bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 32
Numbers 32
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 33 →
1
روبن ۽ جد قبيلي وارن وٽ چوپايو مال تمام گھڻو هو. سو جڏهن انهن يعزير ۽ جِلعاد جي زمين تي نظر ڪئي تہ ڏٺائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لاءِ نهايت سٺو آهي،
2
تڏهن هو موسيٰ ، اليعزر ڪاهن ۽ اڳواڻن وٽ آيا ۽ موسيٰ کي چيائون تہ
3
”اهو ملڪ جنهن تي خداوند بني اسرائيل جي هٿان قبضو ڪيو آهي ۽ جنهن ۾ عطارات، ديبون، يعزير، نمراہ، حشبون، العالي، سبام، نبو ۽ بعون شهر آهن، تنهن جي زمين چوپائي مال جي لاءِ تمام چڱي آهي. جيئن تہ اسان اوهان جي ٻانهن وٽ گھڻو چوپايو مال آهي،
5
سو جيڪڏهن اسان تي توهان جي مهربانيءَ جي نظر آهي تہ هيءُ ملڪ اسان پنهنجن خادمن کي ملڪيت ڪري ڏيئي ڇڏيو ۽ اسان کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ وٺي هلو.“
6
تڏهن موسيٰ جد ۽ روبن قبيلي وارن کي چيو تہ ”اوهان جا همقوم ڀائر تہ جنگ تي ويندا ۽ اوهين هتي ويٺا رهندا ڇا؟
7
ڇو اوهين بني اسرائيل کي پار پهچي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان بيهمت ٿا ڪريو، جيڪو ملڪ خداوند هنن کي ڏنو آهي؟
8
اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ائين ئي ڪيو هو، جڏهن مون کين قادشبرنيع مان انهيءَ ملڪ جي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو.
9
هو اِشڪال جي برساتي نهر تائين ويا ۽ انهيءَ ملڪ بابت احوال معلوم ڪيائون. پوءِ اتان واپس اچي بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان بيهمت ڪري ڇڏيائون جيڪو کين خداوند ڏنو هو.
10
انهيءَ ڏينهن خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو قسم کڻي چيائين تہ
11
’جيئن تہ هنن پوري دل سان منهنجي تابعداري نہ ڪئي آهي، تنهنڪري جيڪي مصر مان نڪري آيا آهن تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هوندي، سو اهو ملڪ نہ ڏسندو جنهن بابت مون ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.
12
پر رڳو يفنہ قنزيءَ جو پٽ ڪالب ۽ نون جو پٽ يشوع ئي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيندا، ڇوجو هنن مون خداوند جي دل وَ جان سان تابعداري ڪئي آهي.‘
13
سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا.
14
هاڻي وري اوهين گنهگارن جي نئين پيڙهي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جاءِ تي اٿيا آهيو، تہ جيئن خداوند بني اسرائيل تي اڃا وڌيڪ ڪاوڙجي.
15
اي روبن ۽ جد قبيلي وارؤ! ياد رکو، جيڪڏهن اوهين هن جي تابعداريءَ کان ڦرندءُ تہ هو وري بہ پوري قوم کي بيابان ۾ ڇڏي ڏيندو ۽ اوهين ئي انهن سڀني جي تباهيءَ جو سبب بڻبئُہ.“
16
تڏهن اهي موسيٰ جي ويجھو اچي چوڻ لڳا تہ ”اسين هتي پنهنجي چوپائي مال لاءِ واڙا ۽ ٻارن ٻچن لاءِ شهر ٻڌنداسين.
17
پر اسين پاڻ هٿيار ٻڌي، تيار ٿي بني اسرائيل جي اڳيان هلنداسين، جيستائين اسين هنن کي سندن جاءِ تائين نہ پهچايون. تنهن وچ ۾ اسان جا ٻار ٻچا ڪوٽن وارن شهرن ۾ رهندا، جيئن هتي جي رهاڪن کان محفوظ رهن.
18
جيستائين بني اسرائيل مان هر هڪ ماڻهو پنهنجو ورثو هٿ نہ ڪندو، تيستائين اسين پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ڪين اينداسين.
