bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 17
Proverbs 17
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 18 →
1
دلي سڪون سان رُکو گرهہ کائڻ اهڙي دعوت کان بهتر آهي، جنهن ۾ عمدن طعامن سان گڏ جھيڙا جھڳڙا هجن.
2
عقلمند نوڪر مالڪ جي انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو، جيڪو پيءُ جي خواريءَ جو باعث آهي. مالڪ پنهنجي انهيءَ نوڪر کي ملڪيت مان پٽن سان گڏ حصو ڏيندو.
3
سون ۽ چانديءَ کي تہ باهہ جي وسيلي پرکجي ٿو، مگر انساني دلين کي پرکڻ وارو خداوند ئي آهي.
4
بدڪار ماڻهو بڇڙائيءَ جي ڳالهين تي ڌيان ٿو ڏئي، ۽ ڪوڙو ماڻهو بدنيتيءَ جي ڳالهين تي توجھہ ٿو ڏئي.
5
جيڪي غريبن تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، سي ڄڻ تہ سندن خالق جي بيحرمتي ٿا ڪن، ۽ ٻئي جي مصيبت تي خوش ٿيڻ وارا سزا کان بچي نہ ٿا سگھن.
6
ابن ڏاڏن لاءِ سندن پوٽا ڏوهٽا فخر جو باعث آهن، ۽ اولاد جو فخر سندن والدين.
7
جيڪڏهن عمدو گفتگو بيوقوف کي نہ ٿو سونهين، تہ پوءِ ڇا ڪنهن معزز ماڻهوءَ کي ڪوڙ ڳالهائڻ سونهين ٿو؟
8
ڪن ماڻهن جي خيال ۾ رشوت جادوءَ جهڙو ڪمال ٿي ڏيکاري، ۽ اها سندن لاءِ هر هنڌ ڪاميابيءَ جو باعث آهي.
9
جيڪي دوست جو قصور معاف ٿا ڪن، سي محبت وڌائين ٿا. پر جيڪي قصور جي شڪايت بار بار پيا ڪن، سي پنهنجي گھاٽي دوست کي بہ پاڻ کان جدا ڪيو ڇڏين.
10
عقلمند ماڻهوءَ تي هڪڙي ڇڙٻ بہ اهڙو اثر ٿي ڪري، جهڙو ڪنهن بيعقل تي سؤ چهبڪ بہ نہ ٿا ڪن.
11
بدڪار ماڻهو هميشہ فساد چاهيندا ٿا وتن، تنهنڪري کين سخت سزا ڏيڻ لاءِ بيرحم ماڻهو مٿن اچي ڪڙڪن ٿا.
12
جنهن رڇڻيءَ جا ٻچا چورايا ويا هجن سا خطرناڪ ٿئي ٿي، مگر تنهن کان وڌيڪ خطرناڪ اهو بيعقل ماڻهو آهي، جيڪو بيوقوفيءَ وارو ڪم ٿو ڪري.
13
جيڪو چڱائيءَ جي بدلي ۾ بڇڙائي ٿو ڪري، تنهن جي گھر مان مصيبت ڪڏهن نہ ويندي.
14
جھيڙي جي شروعات ائين آهي، جيئن ڪنهن درياءَ ۾ روڻ پئجي وڃي. تنهنڪري جھڳڙي ٿيڻ کان اڳ ئي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.
15
جيڪي بدڪار کي سچار ٿا قرار ڏين، يا جيڪي سچار کي بدڪار ٿا قرار ڏين، تن سڀني کان خداوند کي نفرت آهي.
16
جيتوڻيڪ ڏاهپ تہ موجود آهي، تہ بہ بيعقل دولتمند اها خريد ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن کي ڪا سمجھہ ئي ڪانهي.
17
دوست بيشڪ پنهنجي دوستي نڀائي ٿو، مگر ڀاءُڀيڻ تہ پيدا ئي مصيبت ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ آهن.
18
قرضيءَ جو ضامن پوڻ بيعقلي آهي.
19
جيڪو بدڪاريءَ کي پسند ٿو ڪري سو جھيڙي جھڳڙي کي دعوت ٿو ڏئي، ۽ مغروريءَ سان ڳالهائيندڙ پنهنجي برباديءَ کي دعوت ٿو ڏئي.
20
بڇڙائيءَ واري سوچ رکندڙ کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي، ۽ ڪوڙو ماڻهو مصيبت ۾ ڦاسيو وڃي.
21
جن والدين جا ٻار بيعقل آهن، تن کي رڳو تڪليف ۽ ڏک ٿو ملي.
22
خوشيءَ جهڙي ڪا دوا ناهي، ۽ نااميديءَ جهڙي ڪا بيماري ناهي.
23
بڇڙا ماڻهو ڳجھيءَ طرح رشوت جي ڏي وٺ ڪن ٿا، تہ جيئن انصاف کي ٽوڙيو وڃي.
24
سمجھدار ماڻهو ڏاهپ حاصل ڪري ٿو وٺي، مگر بيوقوف جا خيال هيڏانهن هوڏانهن پيا ڀٽڪن.
25
بيوقوف اولاد پنهنجي والدين لاءِ ڏک ۽ رنج جو باعث آهن.
26
بيگناهہ کي سزا ڏيڻ، ۽ شريف کي ناحق چهبڪ هڻڻ چڱو نہ آهي.
27
جنهن وٽ ڄاڻ آهي سو ٿورو ٿو ڳالهائي، هائو، سمجھہ وارو ماڻهو سنجيدو ٿئي ٿو.
28
بيعقل جڏهن ماٺ رهي ٿو تڏهن ڏاهو شمار ڪيو وڃي ٿو. هائو، جيڪو پنهنجا چپ بند ٿو رکي، سو سياڻو سمجھيو ٿو وڃي.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31