bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 28
Numbers 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 29 →
1
خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل بابت هي حڪم فرمايو تہ
2
”منهنجو نذرانو يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جيڪا ساڙبي آهي سا اوهين ياد ڪري مقرر وقت تي قوم جي طرفان منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.
3
جيڪي ساڙيون ويندڙ قربانيون اوهين مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سي هن ريت هجن. اوهين هر روز ٻہ هڪسالا بيعيب گھيٽا ساڙڻ واري قربانيءَ طور،
4
هڪڙو گھيٽو صبح جو ۽ ٻيو شام جو قربان ڪجو.
5
هڪ ڪلوگرام ميدو هڪ ليٽر زيتون جي تيل سان گڏي اناج جي قربانيءَ طور ۽ هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ طور هر هڪ گھيٽي سان گڏ پيش ڪجو. اوتڻ واري قرباني مون خداوند جي حضور ۾ مخصوص جاءِ ۾ پئٽجو. اها دستوري ساڙڻ واري قرباني آهي جيڪا سينا جبل وٽ مقرر ڪئي ويئي هئي، انهيءَ لاءِ تہ مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ واسطي ساڙي ويندڙ قرباني ٿئي.“
9
” سبت جي ڏينهن ٻہ هڪسالا بيعيب گھيٽا، ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ گڏيل اناج جي قربانيءَ طور ۽ انهن پٺيان اوتڻ واري قرباني پڻ پيش ڪجو.
10
روزمرہ جي ساڙڻ واري قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ ساڙڻ واري قرباني هر ڪنهن سبت تي پيش ڪرڻي آهي.“
11
”اوهين هر مهيني جي پهرين تاريخ تي مون خداوند جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن.
12
اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام
13
۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي. اها ساڙڻ واري قرباني مون خداوند واسطي وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي.
14
اوتڻ واري قربانيءَ طور مئي پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان ٻہ ٻہ ليٽر، گھٽي سان ڏيڍ ليٽر ۽ هر هڪ گھيٽي سان هڪ هڪ ليٽر مئي هجي. اها ئي ماهوار ساڙڻ واري قرباني آهي، جيڪا هر مهيني جي پهرين تاريخ تي پيش ڪئي وڃي.
15
دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ انهيءَ سان گڏ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي.“
16
”پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ تي مون خداوند جي عيد فصح ملهائي وڃي.
17
ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ کان عيد جي تقريب شروع ٿي ست ڏينهن جاري رهندي. انهيءَ دوران جيڪا ماني کاڌي وڃي تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.
18
تقريب جي پهرئين ڏينهن تي مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
19
اوهين مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو، جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن.
20
اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پڻ پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام
21
۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي.
22
اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.
23
صبح واري دستوري ساڙڻ واري قربانيءَ کان سواءِ اوهين اهي قربانيون پيش ڪجو.
24
اهڙيءَ طرح اوهين ست ڏينهن لاڳيتا هر روز مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا ساڙبي آهي سا پيش ڪندا رهجو. اها قرباني دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ انهيءَ سان گڏ اوتڻ واري قربانيءَ کان سواءِ پيش ڪئي وڃي.
25
ستين ڏينهن اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.“
26
” لاباري جي عيد جي دوران پهرين پيداوار جي ڏينهن تي جڏهن اوهين مون خداوند جي حضور ۾ نئين فصل جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين مون خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.
27
اوهين مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو جنهن ۾ ٻہ وهڙا، هڪڙو گھٽو ۽ ست هڪسالا گھيٽا هجن. اهي سڀ بيعيب هجن.
28
اناج جي قربانيءَ طور تيل ۾ گڏيل ميدو پيش ڪجو. انهيءَ لاءِ هر هڪ وهڙي سان گڏ ٽي ٽي ڪلوگرام، گھٽي سان گڏ ٻہ ڪلوگرام
29
۽ هر هڪ گھيٽي سان گڏ هڪ هڪ ڪلوگرام ميدو هجي.
30
اوهين پنهنجي ڪفاري لاءِ هڪڙو ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پڻ پيش ڪجو.
31
دستوري ساڙڻ واري قرباني ۽ ان سان گڏ اناج جي قربانيءَ کان سواءِ اوهين اهي سڀ قربانيون پنهنجي اوتڻ وارين قربانين سان گڏ پيش ڪجو.“
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36