bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 24
Proverbs 24
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 25 →
1
اوهين بدڪار ماڻهن تي ريس نہ ڪريو، نڪي انهن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪريو.
2
انهيءَ سبب جو سندن دلين ۾ ظلم وَ زبردستي ڪرڻ جا خيال پيا ڦرن، ۽ سندن زبانن تي جھيڙي فساد ڦهلائڻ جون ڳالهيون ٿيون رهن.
3
ڏاهپ جي وسيلي گھر جوڙي سگھجي ٿو، ۽ سمجھہ جي وسيلي اهو قائم رهي ٿو سگھي.
4
ڄاڻ جي وسيلي ئي هر طرح جي قيمتي ۽ خوبصورت شين سان گھر جون ڪوٺيون ڀري ٿيون سگھجن.
5
ڏاهو ماڻهو ئي ڪامياب ٿئي ٿو، بلڪ ڄاڻ وارو ماڻهو ڏاهپ جي ڪري وڌندو رهي ٿو.
6
جنگيون بہ ڏاهپ سان کٽي سگھجن ٿيون. هائو، صلاح مصلحت سان ئي فتح حاصل ٿئي ٿي.
7
ڏاهپ واريون ڳالهيون بيوقوفن جي سمجھہ کان گھڻو مٿي آهن. اهم معاملن بابت صلاح مشوري وقت هو ڪا سٺي صلاح نہ ٿا ڏيئي سگھن.
8
جيڪو هميشہ بڇڙائيءَ واريون رٿون پيو رٿي، تنهن کي فسادي ماڻهو سڏيو ٿو وڃي.
9
بيعقل ماڻهوءَ جي رٿن ۾ بہ گناهہ شامل رهي ٿو. ماڻهو اهڙي شخص کان نفرت ٿا ڪن، جيڪو ٻين تي ٺٺوليون ڪندو ٿو رهي.
10
اهو ماڻهو ڪمزور ليکيو وڃي ٿو، جيڪو مصيبت جي وقت ڪمزور ٿيو پوي.
11
جن کي ناحق موت جي سزا لاءِ نيو ٿو وڃي تن کي ڇڏايو. هائو، جيڪي ناحق ڦاسيءَ چاڙهڻ لاءِ گهليا ٿا وڃن، تن کي بچايو.
12
ائين نہ چئو تہ ”منهنجو انهيءَ سان ڪو واسطو نہ آهي.“ انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي ذهن کي پرکي ٿو. هو اسان مان هر هڪ تي نظر رکي ٿو، ۽ اسان جي خيالن کان چڱيءَ طرح واقف آهي. خدا هر ڪنهن کي سندس عملن مطابق ئي بدلو ڏيندو.
13
اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ماکيءَ مثل مٺي آهي، جيئن ماکي کائڻ ۾ مزيدار آهي، ۽ ماناري مان ٽمندڙ ماکي ڪيڏي نہ مٺي ٿي لڳي، تيئن يقين ڄاڻو تہ ڏاهپ بہ اوهان جي حياتيءَ لاءِ ماکيءَ مثل مٺي آهي. جيڪڏهن اها اوهان کي حاصل ٿي ويئي، تہ اوهان جو مستقبل روشن ٿي ويندو.
15
انهن بدڪار ماڻهن وانگر نہ ٿيو، جيڪي ڪنهن ايماندار ماڻهوءَ کي لٽڻ ڦرڻ جا منصوبا ٿا جوڙين، ۽ انهيءَ جي ڪٽنب وارن کي نقصان ٿا پهچائين.
16
توڙي جو ايماندار ماڻهو بار بار ڪِري پوي، تہ بہ هو وري اُٿي کڙو ٿيندو. مگر جڏهن بدڪار ماڻهن تي آفت اچيو ڪڙڪي، تڏهن اهي منهن ڀر وڃيو ڪرن.
