bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 30
Proverbs 30
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 31 →
1
هي اجور ولد ياقہ جون علمي ڳالهيون آهن، جيڪي هو خدا جي باري ۾ ڪري چوي ٿو تہ ”خدا تہ آهي ئي ڪين! نہ، خدا ڪونهي! مون کي ڪا ڳالهہ سمجھہ ۾ ئي نہ ٿي اچي.
2
يقيناً آءٌ انسان نہ پر جھنگلي حيوان جيان آهيان، جنهن ۾ ڪا انساني سمجھہ بلڪل آهي ئي ڪين.
3
آءٌ ڄڻ تہ ڪا ڏاهپ سکيو ئي نہ آهيان، جو ڪنهن پاڪ هستيءَ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگھان.
4
ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.
5
خدا جو هر هڪ قول سچو ثابت ٿئي ٿو. جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا تن جي هو حفاظت ڪري ٿو.
6
جيڪي ڪجھہ هن فرمايو آهي تنهن ۾ ڪوبہ وڌاءُ نہ ڪريو، متان هو اوهان کي ڇينڀي ۽ اوهين ڪوڙا ثابت ٿيو.
7
اي خداوند! آءٌ تو کي ٻہ عرض ٿو ڪريان جيڪي منهنجي مرڻ کان اڳ تون قبول ڪر.
8
هڪڙو تہ ڪوڙ ۽ فريب کي مون کان پاسي ڪر. ٻيو تہ مون کي نہ گھڻو غريب بڻاءِ ۽ نہ گھڻو دولتمند، بس مون کي منهنجي ضرورت آهر کاڌو عطا فرماءِ.
9
انهيءَ سبب جو جيڪڏهن مون وٽ کائڻ لاءِ جھجھو هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ تو کان مُنڪر ٿيان ۽ چوان تہ ’ خداوند ڪير آهي؟‘ يا جيڪڏهن مون وٽ کاڌي لاءِ ڪجھہ بہ نہ هوندو، تہ ٿي سگھي ٿو تہ آءٌ چوري ڪريان، ۽ تنهنجي پاڪ نالي جي بيادبي ڪريان.“
10
ڪنهن بہ نوڪر جي گلا سندس مالڪ جي آڏو نہ ڪريو، ائين نہ ٿئي جو اهو نوڪر اوهان کي پٽ پاراتو ڏئي، ۽ اوهان تي ڪا مصيبت اچي پوي.
11
ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پنهنجي والدين لاءِ دعائون نہ ٿا گھرن بلڪ کين پٽ پاراتا ٿا ڏين.
12
ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي پاڪ دامن ٿا سمجھن، جڏهن تہ اهي گناهن ۾ غرق آهن.
13
ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پاڻ کي ٻين کان مٿاهون ٿا سمجھن، ۽ ٻيا ماڻهو سندن نظر ۾ خسيس آهن.
14
ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي ايترا تہ چيريندڙ ڦاڙيندڙ حيوان آهن، جو اهي غريبن ۽ بيگھر ماڻهن کي بہ ڳڙڪايو ڇڏين.
15
لالچ رت چوسيندڙ ڄوَر جي ٻن ڌيئرن مثل آهي، جن مان هر ڪا چوي ٿي تہ ”مون کي ڏي، مون کي ڏي.“ چار شيون اهڙيون آهن جيڪي ڪڏهن بہ نہ ٿيون ڍاپجن، هائو، اهي ڪڏهن بہ نہ ٿيون چون تہ ”مون ڍءُ ڪيو“:
16
هڪڙي قبر، ٻيو سنڍ زال جو پيٽ، ٽين اڃايل زمين ۽ چوٿين اهڙي ڀڙڪندڙ باهہ جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.
17
جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.
18
چار شيون اهڙيون آهن، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن. هائو، انهن بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي:
19
عقاب جو تمام اوچائيءَ تي اڏامڻ، نانگ جو ٽڪرين تي رڙهڻ، سامونڊي جهاز جو سمنڊ تي ترڻ، ۽ زال مڙس جو پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃڻ.
20
زناڪار عورت جو طريقو ڪهڙو نہ عجيب آهي. هوءَ زناڪاري تہ ڪري ٿي، پر پوءِ وهنجي سهنجي چوي ٿي تہ ”مون تہ ڪا بڇڙائي ڪئي ئي ڪونهي.“
21
چار واقعا اهڙا آهن جيڪي برداشت کان ٻاهر آهن. انهن جي ٻڌڻ سان انسان جي پيرن هيٺان زمين نڪريو وڃي:
22
غلام، جيڪو بادشاهہ بڻجيو وڃي، بيعقل، جيڪو چاهي سو ٿي وڃي،
23
نفرت جهڙي عورت، جيڪا پرڻجي وڃي، ۽ ٻانهي، جيڪا پنهنجي مالڪياڻيءَ جي جاءِ والاري.
24
چار جاندار شيون اهڙيون آهن، جيڪي ڌرتيءَ تي آهن تہ ننڍڙي ۾ ننڍڙيون، مگر وڌ ۾ وڌ عقلمند آهن:
25
هڪ ڪِئليون، جيڪي بيطاقت مخلوق آهن، مگر گرميءَ جي موسم ۾ پنهنجي لاءِ کاڌو گڏ ڪري ٿيون رکن،
26
ٻيو جابلو سها، جيڪي نهايت ڪمزور جانور آهن، مگر اهي ٽڪرين ۾ پنهنجا گھر ٿا جوڙين،
27
ٽيون ماڪڙ، جن جو ڪو بادشاهہ ڪونهي، تنهن هوندي بہ اهي ٽوليون ٽوليون ٺاهي ٻاهر ٿيون نڪرن،
28
چوٿون ڪِرڙيون، جن کي هٿن سان پڪڙي سگھجي ٿو، تڏهن بہ اهي بادشاهن جي محلاتن ۾ بہ موجود آهن.
29
چار ساهوارا اهڙا آهن، جن جو هلڻ شاندار ۽ چال سهڻي آهي.
30
ببر شينهن، جيڪو جانورن ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهي، ۽ جيڪو ڪنهن کان ڊڄي ڀڄڻ وارو ناهي،
31
آڪڙجي هلندڙ ڪڪڙ، پهاڙي ٻڪر ۽ اهو بادشاهہ، جيڪو پنهنجي لشڪر جو پاڻ سرواڻ هجي.
32
جيڪڏهن اوهين بيعقليءَ مان مغرور بڻجي ويا آهيو، ۽ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙيو تہ هاڻي جو هاڻي پاڻ کي روڪيو ۽ سوچو.
33
جيڪڏهن کير ولوڙيو ويندو تہ مکڻ حاصل ٿيندو، جيڪڏهن نڪ مروڙيو ويندو تہ انهيءَ مان رت نڪرندو. ساڳي نموني غصو ڀڙڪائڻ سان جھيڙو فساد ئي پيدا ٿيندو.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31