bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 33
Numbers 33
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 34 →
1
جڏهن بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون جي اڳواڻيءَ ۾ قبيلن موجب مصر جي ملڪ مان نڪتا هئا، تڏهن سفر دوران
2
موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن جي مسافريءَ جي منزلن جون هي جايون لکي ڇڏيون.
3
بني اسرائيل پهرئين مهيني جي پندرهين تاريخ يعني عيد فصح کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو رعمسيس شهر مان روانا ٿيا. هو اتان سڀني مصرين جي اکين جي اڳيان وڏي دليريءَ سان نڪري هليا.
4
انهيءَ وقت مصري پنهنجا سڀ پهريتا ٻار دفن ڪري رهيا هئا، جن کي خداوند ماريو هو. خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني.
5
سو بني اسرائيل رعمسيس مان روانا ٿيا ۽ سُڪات ۾ اچي منزل ڪيائون.
6
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون، جيڪو بيابان جي حد وٽ آهي.
7
پوءِ هو اتان روانا ٿي پٺتي فيهخيروت ڏانهن موٽيا، جو بعلصفون جي اوڀر طرف آهي ۽ مجدال وٽ اچي منزل ڪيائون.
8
تڏهن هو اتان فيهخيروت مان روانا ٿيا ۽ ڳاڙهي سمنڊ مان لنگھي بيابان ۾ آيا. هنن ايتام جي بيابان ۾ ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري مارہ ۾ اچي منزل ڪئي.
9
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ ايليم ۾ منزل ڪيائون، جتي پاڻيءَ جا ٻارهن چشما ۽ کجين جا ستر وڻ هئا.
10
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڀرسان اچي منزل ڪيائون.
11
تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ سين جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون.
12
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ دفقاہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
13
هو اتان روانا ٿيا ۽ آلوش ۾ اچي منزل ڪيائون.
14
هو اتان روانا ٿيا ۽ رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون. اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.
15
تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون.
16
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ قبروتهتاواہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
17
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ اچي منزل ڪيائون.
18
تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ رتمہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
19
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ رمونفارص ۾ اچي منزل ڪيائون.
20
هو اتان روانا ٿيا ۽ لبناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
21
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ريسہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
22
تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ قهيلاٿاہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
23
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ شافر جبل وٽ اچي منزل ڪيائون.
24
هو اتان روانا ٿيا ۽ حراداہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
25
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ مقهيلوت ۾ اچي منزل ڪيائون.
26
تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ تحت ۾ اچي منزل ڪيائون.
27
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ تارح ۾ اچي منزل ڪيائون.
28
هو اتان روانا ٿيا ۽ متقاہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
29
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ حشموناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
30
تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ موسيروت ۾ اچي منزل ڪيائون.
31
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ بني يعقان ۾ اچي منزل ڪيائون.
32
هو اتان روانا ٿيا ۽ حورهجدجاد ۾ اچي منزل ڪيائون.
33
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ياطباٿاہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
34
تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ عبروناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
35
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ عصيونجابر ۾ اچي منزل ڪيائون.
36
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ قادش، جيڪو صين جي بيابان ۾ آهي، تنهن ۾ اچي منزل ڪيائون.
37
هو اتان قادش مان روانا ٿيا ۽ ادوم ملڪ جي سرحد تي هور جبل وٽ اچي منزل ڪيائون.
38
اتي هارون ڪاهن خداوند جي حڪم موجب هور جبل تي چڙهي ويو ۽ بني اسرائيل جي مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ چاليهين سال جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ تي هن اتي وفات ڪئي.
39
هور جبل تي وفات ڪرڻ وقت سندس عمر هڪ سؤ ٽيويهہ سال هئي.
40
عراد شهر جو ڪنعاني بادشاهہ جيڪو ڏکڻ ڪنعان ۾ رهندو هو تنهن بني اسرائيل جي اچڻ جو ٻڌو.
41
بني اسرائيل اتان هور جبل وٽان روانا ٿيا ۽ صلموناہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
42
وري هو اتان روانا ٿيا ۽ فونون ۾ اچي منزل ڪيائون.
43
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ اوبوت ۾ اچي منزل ڪيائون.
44
هو اتان روانا ٿيا ۽ موآب جي سرحد تي عباريم جي کنڊرات ۾ اچي منزل ڪيائون.
45
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ ديبونگد ۾ اچي منزل ڪيائون.
46
تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ علموندبلاٿايم ۾ اچي منزل ڪيائون.
47
هو اتان روانا ٿيا ۽ نبو جبل جي سامهون عباريم جي جبلن ۾ اچي منزل ڪيائون.
48
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ اردن درياءَ جي ڀرسان موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اچي منزل ڪيائون.
49
اتي موآب جي ميدان ۾ هنن اردن درياءَ سان گڏوگڏ بيتيشيموٿ کان وٺي ابيلسطيم تائين تنبو کوڙيا.
50
خداوند اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون بني اسرائيل بابت موسيٰ کي هي حڪم ڏنو تہ
51
”جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو،
52
تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي ڀڄائي ڪڍجو. انهن جون تراشيل توڙي پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو ۽ انهن جا ٽڪرن تي ٺهيل پوڄا گھر ڊاهي ڇڏجو.
53
اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهيءَ ۾ رهجو، ڇاڪاڻ تہ مون اهو ملڪ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏنو آهي.
54
اوهين اهو ملڪ پُکا وجھي پنهنجن اباڻن قبيلن موجب ورهائي کڻجو. گھڻن کي گھڻو ورثو ڏجو ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو. جنهن ماڻهوءَ جي نالي جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهيءَ کي ڏجو.
55
پر جيڪڏهن اوهين انهيءَ ملڪ جي رهاڪن کي ڀڄائي نہ ڪڍندا تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر ۽ اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊن وانگر چڀندا ۽ اهي انهيءَ ملڪ ۾ اوهان کي ستائيندا جتي اوهين رهندا.
56
سو جيڪڏهن اوهان انهن کي ڀڄائي نہ ڪڍيو تہ پوءِ آءٌ اوهان سان اهو ڪجھہ ڪندس جيڪي مون هنن سان ڪرڻ ٿي گھريو.“
← Chapter 32
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 34 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36