17
جڏهن اوهان جا دشمن مصيبت ۾ پون، تڏهن اوهين خوشيون نہ ڪريو. هائو، جڏهن اهي ٺوڪر کائي ڪري پون، تڏهن اوهين خوشيون نہ ملهايو،
18
متان خداوند اهو ڏسي ناراض ٿي پوي، ۽ اوهان جي دشمنن کي سزا نہ ڏئي.
19
بدڪار ماڻهن جي ڪري اوهين خفي نہ ٿيو، نڪي انهن تي ريس ڪريو.
20
انهيءَ سبب جو بدڪارن لاءِ آخرت ۾ ڪوبہ اجر ڪونهي، هائو، سندن اميدن جو ڏيئو اجھايو ويندو.
21
اي منهنجا ٻارؤ! خداوند جو خوف ۽ پنهنجي بادشاهہ جي تعظيم ڪندا رهو، ۽ نافرمان ماڻهن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو،
22
ڇاڪاڻ تہ خداوند يا بادشاهہ انهن مٿان اوچتو ئي مصيبت آڻيندو. هائو، ڪنهن کي ڪا خبر ئي نہ آهي تہ مٿن ڪيڏي نہ مصيبت اچي ڪڙڪندي.
23
ڏاهن جا وڌيڪ قول هي بہ آهن. انصاف ڪرڻ وقت ڪنهن جي بہ طرفداري ڪرڻ نہ گھرجي.
24
جيڪڏهن ڪو ڏوهاريءَ کي بيڏوهي قرار ٿو ڏئي، تہ سڀيئي ماڻهو انهيءَ کان نفرت ڪندا ۽ کيس ملامت ڪندا.
25
مگر جيڪو ڏوهاريءَ کي سزا ٿو ڏئي، تنهن کي چڱائي حاصل ٿيندي، ۽ مٿس برڪتون نازل ٿينديون.
26
حق سچ چوڻ وارو ئي سچو دوست ثابت ٿئي ٿو.
27
پهريائين ٻنيءَ ۾ هر ڪاهي ٻج پوکيو، پوءِ پنهنجو گھر ٺاهيو.
28
اوهين ڪنهن جي بہ خلاف بنا ڄاڻ جي شاهدي نہ ڏيو. هائو، عدالت کي دوکو ڏيڻ لاءِ ڪوڙ نہ ڳالهايو.
29
اهڙي موقعي تي پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئو تہ ”جيئن تہ هن اڳي منهنجو ڏوهہ ڪيو هو، تيئن آءٌ بہ ڪوڙي شاهدي ڏيئي کيس نقصان رسائيندس. هائو، آءٌ سندس ڪئي موجب بدلو ڏيندومانس.“
30
هڪ دفعي آءٌ ڪنهن سُست ۽ بيوقوف ماڻهوءَ جي ٻنيءَ وٽان لنگھيس جتي انگورن جو باغ پوکيل هو.
31
ڇا ڏسان تہ اتي هر طرف ڪانڊيرا ئي ڪانڊيرا آهن، ۽ ڊڀن ٻنيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي. ٻنيءَ جي چوڌاري جيڪا پٿرن جي ڀت هئي، سا بہ ڪري پيئي آهي.
32
جڏهن مون اهو سڀ ڏٺو تہ وڏي ويچار ۾ پئجي ويس، ۽ انهيءَ ڳالهہ مان مون سبق حاصل ڪيو تہ
33
جيڪڏهن اوهين چوندا تہ ”اڃا بہ ٿوري ننڊ، بلڪ پنڪي هڻي وٺون، ۽ ٻانهون سوڙهيون ڪري ٿورو آرام ڪري وٺون،“
34
تڏهن ياد رکو، اوهين ننڊ ۾ ئي هوندا تہ غريبي اوهان تي ڪنهن رهزن وانگر اچي ڪڙڪندي. هائو، مفلسي اوهان تي ڪنهن هٿياربند ڌاڙيل جيان اچي حملو ڪندي.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31