bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Numbers 9
Numbers 9
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 10 →
1
بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي پهرئين مهيني ۾ سينا جي بيابان ۾ خداوند موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ
2
”بني اسرائيل مقرر ڪيل وقت تي عيد فصح ملهائڻي آهي.
3
انهيءَ لاءِ هو هن مهيني جي چوڏهين تاريخ تي سج لهڻ وقت سڀني قاعدن قانونن موجب اها ملهائين.“
4
سو موسيٰ بني اسرائيل کي عيد فصح ملهائڻ لاءِ چيو.
5
تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ سج لٿي جو عيد فصح ملهائي. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.
6
پر انهن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو بہ هئا جيڪي مُڙدي کي ڇهڻ سبب ناپاڪ ٿي پيا هئا، جنهن ڪري اهي عيد فصح ملهائي نہ ٿي سگھيا. تنهنڪري هو انهيءَ ڏينهن موسيٰ ۽ هارون وٽ آيا.
7
کين اچي چيائون تہ ”اسين هڪ مُڙدي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿي پيا آهيون، پر جيڪر اسان کي بني اسرائيل جي ٻين ماڻهن سان گڏ خداوند جي لاءِ مقرر ڪيل وقت تي نذراني پيش ڪرڻ کان نہ روڪيو وڃي.“
8
موسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”اوهين ترسو جيستائين مون کي خبر پوي تہ خداوند اوهان جي باري ۾ ڪهڙو حڪم ٿو ڏئي.“
9
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
10
”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪي ماڻهو مُڙدي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿي پون، يا ڪنهن ڏورانهين مسافريءَ ۾ هجن، تہ بہ هو مون خداوند جي لاءِ عيد فصح ملهائين.
11
پر هو مقرر مهيني کان پوءِ واري مهيني جي چوڏهين تاريخ سج لٿي جو اها عيد ملهائين. انهيءَ وقت هو بيخميري مانيءَ ۽ ڪؤڙين ڀاڄين سان قربانيءَ جو گھيٽو کائين.
12
هو انهيءَ کاڌي مان ڪجھہ بہ صبح تائين نہ بچائين ۽ نہ وري گوشت مان ڪو هڏو ڀڃن. هو عيد فصح ملهائڻ وقت ان جا سمورا قاعدا بجا آڻين.
13
پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ هجي ۽ مسافريءَ ۾ بہ نہ هجي ۽ پوءِ بہ عيد فصح نہ ملهائي تہ اهڙي کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ مقرر ڪيل وقت تي هُن مون خداوند جي لاءِ نذرانو پيش نہ ڪيو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندو.
14
جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان ۾ رهندو هجي ۽ هو عيد فصح ملهائڻ گھري تہ هو انهيءَ جا سمورا قاعدا قانون بجا آڻي. سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، جهڙو بني اسرائيل لاءِ تهڙو ڌارئي لاءِ.‘“
15
جنهن ڏينهن مقدس خيمو، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، کڙو ڪيو ويو تنهن ڏينهن ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو. جڏهن تہ سانجھيءَ کان صبح تائين اهو مقدس خيمي جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو.
16
اهڙيءَ طرح هميشہ ٿيندو رهيو يعني ڏينهن جو ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان ڇانيل رهندو هو ۽ رات جو باهہ وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هو.
17
جڏهن ڪڪر خيمي تان کڄي ويندو هو تڏهن بني اسرائيل ان جي پٺيان منزل کڻي هلندا هئا ۽ جنهن جاءِ تي ڪڪر بيهندو هو انهيءَ جاءِ تي هو منزل ڪندا هئا.
18
يعني بني اسرائيل خداوند جي حڪم تي منزل کڻي هلندا هئا ۽ سندس ئي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا. جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان رهندو هو تيستائين هو اُتي منزل ڪري ويٺا هوندا هئا.
19
جڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان گھڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب ويٺا رهندا هئا ۽ اڳتي منزل کڻي ڪين هلندا هئا.
20
ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان چند ڏينهن بيهندو هو. بهرحال هو خداوند جي حڪم موجب ئي منزل ڪري ويهندا هئا ۽ انهيءَ جي ئي حڪم موجب منزل کڻي هلندا هئا.
21
ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪڪر فقط شام کان وٺي صبح تائين بيهندو هو ۽ جڏهن صبح جو ڪڪر کڄي ويندو هو تڏهن هو منزل کڻي هلندا هئا. ڏينهن جو توڙي رات جو، جنهن بہ وقت ڪڪر کڄندو هو، انهيءَ وقت هو منزل کڻي هلندا هئا.
22
جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان بيٺو هوندو هو، پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا هڪ مهينو هجي يا انهيءَ کان وڌيڪ عرصو هجي، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا ۽ روانا ڪين ٿيندا هئا. پر جڏهن اهو کڄندو هو تڏهن اهي منزل کڻي روانا ٿيندا هئا.
23
مطلب تہ خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا ۽ خداوند جي ئي حڪم تي هو منزل کڻي روانا ٿيندا هئا. خداوند جو حڪم جيڪو موسيٰ جي معرفت کين ملندو هو سو هو مڃيندا هئا.
← Chapter 8
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 10 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36