bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 8
Proverbs 8
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 9 →
1
اوهين سڀيئي ٻڌو، ڏاهپ هڪ عورت وانگر وڏي واڪي بيٺي سڀني کي سڏي ٿي.
2
هائو، اها چوواٽن جي وچ تي، ۽ شهر جي تمام اوچن هنڌن تي بيهي ٿي.
3
بلڪ اها شهر جي دروازن وٽ وڃي بيهي ٿي، جتان هر ڪو ماڻهو شهر ۾ داخل ٿئي ٿو. اتي اها وڏي واڪي پڪاري چوي ٿي تہ
4
”اي انسانؤ! آءٌ اوهان سڀني کي سڏيان ٿي. هائو، آءٌ هر بني آدم کي پڪاريان ٿي.
5
اي نادانؤ! اوهين دانائي سکو. اي بيوقوفؤ! اوهين عقلمند ٿيو.
6
ٻڌو، آءٌ اوهان کي تمام عمديون ڳالهيون ٻڌايان ٿي. آءٌ جيڪي بہ چوان ٿي سو سڀ سچ آهي.
7
بيشڪ آءٌ هميشہ سچ ئي ڳالهائيندي آهيان، ۽ ڪوڙ کان مون کي سخت نفرت آهي.
8
منهنجي هر ڳالهہ سچائيءَ واري هوندي آهي، جنهن ۾ ڪوبہ ڏنگ ڏانءُ نہ هوندو آهي.
9
جن ماڻهن کي سمجھہ آهي، تن جي نظر ۾ اهي سڀ ڳالهيون درست آهن. هائو، ڄاڻ وارن ماڻهن آڏو اهي بلڪل سچيون آهن.
10
مون کان نصيحت حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ منهنجيون ڳالهيون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهن، بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ.
11
بيشڪ آءٌ هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهيان، بلڪ اهي سڀ شيون جيڪي اوهان کي بيحد خوشي ڏين ٿيون، سي بہ مون آڏو ڪين جهڙيون آهن.
12
آءٌ ڏاهپ آهيان، ۽ سمجھہ منهنجي تمام گھاٽي سهيلي آهي. ڄاڻ ۽ دانائي منهنجي هٿ ۾ آهن.
13
خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.
14
آءٌ ماڻهن ۾ سٺي سوچ پيدا ڪريان ٿي، ۽ سٺي ڪم ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ٿي ڪريان. مون وٽ ئي سمجھہ ۽ طاقت آهي.
15
منهنجي ئي وسيلي بادشاهہ حڪومت ٿا ڪن، ۽ حاڪم انصاف سان عدالت ٿا ڪن.
16
هائو، منهنجي ئي وسيلي حاڪم توڙي امير ڌرتيءَ تي حڪمراني ٿا ڪن.
17
جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن سان آءٌ بہ محبت رکان ٿي. جيڪي دل سان منهنجي ڳولا ٿا ڪن، سي ئي مون کي حاصل ڪن ٿا.
18
آءٌ ئي انسان کي دولتمند ۽ عزتدار بڻائي ٿي سگھان. هائو، دائمي دولت ۽ سچائيءَ جو ڦل مون وٽ ئي آهي.
19
مون کان جيڪي حاصل ڪيو وڃي ٿو، سو خالص چانديءَ بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي.
20
آءٌ هميشہ سچائيءَ جي راهہ تي ۽ عدل جي رستن تي هلان ٿي،
21
انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن کي چڱيءَ طرح مالا مال ڪري ڇڏيان، ۽ سندن خزانا ڀري ڇڏيان.“
22
ڏاهپ چوي ٿي تہ ”اڳي، گھڻو اڳي جڏهن خداوند هر شيءِ کي بڻائڻ وارو هو، تڏهن هن سڀني کان اڳ ۾ مون کي پيدا ڪيو هو.
23
آءٌ ازل کان ئي وجود ۾ آندي ويئي هئس، هائو، ڌرتيءَ جي پيدا ٿيڻ کان بہ اڳ ۾.
24
آءٌ ان وقت پيدا ڪئي ويئي هئس، جڏهن اڃا وڏا سمنڊ بہ ڪين هئا، نڪي پاڻيءَ سان وهندڙ چشما ئي هئا.
25
جبلن جي قائم ٿيڻ کان بہ اڳ ۾، بلڪ ٽڪرين جي وجود ۾ اچڻ کان بہ اڳي، آءٌ پيدا ڪئي ويئي هئس.
26
ان وقت خدا اڃا نہ زمين بڻائي هئي، نڪي ٻنيون ٻارا، بلڪ زمين جي پهرين دز بہ نہ بڻائي هئائين.
27
جڏهن هن آسمان ٿي بڻايا تڏهن آءٌ اتي هئس، هائو، جڏهن هن آسمان ۽ سمنڊ جي سطح واري گھيري جو نشان ٿي لڳايو.
28
جڏهن خدا بلنديءَ تي آسمانن کي ٿي قائم ڪيو، ۽ سمنڊ کي ڀرڻ لاءِ چشما ٿي جاري ڪيا،
29
جڏهن هن سمنڊ جون حدون ٿي مقرر ڪيون، تانتہ پاڻي ڪنارن کان ٻاهر نہ وڃي، تڏهن آءٌ اتي ئي هئس. هائو، جڏهن هن ڌرتيءَ جي بنياد رکڻ لاءِ نشان ٿي ڪڍيو،
30
تڏهن آءٌ ماهر ڪاريگر وانگر ساڻس گڏ هئس. هو روز بروز مون مان خوش ٿيندو هو، ۽ آءٌ هميشہ سندس حضور ۾ خوشيون ملهائيندي هئس.
31
پوءِ جڏهن خدا هن دنيا کي آباد ڪيو، تڏهن آءٌ اهو ڏسي بيحد خوش ٿيس، بلڪ انسان کي ڏسي تہ آءٌ خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ ٿي ماپيس.“
32
ڏاهپ وڌيڪ ٿي چوي تہ ”تنهنڪري هاڻي اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ سڀاڳا آهن اهي جيڪي منهنجي رستن تي ٿا هلن.
33
منهنجيون هدايتون ڌيان سان ٻڌو، ڏاها ٿيو ۽ انهن جو انڪار نہ ڪريو.
34
سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو منهنجي ڳالهہ ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجي دروازن تي بيهي انتظار ٿو ڪري. هائو، اهو جيڪو منهنجي دروازن جي چانئٺن تي بيٺو ٿو رهي.
35
انهيءَ سبب جو جيڪو مون کي ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجي حياتي ٿو حاصل ڪري. بيشڪ اهو ئي خداوند جو فضل حاصل ڪندو.
36
پر جيڪو مون کان محروم ٿو رهي، سو پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري. هائو، جيڪي مون کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ موت سان محبت ٿا رکن.“
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31