bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 18
Proverbs 18
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 19 →
1
ميل ميلاپ نہ رکندڙ ماڻهو رڳو پنهنجي خواهشن لاءِ سوچي ٿو، بلڪ اهو هر انهيءَ ڳالهہ کي ڌڪاري ٿو، جيڪا عام سمجھہ واري ڳالهہ آهي.
2
بيعقل ماڻهو سمجھہ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نہ ٿو رکي، اٽلندو اهو چاهي ٿو تہ رڳو سندس ڳالهيون ٻڌيون وڃن.
3
جتي بدڪاري آهي اتي خواري بہ اچيو پهچي، هائو، اتي بدناميءَ سان گڏ ملامت بہ اچيو ڪڙڪي.
4
ڪن ماڻهن جون ڳالهيون ڏاهپ واريون ٿين ٿيون، جيڪي سمنڊ جيان اونهيون ۽ وهندڙ نديءَ جيان تازيون هونديون آهن.
5
بدڪار جي طرفداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، نڪي عدالت ۾ سچار سان ناانصافي ٿيڻ گھرجي.
6
بيعقل جي ڳالهائڻ مان فتنو فساد ٿو ڦهلجي، ڄڻ تہ هو پنهنجو پاڻ مار گھري ٿو وٺي.
7
بيوقوف جي زبان سندس ئي برباديءَ جو باعث ٿي بڻجي، هائو، سندس ڳالهائڻ ئي هن جي لاءِ ڦندو ثابت ٿو ٿئي.
8
چغلخور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، جن کي هر ڪو کائڻ ٿو چاهي.
9
جيڪي ڪم ۾ سُستي ٿا ڪن، سي بربادي ڪرڻ وارن جا ڀائر آهن.
10
خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.
11
پر دولتمند ماڻهوءَ جي نظر ۾ دولت ئي سندس لاءِ مضبوط قلعو ۽ ڪوٽ وارو شهر آهي.
12
مغروري انسان کي تباهيءَ ڏانهن وٺيو وڃي، پر نماڻائي انسان کي عزت واري مقام تي ٿي پهچائي.
13
جيڪو پوري ڳالهہ ٻڌڻ کان اڳي انهيءَ جو جواب ڏئي ٿو، تنهن جي لاءِ اهو بيوقوفي ۽ بيعزتيءَ جو باعث بڻجي ٿو.
14
عزم وَ همت انسان کي بيماريءَ ۾ بہ سهارو ڏئي ٿي، مگر مايوسي انسان کان آخري اميد بہ کسيو وٺي.
15
سياڻا ماڻهو سمجھڻ جو چاهہ رکن ٿا. هائو، عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ ٿا رهن.
16
تحفو پيش ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ٿو، هائو، انهيءَ سان وڏن ماڻهن وٽ رسائي آسان ٿيو پوي.
17
عدالت ۾ جيڪو پهريائين پنهنجو بيان پيش ٿو ڪري، سو تيستائين سچو معلوم ٿئي ٿو، جيستائين سندس مخالف هن جي بيان کي ڪوڙو ثابت نہ ڪري.
18
ڪڻو وجھڻ سان جھڳڙن کي ٽاري سگھجي ٿو، ۽ طاقتورن جي وچ ۾ انهيءَ جي وسيلي فيصلو ٿئي ٿو.
19
پنهنجي ڪنهن ناراض ساٿيءَ کي پرچائڻ، ايترو ئي مشڪل آهي، جيترو ڪنهن مضبوط قلعي جي ديوار ڀڃي اندر داخل ٿيڻ. هائو، جيڪڏهن اوهين ساڻس جھيڙيندا، تہ هو بہ اوهان لاءِ پنهنجو در بند ڪري ڇڏيندو.
20
ماڻهوءَ جون ڪيل ڳالهيون ئي سندس اطمينان جو سبب بڻجن ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو جيڪي ڪجھہ چوي ٿو، تنهن جو اثر سندس ئي زندگيءَ تي پوي ٿو.
21
حياتي ۽ موت انسان جي زبان جي وس ۾ آهن، سو انسان جيڪي ڪجھہ ڳالهائي ٿو، تنهن جا نتيجا کيس ئي ڀوڳڻا پون ٿا.
22
نيڪ زال ڪنهن ڀاڳ واري کي ملي ٿي، ۽ انهيءَ ۾ خداوند جي رضامندي آهي.
23
غريب عاجزيءَ سان ٿو ڳالهائي، مگر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو.
24
گھڻا دوست اهڙا هوندا آهن، جيڪي برباديءَ جو سبب ٿا بڻجن، پر ڪو اهڙو دوست بہ هوندو آهي، جيڪو ڀائرن کان بہ وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31