19
اسين اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر هنن سان گڏ ورثو ڪين وٺنداسين، ڇو تہ اسان جو ورثو اردن درياءَ جي هِن ڀر اوڀر طرف اسان کي ملي چڪو آهي.“
20
تڏهن موسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين ائين ڪريو جو خداوند جي آڏو هٿيار ٻڌي جنگ تي وڃو
21
۽ اوهين سڀيئي هٿياربند تيستائين اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر موجود رهو، جيستائين خداوند پنهنجي دشمنن کي اتان ڀڄائي نہ ڪڍي،
22
پوءِ جڏهن اهو ملڪ خداوند جي آڏو قبضي ٿي وڃي، تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي هتي موٽي اچو. تڏهن اوهين خداوند ۽ بني اسرائيل جي جنگي فرض کان آجا رهندا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف وارو هيءُ ملڪ خداوند جي طرفان اوهان کي ملڪيت ٿي ملندو.
23
پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ ياد رکو تہ اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا ۽ يقين ڄاڻو تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي پڪڙائيندو.
24
اوهين ڀلي پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ شهر ۽ پنهنجين رڍن ٻڪرين لاءِ واڙا ٺاهيو، پر جيڪو اوهان واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪريو.“
25
جد ۽ روبن قبيلي وارن موسيٰ کي چيو تہ ”آقا! اسين توهان جا ٻانها ائين ئي ڪنداسين جيئن اوهين فرمايو ٿا.
26
اسان جا ٻار، اسان جون زالون، اسان جو چوپايو مال ۽ اسان جا سمورا جانور هتي جِلعاد جي شهرن ۾ رهندا.
27
پر اسان توهان جي ٻانهن مان هر ڪو هٿياربند ماڻهو اوهان اسان جي آقا جي چوڻ موجب اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ جنگ تي ويندو.“
28
پوءِ موسيٰ اليعزر ڪاهن ، نون جي پٽ يشوع ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کي انهن بابت هي حڪم ڏنو تہ
29
”جيڪڏهن جد ۽ روبن قبيلي وارن مان هر ڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ اوهان سان گڏ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر جنگ تي هلي تہ جڏهن انهيءَ ملڪ تي اوهان جو قبضو ٿي وڃي، تڏهن اوهين جِلعاد جو علائقو انهن کي ملڪيت ڪري ڏجو.
30
پر جيڪڏهن اهي هٿيار ٻڌي اوهان سان گڏ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ هلن، تہ پوءِ انهن کي ڪنعان جي ئي ملڪ ۾ اوهان سان ورثو ملندو.“
31
تڏهن جد ۽ روبن قبيلي وارن جواب ڏنو تہ ”جيئن خداوند فرمايو آهي، تيئن ئي اسين توهان جا ٻانها ڪنداسين.
32
اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ پرينءَ ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ جنگ تي وينداسين پر ملڪيت اسان کي اردن درياءَ جي هِن ڀر ئي ملي.“
33
تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جا ملڪ شهرن ۽ ٻهراڙيءَ سميت جد ۽ روبن قبيلن ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.
34
پوءِ جد قبيلي وارن اتي ڪوٽن وارا هي شهر وري تعمير ڪيا: ديبون، عطارات، عروعير،
35
عطرات شوفان، يعزير، يُگبها،
36
بيتنمراہ ۽ بيتهارن. هنن پنهنجين رڍن ٻڪرين جي لاءِ واڙا پڻ ٺاهيا.
37
روبن قبيلي وارن هي شهر وري تعمير ڪيا: حشبون، العالي ۽ قريتائم،
38
نبو ۽ بعلمعون ۽ سبماہ. جيڪي شهر وري ٺاهيائون تن جا هنن نوان نالا رکيا.
39
منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جِلعاد علائقي تي وڃي قبضو ڪيو ۽ جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون.
40
سو موسيٰ جِلعاد جو علائقو منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد کي ڏنو ۽ هو اتي ئي رهڻ لڳا.
41
منسيءَ جي اولاد مان يائير چڙهائي ڪري اتي جي ڪجھہ ڳوٺن تي وڃي قبضو ڪيو ۽ انهن جو نالو ”يائير جا ڳوٺ“ رکيائين.
42
نوبح چڙهائي ڪري قنات ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن تي وڃي قبضو ڪيو. هن انهيءَ جو نالو بدلائي پنهنجي نالي جي پٺيان ”نوبح“ رکيو.
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 33 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36