bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 28
Proverbs 28
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 29 →
1
بدڪار ماڻهو ڊڄي ڀڄي ويندا آهن، توڙي جو کين ڪوبہ خطرو نہ هجي. مگر سچار ماڻهو شينهن وانگر دلير ٿا ٿين.
2
ملڪ اندر گھرو لڙائيءَ جي وقت تي گھڻا ئي ماڻهو بغاوت ڪندي حڪمران بڻجيو وڃن، مگر سمجھہ ۽ ڄاڻ وارو هڪڙو ئي حڪمران امن وَ سڪون بحال ڪريو وٺي.
3
غريبيءَ مان جيڪو حڪمران ٿئي ۽ پوءِ بہ غريبن تي ظلم ڪري، سو انهيءَ طوفاني برسات وانگر آهي، جيڪا فصل ۾ اناج جو داڻو ئي نہ ٿي ڇڏي.
4
جيڪي شريعت تي هلڻ ڇڏي ٿا ڏين، سي بدڪارن جي تعريف ٿا ڪن. مگر شريعت تي قائم رهڻ وارا هميشہ انهن جي مخالفت ٿا ڪن.
5
بدڪار ماڻهو ڄاڻن ئي نہ ٿا تہ انصاف جو مطلب ڇا آهي، مگر خداوند جا طالبو انهيءَ کي پوريءَ طرح ٿا سمجھن.
6
ايماندار غريب ماڻهو بيايمان دولتمند کان بهتر آهي.
7
شريعت تي عمل ڪندڙ ٻار عقلمند ٿئي ٿو، مگر جيڪو لوفرن سان سنگت ٿو رکي، سو پنهنجي والدين جي خواريءَ جو سبب ٿو بڻجي.
8
خبردار! ڳري وياج ۽ ناجائز منافعي سان پنهنجي دولت کي نہ وڌايو، ڇاڪاڻ تہ اها دولت اوهان کان کسي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي، جيڪو غريبن تي رحم ڪندڙ هوندو.
9
جيڪو خدا جي شريعت جي نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي دعائن گھرڻ کان خدا نفرت ٿو ڪري.
10
جيڪو سنئين راهہ تي هلڻ واري کي خراب رستي ڏانهن ڦيري گمراهہ ٿو ڪري، سو پنهنجي ئي کوٽيل کڏ ۾ وڃي ڪرندو. مگر جيڪي سنئين راهہ تي ثابت قدم ٿا رهن، تن کي ان جو اجر ضرور ملندو.
11
دولتمند ماڻهو پاڻ کي هميشہ ڏاهو ٿا سمجھن، مگر عقلمند توڙي جو غريب هجي تہ بہ انهن کي پرکي سگھي ٿو.
12
جڏهن ايماندار ماڻهو فتحياب ٿين ٿا، تڏهن قوم جي شان وَ شوڪت وڌي ٿي. مگر جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن.
13
جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہتائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.
14
سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو هميشہ خداوند کان ڊڄندو ٿو رهي، مگر جيڪو مغرور ۽ هٺيلو آهي سو برباديءَ کي وڃيو رسي.
15
غريبن مٿان بدڪار حڪمران ائين آهي، جيئن شڪار لاءِ بکايل بگھڙ يا ڦرندڙ رڇ.
16
بيعقل حڪمران ناجائزي ڪري وڏو ظلم ٿو ڪري. مگر جيڪو ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت ٿو ڪري، سو ڊگھي ڄمار ماڻي ٿو.
17
جيڪو خون جو ڏوهاري آهي، تنهن جي اوهين مدد نہ ڪريو. اهو جلدي وڃي قبر ۾ پوندو.
18
جيڪو سنئين راهہ تي هلي ٿو سو بچي ويندو، مگر جيڪو ڏنگي راهہ اختيار ٿو ڪري، سو اوچتو ئي اوچتو وڃي کڏ ۾ ڪرندو.
19
ٻنيءَ مان محنتي هاريءَ کي جھجھو کاڌو خوراڪ حاصل ٿئي ٿو، مگر جيڪو سُستيءَ وچان اجايو وقت ٿو وڃائي، سو هميشہ ڪنگال رهي ٿو.
20
ايماندار ماڻهن تي خدا بيانداز برڪتون نازل ڪري ٿو، مگر بيايمان ماڻهو، جيڪي جلدي دولتمند ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، سي سزا کان بچي نہ سگھندا.
21
طرفداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، مگر ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي مانيءَ ڳڀي جي رشوت تي ئي گناهہ ڪيو وجھن.
22
خودغرض ماڻهو جلدي شاهوڪار ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، پر کين خبر ئي نہ ٿي پوي تہ مفلسي مٿن ڪڙڪڻ واري آهي.
23
خوشامند ڪرڻ واري کان، سيکت لاءِ تنبيهہ ڪرڻ واري جي آخرڪار وڌيڪ تعريف ڪئي ويندي.
24
جيڪو پنهنجي والدين سان ٺڳي ٿو ڪري، ۽ سمجھي ٿو تہ اهو ڪو گناهہ ناهي، سو ڪنهن رهزن کان گھٽ نہ آهي.
25
لالچي ماڻهو جھڳڙو کڙو ڪريو ڇڏي، مگر جيڪو خداوند تي توڪل ٿو رکي سو خوشحال ٿو گذاري.
26
جيڪو رڳو پنهنجي سوچ تي ڀروسو ٿو رکي سو بيعقل آهي، مگر جيڪو عقلمندن جي راهہ تي ٿو هلي، سو سلامتيءَ ۾ رهي ٿو.
27
جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي سو ڪڏهن بہ محتاج نہ ٿيندو، مگر جيڪو سندن ضرورتن کان چشمپوشي ٿو ڪري، تنهن تي گھڻي ملامت ڪئي ويندي.
28
جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن. مگر جڏهن بدڪارن کان سچار حڪمراني کسي ٿا وٺن، تڏهن سچار ماڻهن ۾ واڌارو اچيو وڃي.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31