bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Proverbs 14
Proverbs 14
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 15 →
1
عقلمند عورت پنهنجو گھر آباد ٿي ڪري، مگر بيوقوف عورت پنهنجو گھر پاڻ برباد ڪريو ڇڏي.
2
سڌي رستي تي هلڻ وارو خدا جو فرمانبردار ٿو رهي، مگر ڏنگي رستي تي هلڻ وارو سندس نافرماني ٿو ڪري.
3
بيوقوف جو غرور منجھان ڳالهائڻ اهڙيءَ لٺ مثل آهي، جيڪا سندس ئي پٺيءَ تي ٿي وسي. مگر عقلمندن جون ڳالهيون سندن حفاظت ٿيون ڪن.
4
جتي هر ڪاهڻ لاءِ ڏاند ناهن، اتي گدام اناج کان خالي ٿا رهن، مگر ڏاندن جي هجڻ سان جھجھو اناج حاصل ڪري ٿو سگھجي.
5
ايماندار شاهد سچ ٿو ڳالهائي، مگر بيايمان شاهد ڪوڙ ئي ڪوڙ ٿو ڳالهائي.
6
ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو، ڪڏهن بہ ڏاهپ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي. مگر جنهن ماڻهوءَ کي سمجھہ آهي، سو آسانيءَ سان ڏاهپ حاصل ڪري سگھي ٿو.
7
بيوقوفن کان پري رهو، ڇاڪاڻ تہ انهن مان سکڻ لاءِ اوهان کي ڪجھہ نہ ملندو.
8
عقلمند ماڻهو پنهنجي سمجھہ سان صحيح راهہ تي هلي ٿو، مگر بيعقل ماڻهو پنهنجي نادانيءَ سان پاڻ کي دوکو ٿو رسائي.
9
بيعقل ماڻهو گناهہ ڪرڻ کان روڪڻ تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، مگر جيڪي سڌي راهہ تي ٿا هلن تن سان خدا راضي ٿو رهي.
10
هر ڪو پنهنجا ڏک سک پاڻ ئي ٿو ڄاڻي، ٻئي کي ڪنهن جي دل جي ڪهڙي خبر.
11
بدڪارن جون پڪيون جايون برباد ٿي وينديون، جڏهن تہ سچارن جون جھڳيون بہ قائم وَ دائم رهنديون.
12
ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي.
13
ڪڏهن تہ دل غمگين هئڻ باوجود کلڻو ٿو پوي، پر کلڻ کان پوءِ وري غم ياد ٿو اچي.
14
انسان جيڪي پوکيندو سو ئي لڻندو، پوءِ نيڪي پوکي چاهي بڇڙائي.
15
نادان ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساہ ٿو ڪري، مگر سياڻو ماڻهو سوچي سمجھي قدم ٿو کڻي.
16
عقلمند ماڻهو خبرداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ۽ مشڪلاتن کان پاسو ٿو ڪري. مگر بيوقوف ماڻهو بيپرواهي ڪري ٿو، ۽ هر معاملي ۾ ٽنگ اڙايو ڇڏي.
17
جذباتي ماڻهو بيوقوفي ڪريو وجھي، ۽ سازش ڪندڙن کان ماڻهو نفرت ٿا ڪن.
18
نادانيءَ جو نتيجو بيعقلي آهي، مگر دانائي سمجھہ جو تاج ٿي پهرائي.
19
بڇڙا ماڻهو چڱن جي اڳيان نيٺ ڪنڌ جھڪائيندا. هائو، بدڪار ماڻهو سچارن جي درن تي نيٺ جھڪندا.
20
سائي جا سالا بہ گھڻا، ڀينگي جو ڀيڻويو ئي نہ لڀي.
21
جيڪي غريبن تي رحم ٿا ڪن سي سڀاڳا آهن، مگر جيڪي انهن کان نفرت ٿا ڪن سي گناهہ ٿا ڪن.
22
جيڪو بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿو جوڙي سو گمراهہ آهي، مگر جيڪو هر ڪنهن جو خيرخواهہ آهي، سو سڀني لاءِ معتبر ۽ معزز آهي.
23
هر طرح جي محنت مان فائدو ٿو ملي، مگر رڳو بڪواس ڪرڻ سان محتاجيءَ کان سواءِ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ٿئي.
24
عقلمندن کي سندن ڏاهپ دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بيعقل وڌيڪ بيوقوف ٿيو وڃن.
25
سچو شاهد ماڻهوءَ جي زندگي بچائي ٿو، مگر ڪوڙو شاهد دغابازي ٿو ڪري.
26
جيڪڏهن ڪو خداوند جو خوف رکندو، تہ خداوند هن جي ۽ سندس ڪٽنب جي مضبوط پناهہگاهہ بڻبو.
27
خداوند جو خوف حياتي ڏيندڙ چشمو آهي، جنهن ڪري ماڻهو موت جي ڦندي کان بچي وڃي ٿو.
28
عوام جي گھڻائي ئي بادشاهہ جو شان آهي، باقي بنا عوام جي بادشاهہ جو ڪهڙو شان؟
29
جذباتي انسان پنهنجي بيوقوفي ظاهر ڪيو ڇڏي، مگر صبر وارو انسان نهايت عقلمند ٿئي ٿو.
30
دل جو سڪون بدن کي تندرستي ٿو بخشي، مگر حسد وَ ساڙ انسان جون هڏيون بہ ڳاريو ڇڏي.
31
جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ پنهنجي خالق جي بيحرمتي ٿو ڪري. مگر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري، سو خدا جي تعظيم ٿو ڪري.
32
بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.
33
عقلمند جي دل ۾ ڏاهپ گھر ڪريو ويهي، مگر بيعقلن جي دل ۾ انهيءَ جي ڪا ڄاڻ ئي نہ ٿي رهي.
34
سچائي قوم کي سربلند ڪري ٿي، مگر ناانصافي قوم جي لاءِ خواري ٿي آڻي.
35
بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي، جيڪو ڏاهپ سان ٿو هلي، مگر بيوقوفيءَ سان هلڻ واري تي بادشاهہ ڪاوڙجي کيس سزا ٿو ڏئي.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31