bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 22
Proverbs 22
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 23 →
1
نيڪ نامي بيانتها خزاني کان، هائو، عزت سون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي.
2
شاهوڪار توڙي غريب ٻيئي هڪجهڙا انسان آهن، انهن ٻنهي جو خالق خداوند آهي.
3
سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بيسمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.
4
نماڻائيءَ ۽ خداوند جي فرمانبرداريءَ جو اجر دولت، عزت ۽ ڊگھي ڄمار آهي.
5
بڇڙي ماڻهوءَ جي راهہ ۾ ڪنڊا ۽ ڦندا ٿا ٿين، مگر جنهن کي پنهنجي زندگيءَ سان پيار آهي، سو انهن رستن کان پري ٿو رهي.
6
ننڍپڻ کان ئي سڌي رستي تي هلڻ سيکاريو وڃي، تہ اهي پوڙهائپ ۾ بہ انهيءَ رستي کان نہ ڦرندا.
7
شاهوڪار ماڻهو غريب تي حڪمراني ٿو ڪري، ساڳيءَ طرح قرض وٺڻ وارو قرض ڏيڻ واري جو غلام ٿو ٿئي.
8
جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو، ۽ سندس قهر واري لٺ ٽوڙي ويندي.
9
جيڪو سخي آهي ۽ پنهنجي کاڌي مان غريبن کي ڏئي ٿو، تنهن کي خداوند برڪت عطا ٿو ڪري.
10
ٻين تي ٺٺولي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍو تہ جھيڙو ٽري ويندو، هائو، جھيڙو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندي.
11
جنهن جي دل پاڪ صاف آهي ۽ نماڻائيءَ سان ڳالهائي ٿو، سو بادشاهہ کي پسند آهي.
12
خداوند هر سچ جي حفاظت ٿو ڪري، مگر هو ڪوڙ ۽ دغابازيءَ کي رد ڪريو ڇڏي.
13
سُست ماڻهو ڪم کان نٽائيندي چون ٿا تہ ”ٻاهر گھٽين ۾ تہ شينهن ويٺو آهي، جيڪو مون کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو.“
14
بدڪار عورت جون ڳالهيون اونهيءَ کڏ مثل آهن، جنهن تي خداوند جو ڏمر آهي سو ئي انهيءَ ۾ وڃي ڪري ٿو.
15
هر ٻار شروع ۾ ناسمجھہ هوندو آهي، مگر سيکت ئي ٻار کي سمجھدار بڻايو ڇڏي.
16
جيڪو پنهنجي لالچ جي ڪري دولتمند کي تحفا ٿو ڏئي، يا وري پنهنجي فائدي واسطي غريب تي ظلم ٿو ڪري، سو ضرور ڪنگال ٿو ٿئي.
17
پنهنجو ڪن ڏيئي ڏاهن ماڻهن جا قول ٻڌو. هائو، منهنجي نصيحت کي پنهنجيءَ دل ۾ هنڊايو،
18
ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي. اوهين اهي قول چڱيءَ طرح ياد رکو تہ جيئن ڪنهن کي هڪدم ٻڌائي سگھو.
19
اهي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند تي توڪل رکو.
20
ڏسو، مون اوهان لاءِ نصيحت ۽ ڄاڻ وارا ٽيهہ قول لکيا آهن،
21
انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي سچائيءَ وارين ڳالهين جي حقيقت معلوم ٿئي تہ جيئن جن اوهان کي موڪليو آهي تن کي وڃي چڱيءَ طرح جواب ٻڌائي سگھو.
22
ڪنهن غريب جي مجبوري ڏسي کيس نہ ڦريو، نڪي ڪنهن مسڪين سان عدالت ۾ ناانصافي ڪري ساڻس ظلم ڪريو.
23
ياد رکو، خداوند سندس طرفداري ڪندو، ۽ جيڪي هن کي ڦُرين ٿا تن جون حياتيون ڦُري وٺندو.
24
جيڪي غصيلا آهن تن سان دوستي نہ رکو، بلڪ انهن سان گڏ بہ نہ گھمو.
25
انهيءَ لاءِ تہ متان اوهين بہ انهن جهڙا ٿي پئو، ۽ پنهنجيءَ جان کي ڦندي ۾ ڦاسايو.
26
ٻين جي قرضن جا ضامن نہ پئو.
27
پوءِ جيڪڏهن قرض چڪائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪجھہ نہ هوندو، تہ اوهان جي سمهڻ وارو بسترو بہ اوهان کان کسجي ويندو.
28
اوهان جي موروثي زمينن جي حدن جي نشانن کي هيڏي هوڏي نہ سوريو، جيڪي نشان اوهان جي ابن ڏاڏن جا مقرر ڪيل آهن.
29
مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31