bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 1
Proverbs 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 2 →
1
هي نصيحتون دائود جي پٽ سليمان جون بيان ڪيل آهن، جيڪو بني اسرائيل جو بادشاهہ هو.
2
هنن نصيحتن مان پڙهندڙ ڏاهپ ۽ سٺي صلاح حاصل ڪندا ۽ اونهي معنيٰ واريون ڳالهيون سمجھي سگھندا.
3
اهي پڙهندڙن کي عقلمندي، ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ سان زندگي گذارڻ سيکارين ٿيون.
4
انهن مان اٻوجھہ ماڻهو هوشياري، ۽ نوجوان ڄاڻ ۽ دانائي حاصل ڪري سگھن ٿا.
5
هنن نصيحتن مان ڏاها ماڻهو وڌيڪ ڏاهپ ۽ سمجھدار ماڻهو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا،
6
انهيءَ لاءِ تہ اهي پهاڪن ۽ انهن جي ڳجھين معنائن کي ۽ ڏاهن جي چوڻين ۽ انهن جي مثالن کي سمجھي سگھن.
7
خداوند جو خوف رکو، ڇاڪاڻ تہ اها ئي سمجھہ جي شروعات آهي. جيڪي ڏاهپ ۽ سٺي تربيت حاصل ڪرڻ کان انڪار ٿا ڪن سي بيعقل آهن.
8
اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي والدين جي هدايت ۽ تربيت تي پورو ڌيان ڏيو.
9
سندن نصيحت اوهان جي عظمت ۽ شان لاءِ اوهان جي مٿي جي تاج ۽ گلي جي سهڻي هار مثل هوندي.
10
اي منهنجا ٻارؤ! اوهين بڇڙن جي ڳالهين تي نہ هلو، توڙي جو اهي اوهان کي هرکائڻ لاءِ چون تہ
11
”اسان سان گڏ هلو تہ ڪنهن جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙي ويهون، يا لڪي ويهي بيگناهہ ماڻهن کي ناحق ڦاسائڻ لاءِ ڦندو اڏيون.
12
جيتوڻيڪ اهي هينئر چڱا ڀلا ۽ صحتمند آهن، تہ بہ اسين انهن کي هميشہ جي لاءِ مئلن جي دنيا ڏانهن روانو ڪري ڇڏينداسين.
13
هنن مان اسان کي هر طرح جو قيمتي مال هٿ ايندو، ۽ اسين پنهنجا گھر لٽ جي مال سان ڀري ڇڏينداسين.
14
سو جيڪڏهن اوهين اسان جي ٽولي ۾ اچي شامل ٿيندا، تہ اسين اوهان کي بہ انهيءَ مال ۾ حصيدار بڻائينداسين.“
15
اي منهنجا ٻارؤ! اوهين اهڙي قسم جي ماڻهن سان وڃي شامل نہ ٿجو، بلڪ انهن کان پري رهجو.
16
اهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ پٺتي نہ ٿا رهن، بلڪ هو خونريزيءَ لاءِ هميشہ تيار ٿا رهن.
17
اوهين اهڙي پکيءَ وانگر ٿيو، جيڪو پنهنجي آڏو ڄار کي ڦهليل ڏسي اڇلايل داڻن کان پاڻ کي پري ٿو رکي.
18
پر اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي ٻين جي خون ڪرڻ لاءِ لڪي ٿا ويهن، سي پاڻ ڪن ٻين جو شڪار ٿيو ٿا وڃن.
19
هائو، جيڪو مال ملڪيت اهي ڏوهن مان حاصل ڪن ٿا، سا ناجائز ڪمائي ئي سندن برباديءَ جو سبب بڻجي ٿي.
20
ٻڌو، ڏاهپ وڏي واڪي گھٽين ۽ بازارن ۾ پڪاريندي ٿي وتي.
21
اها ماڻهن جي هشامن ۾ ۽ شهر جي دروازن جي ويجھو پڪاريندي ٿي وتي. هائو، جتي بہ ميڙ گڏ ٿيل آهن، تتي اها ماڻهن کي مخاطب ٿي چوي ٿي تہ
22
”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بيوقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟
23
منهنجي تنبيهہ تي ڌيان ڏيو. ڏسو، آءٌ اوهان کي عقلمنديءَ سان مالا مال ڪري ڇڏينديس ۽ اوهان کي پنهنجيون ڳالهيون سمجھائينديس.
24
آءٌ اوهان کي سڏي رهي آهيان. هائو، آءٌ اوهان کي اچڻ جي دعوت ڏيئي رهي آهيان. پر اوهين ٻڌو ئي ڪونہ ٿا، نڪي مون ڏانهن ڪو ڌيان ٿا ڏيو.
25
اٽلندو اوهين منهنجي سڀني مشورن کي خسيس ٿا سمجھو، ۽ منهنجي تنبيهہ کي ٻڌڻ گوارا ئي نہ ٿا ڪريو.
26
سو جڏهن اوهان تي ڪا مصيبت ايندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کلنديس، ۽ جنهن وقت اوهان کي دهشت وٺي ويندي تڏهن آءٌ بہ اوهان تي کل ٺٺوليون ڪنديس.
27
هائو، جڏهن دهشت اوهان مٿان طوفان جيان اچي ڪڙڪندي، ۽ مصيبت، تنگي ۽ ڏک اوهان کي خوفناڪ واچوڙي جيان اچي وڪوڙيندا،
28
تڏهن اوهين مدد لاءِ مون کي پڪاريندا، پر آءٌ اوهان کي ڪو جواب ئي ڪونہ ڏينديس. اوهين هر هنڌ مون کي ڳوليندا وتندا، پر لهي ڪين سگھندا،
29
ڇاڪاڻ تہ اوهان سمجھہ کي ڌڪاريو ۽ خداوند جو خوف رکڻ کان انڪار ڪيو.
30
اوهان منهنجي صلاح مشورو نہ مڃيو، ۽ منهنجي تنبيهہ کي خسيس ڄاتو.
31
تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڙيندا ۽ پنهنجي افعالن جي پوري پوري سزا ڀوڳيندا.
32
بيشڪ جيڪي اٻوجھہ ۽ بيعقل نصيحت کان انڪار ڪن ٿا سي ماريا ويندا ۽ سندن لاپرواهي کين برباد ڪري ڇڏيندي.
33
پر جيڪو بہ منهنجي ٻڌندو، سو صحيح سلامت رهندو ۽ انهيءَ کي ڪنهن بہ آفت جو ڪوبہ ڊپ ڪونہ رهندو.“
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31