي.
11
تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”اي منهنجا سائين! مهرباني ڪري اسان کان انهيءَ گناهہ جي سزا نہ لوڙاءِ جيڪو اسان بيعقليءَ جي ڪري ڪيو آهي.
12
مريم کي ان مئل ٻار وانگر ٿيڻ نہ ڏي، جنهن جو بدن سندس ماءُ جي پيٽ مان نڪرڻ وقت اڌ سڙيل ڳريل هجي.“
13
تڏهن موسيٰ خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر.“
14
خداوند موسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن هن جو پيءُ هن جي منهن تي رڳو ٿڪ ئي اڇلائي ها تہ ڇا هوءَ ستن ڏينهن تائين خوار نہ رهي ها؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ خيميگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.“
15
سو مريم ست ڏينهن خيميگاهہ کان ٻاهر رهي. جيستائين مريم موٽي اندر نہ آئي تيستائين ماڻهو اتان روانا ڪونہ ٿيا.
16
تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو کوڙيائون.
← Chapter 11
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 13 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36